8
پڻ پرڀُو يسُوع زيتُون رَي جبل ڏيݾا گيو۔ 2 ٻيجَي ڏِن ݾاڪݪي تارھي او ايشوَر رَي گھر ۾ پاڇو آيو۔ اوٿ ݾجائِي مِنک اُوئي ڪڍي آيا ھانَ پرڀُو يسُوع ٻيݾي اُوئون نَي ݾيکاوڻ لاگو۔ 3 پَڇي ڌرمي گُرو ھانَ فريسي مِنک، ھيڪِي لُگائِي نَي پرڀُو يسُوع ڪڍي لي آيا جڪو بُڇڙا ڪوم ڪرتَي جھليجِي ھتِي۔ اُوئون لُگائِي نَي ݾجون رَي بِچ ۾ اُڀاڙي 4 پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”گُرو جِي، اَي لُگائِي بُڇڙا ڪوم ڪرتِي جھليجِي ھَي۔ 5 شريعت ۾ مُوسيٰ آپون نَي حُڪم ڏينو ھَي ڪہ اھڙِي لُگائِي نَي پٿر ھڻي ٺُپ ماري ڇوڙو۔ ھمَي ٿي ڪِي ڪو ھو؟“ 6 اُوئون، اُوئي نَي ڦاݾاوڻ رَي ݾارُو اِيئون ڪھيو ھتو ڪہ اُوئون نَي ڪو بات لاڌَي، تو پَڇي او پرڀُو يسُوع نَي ڏوھي ڪرَي۔ پڻ پرڀُو يسُوع ھيٺو نِمي اونگڙِي ݾون زمين تي لِکڻ لاگو۔ 7 جڏي او اُوئي ݾون گھڙِي گھڙِي پُوڇتا رھيا، تو پرڀُو يسُوع اُوئون ڏيݾا جوئي ڪھيو ڪہ، ”ٿون ۾ جڪَي ڪڏي ڀِي پاپ ڪونھي ڪيئو، پيل او اِيئي لُگائِي نَي پٿر ھڻَي۔“ 8 پَڇي او ڀڙي ھيٺو نِمي زمين تي لِکڻ لاگو۔ 9 جڏي الزوم ھڻڻ آݪون اَي ݾُڻيو، تو نِنيا موٽا ݾجائِي ھيڪَي ٻيجَي لاري گِݾڪي نڪري گيا۔ اوٿ پرڀُو يسُوع ھانَ او لُگائِي اُڀا رھيا۔ 10 اِيئي تي پرڀُو يسُوع اُونچو اُٺي اُوئي لُگائِي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٻائِي، اَي مِنک ڪيئا گيا؟ ڪِي ايٿ ڪو ڀِي ڪونھي جڪو ٿنَي سزا ڏَي؟“ 11 اُوئي لُگائِي ڪھيو ڪہ، ”نا، پرڀُو، ڪو ڀِي ڪونھي۔“ پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ڀِي ٿنَي سزا ڪونھي ڏيتو۔ ھمَي جا، ڀڙي ڪڏي ڀِي پاپ نِي ڪري۔“]پرڀُو يسُوع جگت رو اُجاݪو
12 پَڇي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ݾيکائي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”جگت رو اُجاݪو ھُون ھون۔ جڪو ڀِي مھارَي لاري بَي ھَي، او ڪڏي ڀِي انڌارَي ۾ ڪونھي بَي، پڻ اُوئي نَي زندگِي رو اُجاݪو ملشَي۔“ 13 اِيئي تي فريسي مِنکون ڪھيو ڪہ، ”تُو آپرَي بارَي ۾ گواھِي ڏَي ھَي، اِيئي رَي ڪري ٿارِي گواھِي ݾاچِي ڪونھي۔“ 14 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھُون ڀلي آپرَي بارَي ۾ گواھِي ڏيئون، تو ڀِي مھارِي گواھِي ݾاچِي ھَي، ڪيونڪہ مھنَي خبر ھَي ڪہ ھُون ڪيٿ ݾون آيو ھون ھانَ ڪيئا جائين۔ پڻ ٿونَي اِيئي بات رِي خبر ڪونھي ھَي۔ 15 ٿي رُگو اِنسونِي ݾوچ ݾون فيصلا ڪرو ھو، پڻ ھُون ڪيرو ڀِي فيصلو ڪونھي ڪرتو۔ 16 جي ھُون فيصلو ڪرون، تو ڀِي مھارو فيصلو ݾاچو ھَي، ڪيونڪہ ھُون ھيکلو فيصلا ڪونھي ڪرتو، پڻ ھُون ھانَ مھارو پِتا، جڪَي مھنَي ميليو ھَي، مھي ڀيڙا ھوئي فيصلو ڪرون ھون۔ 