ݾُٺَي ڌراڙ رو مِثال
10
پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جڪو مِنک رڍون رَي باڙ رَي در ݾون ڪونھي جاوتو، پڻ ڪَي ٻيجَي پاݾَي باڙ ۾ ٽِپي جاوَي ھَي، تو او چور ھانَ ڌاڙيل ھَي، 2 پڻ جڪو مِنک در ݾون رڍون رَي باڙ ۾ جاوَي ھَي، تو او رڍون رو ڌراڙ ھَي۔ 3 ڌراڙ رَي ݾارُو چوڪيدار در کولَي ھَي ھانَ رڍون اُوئي رِي ٻولِي ݾُڻَي ھَي، او آپرَي رڍون نَي نون لي ھيلو ڪرَي ھَي ھانَ اُوئون نَي ٻاھر لي جاوَي ھَي۔ 4 جڏي ڌراڙ ݾجَي رڍون نَي ٻاھر لي جاوَي ھَي، تو ڌراڙ اُوئون آگھي آگھي بَي ھَي ھانَ رڍون اُوئي لاري لاري بَي ھَي، ڪيونڪہ رڍون اُوئي رِي ٻولِي اوݪکَي ھَي، 5 پڻ رڍون ڪَي ڌارئَي مِنک لاري ڪونھي بَي، پڻ اُوئي ݾون اݪگَي ناݾشَي، ڪيونڪہ او اُوئي رِي ٻولِي ڪونھي اوݪکَي۔“ 6 پرڀُو يسُوع اَي مِثال ڏي ݾمجھايو، پڻ مِنک ڪونھي ݾمجھا ڪہ اُوئي رو ڪيوَڻ رو مطلب ڪِي ھَي۔پرڀُو يسُوع رڍون رَي باڙ رو در
7 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ رڍون رَي باڙ رو در ھُون ھون۔ 8 مھَي ݾون پيل جِترا ڀِي ڪُوڙا اَگووڻ آيا، او ݾجائِي چور ھانَ ڌاڙيل ھتا، پڻ رڍون اُوئون رِي ڪونھي ݾُڻِي۔ 9 در ھُون ھون۔ جڪو ڀِي مھَي ݾون لنگھي آشَي، تو اُوئي نَي مُگتي ملشَي ھانَ او اَندر ٻاھر آوتو جاوتو ريشَي ھانَ اُوئي نَي گاݾ مِلتو ريشَي۔ 10 جڏي چور آوَي ھَي، تو رُگو چورِي ڪرڻ، مارڻ ھانَ مِٽاوڻ، پڻ ھُون اِيئي رَي ڪري آيو ھون ڪہ مِنکون نَي زندگِي ملَي ھانَ اُوئي ۾ ڪو ڀِي ڪَمِي نِي رَي۔“
پرڀُو يسُوع ݾُٺو ڌراڙ
11 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ݾُٺو ڌراڙ ھُون ھون۔ ݾُٺو ڌراڙ آپرَي رڍون رَي ݾارُو آپرِي جان ڏَي ھَي۔ 12 مزُور، نَڪو ڌراڙ ھَي نَڪو مالڪ ھَي، جڏي او بگڙ نَي آوتو ڏيکَي ھَي، تو او رڍون نَي ڇوڙي ناݾي جاوَي ھَي۔ پَڇي بگڙ، رڍون تي حملو ڪرَي ھَي ھانَ اُوئون نَي ڌار ڌار ڪري ڇوڙَي ھَي۔ 13 مزُور اِيئي رَي ڪري رڍون نَي ڇوڙي ناݾي جاوَي ھَي، ڪيونڪہ او رُگو مزُور ھَي ھانَ اُوئي نَي رڍون رِي ڪو ڀِي پرواھ ڪونھي۔ 14 ݾُٺو ڌراڙ ھُون ھون۔ جون پِتا مھنَي اوݪکَي ھَي ھانَ ھُون ڀِي پِتا نَي اوݪکون ھون، 15 اِيئي نمُونَي ھُون آپرَي رڍون نَي اوݪکون ھون ھانَ مھارَي رڍون مھنَي اوݪکَي ھَي ھانَ ھُون رڍون رَي ݾارُو آپرِي جان ڏيئون ھون۔ 16 مھارَي ٻيجَي ڀِي رڍون ھَي جڪو اِيئي باڙ رَي ڪونھي۔ ضرُور ھَي ڪہ ھُون اُوئون نَي ڀِي لي آئُون۔ او مھارو ھيلو ݾُڻشَي، پَڇي ھيڪج ڌڻ ھانَ ھيڪج ڌراڙ ھوشَي۔ 17 مھارو پِتا مھَي ݾون اِيئي رَي ڪري پريم ڪرَي ھَي، ڪيونڪہ ھُون آپرِي جان ڏيئون ھون ڪہ اُوئي نَي ڀڙي پاڇِي ليئون۔ 18 ڪو ڀِي مھارِي جان مھَي ݾون کوݾتو ڪونھي، پڻ ھُون آپرِي مرضِي ݾون او ڏيئون ھون۔ مھنَي آپرِي جان ڏيوَڻ ھانَ پاڇِي ليوَڻ رو ڀِي اِختيار ھَي۔ مھنَي اِيئون ڪرڻ رو حُڪم مھارَي پِتا ڏينو ھَي۔“ 19 جڏي يھُوديون اَي ݾُڻيو، تو اُوئون ۾ ڀڙي ڦُوٽ پڙِي۔ 20 اُوئون ۾ تموم گھڻا ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اِيئي ۾ ڀُوت ھَي ھانَ اَي ڪالھو ھَي۔ ٿي اِيئي رِي ڪيئون ݾُڻو ھو؟“ 21 اُوئون ۾ ڪئين ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”جڪَي ۾ ڀُوت ھووَي ھَي، او اھڙَي باتون ڪونھي ڪرَي۔ ڪِي ڀُوت اونڌون نَي ݾاجا ڪري ݾگھَي ھَي؟“
