پرڀُو يسُوع رو جنم رَي اونڌَي نَي ݾاجو ڪرڻ
9
ھيڪ ڏِن پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون ڀيڙو جاوتو پڙيو، تو اُوئي ھيڪَي مِنک نَي ڏيٺو جڪو جنم رو اونڌو ھتو۔ 2 اُوئي رَي چيلون اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”گُرو جِي، اَي ڪيرَي پاپ رَي ڪري جنم ݾون اونڌو جايو ھَي، ڪِي اِيئي رَي جون اِيئي رَي ما ٻاپ رَي ڪري؟“ 3 پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”نَڪو اِيئي پاپ ڪيئو ھتو، نَڪو اِيئي رَي ما ٻاپ۔ اَي اِيئي رَي ڪري ھويو ڪہ اِيئي ݾون ايشوَر را ڪوم پَڌرا ھووَي۔ 4 جترِي توڻي ڏِن ھَي اُترِي توڻي آپي اُوئي را ڪوم ڪرشون، جڪَي مھنَي ميليو ھَي، ڪيونڪہ جڏي رات آشَي، تو اُوئي ۾ ڪو ڀِي ڪوم ڪري ڪونھي ݾگھَي۔ 5 جترِي توڻي ھُون جگت ۾ ھون، ھُون جگت رو اُجاݪو ھون۔“ 6 اَي ڪئي پرڀُو يسُوع زمين تي ٿُوڪيو ھانَ ٿُوڪ ݾون مٽِي گيلِي ڪري اونڌَي رَي اونکيون تي لگائِي۔ 7 پَڇي اُوئي اونڌَي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو جائي شيلُوخ تلا ۾ آپرو مونڏو ڌو۔“ شيلُوخ رو مطلب ھَي ”ميليوڙو۔“ پَڇي او اونڌو گيو ھانَ جائي تلا ۾ آپرو مونڏو ڌويو ھانَ جوتو جوتو آپرَي گھري پاڇو گيو۔8 پَڇي جڏي گون آݪون ھانَ جڪَي مِنکون پيل اُوئي نَي پِنتو ڏيٺو ھتو، آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ڪِي اَي اوج ڪونھي جڪو ايٿ پِنتو؟“ 9 ڪئينڪہ مِنکون ڪھيو ڪہ، ”اَي اوج ھَي۔“ پڻ ڪئينڪہ مِنکون ڪھيو ڪہ، ”نا، اَي اُوئي جھڙو ڪو ٻيجو ھَي۔“ اِيئي تي اُوئي آپ ڪھيو ڪہ، ”ھُون اوج ھون۔“ 10 تو اُوئون پُوڇو ڪہ، ”تو پَڇي تُو ڪيڪر ڏيکَي ھَي؟“ 11 اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”او مِنک جڪَي رو نون يسُوع ھَي، مٽِي گيلِي ڪري مھارَي اونکيون تي لگائِي ھانَ ڪھيو ڪہ، ’ھمَي جا ھانَ شيلُوخ تلا ۾ آپرو مونڏو ڌو۔‘ پَڇي ھُون گيو ھانَ جائي آپرو مونڏو ڌويو، تو ھُون جوئڻ لاگو۔“ 12 پَڇي اُوئون پُوڇو ڪہ، ”او ڪيٿ ھَي؟“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”مھنَي خبر ڪونھي۔“
13 پَڇي او مِنک جڪو پيل اونڌو ھتو، اُوئي نَي فريسي مِنکون ڪڍي لي گيا۔ 14 جڪَي ڏِن پرڀُو يسُوع مٽِي گيلِي ڪري اُوئي رَي اونکَي ݾاجَي ڪيئَي ھتَي، او پويتر ڏِن ھتو۔ 15 پَڇي فريسيون ڀِي اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿارَي اونکَي ڪيڪر ݾاجَي ھوئَي؟“ اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”پرڀُو يسُوع گيلِي مٽِي مھارَي اونکيون تي لگائِي، پَڇي مھَي آپرو مونڏو ڌويو ھانَ ھمَي ھُون ڏيکون ھون۔“ 16 اِيئي تي ڪئينڪہ فريسيون ڪھيو ڪہ، ”او مِنک ايشوَر رَي طرفون ڪونھي آيوڙو، ڪيونڪہ او پويتر ڏِن نَي ڪونھي منتو۔“ پڻ ڪئينڪہ مِنکون ڪھيو ڪہ، ”ڪو ڀِي پاپي مِنک اھڙا پرچا ڪيڪر ڪري ݾگھَي ھَي؟“ اِيئي نمُونَي اُوئون ۾ ڦُوٽ پڙِي۔ 17 فريسيون ھيڪ گُھمرو ڀڙي اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”جڪَي ٿارَي اونکَي کولئَي ھَي، تُو اُوئي رَي بارَي ۾ ڪِي ڪَي ھَي؟“ اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”او نبِي ھَي۔“ 18 پڻ يھُودي اَگووڻون نَي ڀروسو ڪونھي ھويو ڪہ او اونڌو ھتو ھانَ ھمَي ڏيکَي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون، اُوئي رَي ما ٻاپ نَي اَڻايا۔ 19 پَڇي اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي اَي ٿونرو ڏيڪرو ھَي؟ ڪِي اَي جنم ݾون اونڌو ھتو؟ تو ھمَي اَي ڪيڪر ڏيکَي ھَي؟“ 20 اُوئي رَي ما ٻاپ بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھاوي، اَي مھورو ڏيڪرو ھَي ھانَ اَي جنم ݾون اونڌو ھتو۔ 21 پڻ مھونَي خبر ڪونھي ڪہ ھمَي اَي ڪيڪر ڏيکَي ھَي ھانَ ڪَي اِيئي رَي اونکَي کولئَي ھَي۔ ٿي آپ اِيئي ݾون پُوڇو، ڪيونڪہ اَي موٽو ھَي ھانَ ھاڦي ݾُڻاشَي۔“ 22 اُوئي را ما ٻاپ يھُودي اَگووڻون ݾون ٻيئاجتا، اِيئي رَي ڪري اُوئون اِيئون ڪھيو، ڪيونڪہ يھُودي اَگووڻ پيل آپت ۾ اَي فيصلو ڪري ٻيٺا ھتا ڪہ جڪو ڀِي پرڀُو يسُوع نَي مَسيح ڪشَي، تو اُوئي نَي ڀگتي گھر ݾون ڪاڍيو جاشَي۔ 23 اِيئي رَي ڪري اُوئي رَي ما ٻاپ ڪھيو ڪہ، ”ٿي آپ اُوئي ݾون پُوڇو، ڪيونڪہ او آپ موٽو ھَي۔“