17 ٿونرِي آپرِي شريعت ۾ ڀِي لِکيوڙو ھَي ڪہ، ’ٻيئون مِنکون رِي گواھِي ݾاچِي ھووَي ھَي۔‘ 18 ھيڪ تو ھُون ھون جڪو آپرَي بارَي ۾ گواھِي ڏيئون ھون ھانَ ٻيجو گواھ مھارو پِتا ھَي جڪَي مھنَي ميليو ھَي۔“ 19 اِيئي تي اُوئون پُوڇو ڪہ، ”ٿارو پِتا ڪيٿ ھَي؟“ پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿي نَڪو مھنَي اوݪکتا ھانَ نَڪو مھارَي پِتا نَي۔ جي ٿون مھنَي اوݪکيو ھووَنت، تو مھارَي پِتا نَي ڀِي اوݪکيو ھووَنت۔“ 20 پرڀُو يسُوع اَي باتون ايشوَر رَي گھر ۾ ݾيکاوتي بِݪا اُوئي جگھا ڪيئَي جيٿ دون رَي پيتَي راکيوڙَي ھتَي۔ اوٿ اُوئي نَي ڪَي ڀِي ڪونھي جھاليو، ڪيونڪہ اَڃون توڻي اُوئي رو ٽيم ڪونھي آيو ھتو۔
ھُون اوج ھون
21 پرڀُو يسُوع ڀڙي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون جائُون پڙيو ٿي مھنَي جوتا ريشو ھانَ ٿي آپرَي پاپون ۾ مري جاشو، ڪيونڪہ جيٿ ھُون جائُون پڙيو، ٿي اوٿ آئي ڪونھي ݾگھتا۔“ 22 اِيئي تي يھُودي اَگووڻ آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ڪِي اَي آپگھات ڪرشَي؟ جھڙَي نمُونَي اَي ڪَي پڙيو ڪہ، ’جيٿ ھُون جائُون پڙيو، اوٿ ٿي آئي ڪونھي ݾگھتا۔‘“ 23 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿي ڌرتي را ھو، پڻ ھُون آڪاش ݾون آيو ھون۔ ٿي اِيئي جگت را ھو، پڻ ھُون اِيئي جگت رو ڪونھي ھون۔ 24 اِيئي رَي ڪري مھَي ٿونَي ڪھيو ڪہ ٿي آپرَي پاپون ۾ مرشو۔ جي ٿي اِيئي بات تي وِشواس ڪونھي ڪرتا ڪہ ھُون اوج ھون، تو پَڇي ٿي ضرُور آپرَي پاپون ۾ مرشو۔“ 25 اِيئي تي اُوئون پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”تُو ڪُڻ ھَي؟“ تو پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھُون اوج ھون جڪو شرُوع ݾون ٿونَي ڪيتو آيو ھون۔ 26 مھَي ڪڍي ٿونرَي بارَي ۾ تموم گھڻَي باتون ھَي جڪو ٿون ݾون ڪرڻَي ھَي ھانَ فيصلو ڪرڻو ھَي، پڻ جڪَي مھنَي ميليو ھَي، او ݾاچو ھَي ھانَ جڪو باتون مھَي اُوئي ݾون ݾُڻئَي ھَي، رُگو اوج باتون جگت نَي ݾُڻائُون ھون۔“ 27 او ڪونھي ݾمجھا ڪہ پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ايشوَر پِتا رَي بارَي ۾ ݾُڻاوَي پڙيو۔ 28 اِيئي رَي ڪري پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڏي ٿي مھَي مُنش پُتر نَي ݾُولِي تي چاڙشو، تو ٿونَي خبر پڙشَي ڪہ ھُون اوج ھون۔ ٿونَي اَي ڀِي خبر پڙشَي ڪہ ھُون آپرَي طرفون ڪئين ڪونھي ڪرتو، پڻ جڪو باتون مھارَي پِتا مھنَي ݾِيکائَي ھَي، اوج ڪرون ھون۔ 29 جڪَي مھنَي ميليو ھَي، او مھَي ڀيڙو ھَي۔ اُوئي مھنَي ھيکلو ڪونھي ڇوڙيو، ڪيونڪہ ھُون ھميشا اوج ڪوم ڪرون ھون جڪو اُوئي نَي ڀلا لاگَي ھَي۔“ 30 پرڀُو يسُوع رَي باتون ݾُڻي تموم گھڻَي مِنکون اُوئي تي وِشواس راکيو۔