يھُوديون رو پرڀُو يسُوع رو اِنڪار ڪرڻ
22 ݾِياݪَي رِي مُند ھتِي ھانَ او پَرٻ آيو جڪَي نَي يروشلم شھر ۾ ايشوَر رَي ڀگتي گھر نَي پويتر ڪرڻ رِي ياد ۾ ملھايو جاوتو۔ 23 پرڀُو يسُوع ايشوَر رَي گھر ۾ سُليمون نون رَي بِرونڊَي ۾ ڦِرتو پڙيو۔ 24 اِيئي تي يھُودي اَگووڻ اُوئي رَي چوڌاري ڦِري آيا ھانَ پُوڇڻ لاگا ڪہ، ”تُو ڪترِي توڻي مھونَي شَڪ ۾ راکِي؟ جي تُو مَسيح ھَي، تو چِٽو ݾُڻا۔“ 25 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”مھَي تو ٿونَي ݾُڻايو رو، پڻ ٿي وِشواس ڪونھي ڪرتا۔ جڪو ڪوم ھُون آپرَي پِتا رِي اِختياري ݾون ڪرون ھون، اوج مھارا گواھ ھَي۔ 26 پڻ ٿي اِيئي رَي ڪري ڀروسو ڪونھي ڪرتا، ڪيونڪہ ٿي مھارَي رڍون ڪونھي ھو۔ 27 مھارَي رڍون مھارو ھيلو ݾُڻَي ھَي، ھُون اُوئون نَي اوݪکون ھون ھانَ او مھارَي لاري لاري بَي ھَي۔ 28 ھُون اُوئون نَي اَمر جيوَن ڏيئون ھون، اِيئي رَي ڪري او ڪڏي ڀِي ڪونھي مرَي ھانَ نَڪو ڪُڻ اُوئون نَي مھارَي ھاٿ ݾون کوݾَي۔ 29 مھارَي پِتا جڪَي مھنَي او رڍون ڏينَي ھَي، او ݾجون ݾون موٽو ھَي ھانَ ڪو ڀِي اُوئون نَي پِتا رَي ھاٿ ݾون کوݾَي ڪونھي۔ 30 ھُون ھانَ پِتا ھيڪج ھون۔“ 31 اَي ݾُڻي يھُودي مِنکون پرڀُو يسُوع نَي ٺُپ مارڻ رَي ݾارُو پٿر کڻيا۔ 32 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھَي ٿونرَي رُوبرو ايشوَر رَي طرفون تموم گھڻا ݾُٺا ڪوم ڪري بتايا ھَي۔ اُوئون ۾ ڪئَي ڪوم رَي ڪري ٿي مھنَي پٿر ھڻي مارڻ رَي ݾارُو ڪرو ھو؟“ 33 يھُوديون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ڪَي ݾُٺَي ڪوم رَي ڪري نا، پڻ ٿنَي اِيئي بات رَي ڪري پٿر ھڻي مارون ھون، ڪيونڪہ ٿَي ايشوَر رَي خلاف بات ڪِي ھَي ھانَ تُو اِنسون ھوئي آپنَي ايشوَر ݾمجَھي ھَي۔“ 34 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ڪِي، ٿونرِي شريعت ۾ اَي ڪونھي لِکيوڙو ڪہ،
’ھُون ڪونھ ھون ڪہ ٿي ايشوَر آݪِي ڪار ھو؟‘
35 ايشوَر شاستر ۾ اُوئون نَي اِيئون ڪھيو جڪون نَي اُوئي آپرو وچن ڏينو۔ شاستر رَي باتون ڪڏي ڀِي مِٽَي ڪونھي۔ 36 ايشوَر مھنَي چُونڊي جگت ۾ ميليو ھَي، تو پَڇي ٿي ڪيڪر ڪئي ݾگھو ھو ڪہ جڏي ھُون آپنَي اُوئي رو ڏيڪرو ڪونھ ھون، تو ھُون ايشوَر رَي خلاف بات ڪرون ھون۔ 37 جي ھُون آپرَي پِتا را بتايوڙا ڪوم ڪونھي ڪرتو، تو ٿي مھَي تي ڀروسو نِي ڪرو۔ 38 پڻ جي ھُون اُوئي را ڪوم ڪرون ھون، تو ٿي ڀلي مھَي تي ڀروسو نِي ڪرو، پڻ اُوئون ڪومون رو تو ڀروسو ڪرو جڪو ھُون ڪرون ھون ڪہ ٿونَي خبر پڙَي ھانَ ٿي ݾمجھي جائو ڪہ پِتا مھَي ۾ ھانَ ھُون پِتا ۾ ھون۔“ 39 اَي بات ݾُڻي اُوئون ھيڪ گُھمرو ڀڙي پرڀُو يسُوع نَي جھالڻ رِي ڪوشش ڪِي، پڻ او اُوئون رَي ھاٿ ݾون نڪري گيو۔
40 پَڇي پرڀُو يسُوع يردن دريا رَي پيلوڙَي پاݾَي جائي اُوئي جگھا تي رھيو، جيٿ يُوحنا پيل پويتر سِنون ڏيتو۔ 41 اوٿ تموم گھڻا مِنک اُوئي ڪڍي آيا ھانَ آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”يُوحنا آپ تو ڪو ڀِي پرچو ڪونھي بتايو، پڻ جڪو ڪئين اُوئي پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ ڪھيو ھتو، او ݾاچِي بات ھَي۔“ 42 پَڇي اوٿ تموم گھڻَي مِنکون پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو۔