24 اُوئون ھيڪ گُھمرو ڀڙي اُوئي مِنک نَي ھيلو ڪرايو جڪو پيل اونڌو ھتو ھانَ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو ايشوَر رَي ݾومھو ݾونݾ لي ݾاچِي ݾُڻا۔ مھونَي خبر ھَي ڪہ جڪَي ٿنَي ݾاجو ڪيئو ھَي، او مِنک پاپي ھَي۔“ 25 اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”مھنَي خبر ڪونھي ڪہ او پاپي ھَي جون نا، پڻ مھنَي رُگو اترِي خبر ھَي ڪہ ھُون پيل اونڌو ھتو ھانَ ھمَي ڏيکون ھون۔“ 26 اِيئي تي اُوئون پُوڇو ڪہ، ”اُوئي ٿارَي ڪِي ڪيئو ھانَ ڪيڪر ٿارَي اونکَي کولئَي؟“ 27 اُوئي، اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”مھَي ٿونَي پيل ݾُڻايو رو، پڻ ٿون ڪونھي ݾُڻيو۔ ٿي گھڙِي گھڙِي ڪيئون پُوڇو ھو؟ ڪِي ٿي ڀِي اُوئي را چيلا ھوشو؟“ 28 او اُوئي نَي گھٽ وڌ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”تُوج اُوئي رو چيلو ھَي، مھي تو مُوسيٰ را چيلا ھون۔ 29 مھونَي خبر ھَي ڪہ ايشوَر مُوسيٰ ݾون باتون ڪيئَي، پڻ اِيئي مِنک رَي بارَي ۾ مھونَي ڪو ڀِي خبر ڪونھي ڪہ اَي ڪيٿ ݾون آيو ھَي۔“ 30 اِيئي تي اُوئي مِنک بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”واھ، اَي تو حيرت آݪِي بات ھَي۔ اُوئي مھارَي اونکَي کولئَي، تو ڀِي ٿونَي خبر ڪونھي ڪہ او ڪيٿ ݾون آيو ھَي۔ 31 مھونَي خبر ھَي ڪہ ايشوَر پاپي مِنک رِي ڪونھي ݾُڻَي، پڻ اُوئي رِي ݾُڻَي ھَي جڪو ايشوَر تي وِشواس راکَي ھَي ھانَ اُوئي رِي مرضِي تي بَي ھَي۔ 32 جگت رَي شرُوع ݾون لي ھڻون توڻي ڪڏي ڀِي ݾُڻڻ ۾ ڪونھي آيو ڪہ ڪَي جنم رَي اونڌَي رَي اونکَي کولئَي ھووَي؟ 33 جي اَي مِنک ايشوَر رَي طرفون نِي ھويو ھووَنت، تو اِيئون ڪڏي ڀِي ڪونھي ڪرون تو۔“ 34 اُوئون ڪھيو ڪہ، ”تُو، تو جنم ݾون پاپي ھَي ھانَ ھمَي تُو مھونَي ڪِي ݾيکائِي۔“ پَڇي اُوئون، اُوئي نَي جھالي ٻاھر ڪاڍي ڇوڙيو۔
35 جڏي پرڀُو يسُوع ݾُڻيو ڪہ اُوئون، اُوئي نَي ٻاھر ڪاڍيو ھَي، تو اُوئي نَي جوئي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ٿارو مُنش پُتر تي وِشواس ھَي؟“ 36 اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”اي پرڀُو، او ڪُڻ ھَي جڪَي تي ھُون وِشواس راکون؟“ 37 پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿَي پيل ڀِي اُوئي نَي ڏيٺو ھَي ھانَ او ھُون ھون جڪو ٿَي ݾون ٻولون پڙيو۔“ 38 اِيئي تي اُوئي ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، ھُون وِشواس راکون ھون۔“ اَي ڪئي اُوئي آپرا گوڏا کوڙي پرڀُو يسُوع آگھي شيش نِمايو۔ 39 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون دُنيا ۾ اِنصاف ڪرڻ آيو ھون ڪہ جڪو اونڌا ھَي، او ڏيکَي ھانَ جڪو ڏيکَي ھَي، او اونڌا ھوئي جاوَي۔“ 40 ڪئينڪہ فريسي مِنک جڪو اوٿ ھتا، پرڀُو يسُوع رَي باتون ݾُڻي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي مھي ڀِي اونڌا ھون؟“ 41 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ٿي اونڌا ھويا ھووَنت، تو ٿي ڏوھي ڪونھي ھويا ھووَنت، پڻ ھمَي ٿي آپ ڪو ھو ڪہ، ’مھي ڏيکون ھون۔‘ اِيئي رَي ڪري ٿي اَڃون توڻي ڏوھي ھو۔“