اڀراھيم را اولاد جون شيطون را
31 پَڇي جڪون يھُوديون پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو ھتو، پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ٿي مھارَي باتون تي پڪا ريشو، تو ٿي ݾاچيلي مھارا چيلا ھو۔ 32 پَڇي ٿونَي ݾاچ رِي خبر پڙشَي ھانَ ݾاچ ٿونَي آزاد ڪراشَي۔“ 33 اِيئي تي اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مھي تو اڀراھيم رِي پيڙھِي را ھون ھانَ مھي ڪڏي ڀِي ڪيرا غُلوم ڪونھي ھويا، تو پَڇي ٿي ڪيئون ڪو ھو ڪہ مھي آزاد ڪيئا جاشون؟“ 34 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جڪو ڀِي پاپ ڪرَي ھَي، تو او پاپ رو غُلوم ھَي۔ 35 غُلوم ھميشا خاندان ۾ ڪونھي ريتو، پڻ ڏيڪرو ھميشا توڻي رَي ھَي۔ 36 اِيئي رَي ڪري جي ڏيڪرو ٿونَي آزاد ڪرشَي، تو ٿي ݾاچيلي آزاد ھوئي جاشو۔ 37 مھنَي خبر ھَي ڪہ ٿي اڀراھيم رِي پيڙھِي را ھو، تو ڀِي مھنَي مارڻ رِي ڪوشش ۾ ھو، ڪيونڪہ ٿي مھارَي باتون ڪونھي منتا۔ 38 جڪو مھَي آپرَي پِتا ڪڍي ڏيٺو ھَي، اوج ݾُڻائُون ھون، پڻ ٿي او ڪوم ڪرو ھو جڪو ٿون آپرَي ٻاپ ݾون ݾُڻيا ھَي۔“ 39 اِيئي تي اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”مھورو ٻاپ تو اڀراھيم ھَي۔“ پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جي ٿي اڀراھيم رِي پيڙھِي را ھويا ھووَنت، تو ٿي اُوئي جھڙا ڪوم ڪرنت۔ 40 مھَي ٿونَي ݾاچَي باتون ݾُڻائَي ھَي جڪو مھَي ايشوَر ݾون ݾُڻئَي ھَي، پڻ ٿي مھنَي مارڻ رِي ڪوشش ڪرو ھو۔ اڀراھيم تو اھڙو ڪوم ڪونھي ڪيئو ھتو۔ 41 ٿي او ڪوم ڪرو ھو جڪو ٿونرَي ٻاپ ڪيئا ھَي۔“ اِيئي تي اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مھي تو ناجائز اولاد ڪونھي ھون۔ مھورو ھيڪج ٻاپ ھَي، او رُگو ايشوَر۔“ 42 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ايشوَر ٿونرو ٻاپ ھويو ھووَنت، تو ٿي مھَي ݾون پريم ڪرنت، ڪيونڪہ ھُون ايشوَر رَي طرفون آيو ھون۔ ھُون آپرِي مرضِي ݾون نا، پڻ ايشوَر مھنَي ميليو ھَي۔ 43 ٿي مھارَي باتون ڪيئون ڪونھي ݾمجھتا؟ ڪيونڪہ ٿونرِي مرضِي ڪونھي ڪہ ٿي مھارَي باتون ݾُڻو۔ 44 ٿي آپرَي ٻاپ شيطون ݾون ھو ھانَ آپرَي ٻاپ رِي مرضِي پُورِي ڪرڻ پسند ڪرو ھو۔ او شرُوع ݾون خُونِي ھَي ھانَ ڪڏي ڀِي ݾاچ تي ڪونھي اُڀتو، ڪيونڪہ اُوئي ۾ ݾاچ ھائِي ڪونھي۔ جڏي او ڪُوڙ ٻولَي ھَي، تو آپرِي بات ڪرَي ھَي، ڪيونڪہ او ڪُوڙو ھَي ھانَ ڪُوڙون رو ٻاپ ھَي۔ 45 پڻ ھُون تو ݾاچو ھون، اِيئي رَي ڪري ٿي مھَي تي ڀروسو ڪونھي ڪرتا۔ 46 ٿون ۾ ڪيو ھَي جڪو مھَي تي ثابت ڪرَي ڪہ ھُون پاپي ھون؟ ھُون ݾاچ ٻولون ھون، تو ڀِي ٿي مھارو ڀروسو ڪيئون ڪونھي ڪرتا؟ 47 جڪو ايشوَر رو ھَي، او ايشوَر رَي باتون ݾُڻَي ھَي، پڻ ٿي ايشوَر را ڪونھي ھو، اِيئي رَي ڪري ٿي ڪونھي ݾُڻتا۔“
پرڀُو يسُوع ھانَ اڀراھيم
48 اِيئي تي يھُوديون پرڀُو يسُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي مھي ݾاچِي ڪونھي ڪيتا ڪہ تُو سامري ھَي ھانَ ٿَي ۾ ڀُوت ھَي؟“ 49 پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”مھَي ۾ ڀُوت ڪونھي ھَي۔ ھُون تو آپرَي پِتا رِي عِزت ڪرون ھون، پڻ ٿي مھارِي بي عِزتي ڪرو ھو۔ 50 ھُون آپرِي بکوڻ ڪونھي ڪراوتو، پڻ ھيڪ ھَي جڪو مھارو اِنصاف ڪرَي ھَي ھانَ مھارِي عِزت ڪراوَي ھَي۔ 51 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جڪو ڀِي مھارَي باتون تي بَي ھَي، تو او ڪڏي ڀِي ڪونھي مرَي۔“ 52 اَي ݾُڻي يھُوديون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ھمَي مھونَي پڪ ھَي ڪہ ٿَي ۾ ڀُوت ھَي۔ اڀراھيم تو مُوئو رو ھانَ نبِي ڀِي مُوئا را، تو ڀِي تُو ڪَي ھَي ڪہ، ’جڪو ڀِي مھارَي باتون تي بَي ھَي، تو او ڪڏي ڀِي ڪونھي مرَي۔‘ 53 مھورو ڏاڏو اڀراھيم تو مُوئو رو، ڪِي تُو اُوئي ݾون ڀِي موٽو ھَي؟ نبِي ڀِي مُوئا را۔ تُو آپرو آپنَي ڪِي ݾمجَھي ھَي؟“ 54 پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جي ھُون آپرِي بکوڻ ڪرون، تو مھارِي بکوڻ ڪئين ڪونھي، پڻ جڪو مھارِي بکوڻ ڪراوَي ھَي، او مھارو پِتا ھَي جڪَي نَي ٿي ڪو ھو ڪہ، ’او مھورو ايشوَر ھَي۔‘ 55 تو ڀِي ٿون اُوئي نَي ڪونھي اوݪکيو، پڻ ھُون اُوئي نَي اوݪکون ھون۔ جي ھُون ڪونھ ڪہ ھُون اُوئي نَي ڪونھي اوݪکتو، تو ٿون آݪِي ڪار ڪُوڙو ھون، پڻ ھُون اُوئي نَي اوݪکون ھون ھانَ اُوئي رَي باتون تي بون ھون۔ 56 ٿونرو ڏاڏو اڀراھيم اِيئي اُميد تي تموم گھڻو خُوش ھتو ڪہ او مھارَي آوڻ رو ڏِن ڏيکَي ھانَ اُوئي او ڏِن ڏيٺو ھانَ تموم گھڻو خُوش ھويو۔“ 57 يھُوديون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو، اَڃون پنجاھ ݾالون رو ڀِي ڪونھي ھويو، تو پَڇي ٿَي اڀراھيم نَي ڪيڪر ڏيٺو؟“ 58 اِيئي تي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ اڀراھيم رَي جنم ݾون پيل، ھُون ھون۔“ 59 اَي بات ݾُڻي اُوئون پرڀُو يسُوع نَي مارڻ رَي ݾارُو پٿر کڻيا، پڻ پرڀُو يسُوع لِڪي ايشوَر رَي گھر ݾون ٻاھر نڪري گيو۔