پرڀُو يسُوع ھانَ اُوئي را ڀائي
7
اُوئي ݾون پَڇي پرڀُو يسُوع گليل صُوبَي ۾ ڦِرتو رھيو۔ اُوئي رو يھُوديا صُوبَي ڏيݾا جاوڻ رو ڪو ڀِي اِرادو ڪونھي ھتو، ڪيونڪہ اوٿ يھُودي اَگووڻ اُوئي نَي مارڻ رِي ڪوشش ۾ ھتا۔ 2 يھُوديون رو تنٻُوئون آݪو پَرٻ نيڙو ھتو۔ 3 تو پرڀُو يسُوع رَي ڀايون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو ايٿ ݾون نڪري يھُوديا صُوبَي ڏيݾا جا ڪہ ٿارا چيلا ڀِي او ڪوم جووَي جڪو تُو ڪرَي ھَي، 4 ڪيونڪہ اھڙو ڪو ڀِي ڪونھي جڪو مشھُور ھوئڻ رَي ݾارُو ڪرَي، پڻ او لِڪ ڇُپ ۾ ڪوم ڪرَي۔ جي ٿنَي اَي ڪوم ڪرڻا ھَي، تو آپنَي ݾجِي دُنيا ۾ ظاھر ڪر۔“ 5 اُوئي رَي ڀايون اَي اِيئي رَي ڪري ڪھيو، ڪيونڪہ او ڀِي اَڃون توڻي اُوئي تي وِشواس ڪونھي راکتا۔ 6 اِيئي تي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي جاوڻ رو ٽيم ھڻون ڪونھي آيو، پڻ ٿي ڪَي ڀِي ٽيم ۾ جائي ݾگھو ھو۔ 7 دُنيا را مِنک ٿون ݾون نفرت ڪونھي ڪرتا، پڻ مھَي ݾون نفرت ڪرَي ھَي، ڪيونڪہ ھُون اُوئون نَي ݾُڻائُون ھون ڪہ ٿونرا ڪوم بُڇڙا ھَي۔ 8 ٿي ڀلي پَرٻ تي جائو۔ ھُون اِيئي پَرٻ تي اوٿ ڪونھي ھالون، ڪيونڪہ اَڃون مھارو ٽيم ڪونھي آيو۔“ 9 اَي باتون ڪرڻ ݾون پَڇي او گليل صُوبَي ۾ رھيو۔پرڀُو يسُوع رو تنٻُوئون آݪَي پَرٻ تي جاوڻ
10 جڏي پرڀُو يسُوع را ڀائي پَرٻ رَي ݾارُو يروشلم ڏيݾا گيا، تو پَڇي پرڀُو يسُوع ڀِي اُوئون لاري اوٿ گيو، پڻ او اِيئون گيو ڪہ اُوئي رِي ڪينَي ڀِي خبر ڪونھي پڙِي۔ 11 پَرٻ تي يھُودي اَگووڻ پرڀُو يسُوع نَي جوئڻ لاگا ھانَ پُوڇا ڪرڻ لاگا ڪہ، ”او ڪيٿ ھَي؟“ 12 مِنک پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ لِڪ ڇُپ ۾ باتون ڪرتا پڙيا۔ ڪئينڪہ مِنکون ڪھيو ڪہ، ”او ڀلو مِنک ھَي۔“ پڻ ڪئينڪہ مِنکون ڪھيو ڪہ، ”نا، او مِنکون نَي برگلاوَي ھَي۔“ 13 پڻ ڪو ڀِي مِنک پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ ݾجون آگھي بات ڪونھي ڪرتو، ڪيونڪہ او يھُودي اَگووڻون ݾون ٻيئاجتا۔
14 جڏي پَرٻ را آڌا ڏِن پُورا ھويا، تو پرڀُو يسُوع ايشوَر رَي گھر ۾ گيو ھانَ مِنکون نَي ݾيکاوڻ لاگو۔ 15 اِيئي تي يھُودي اَگووڻ تموم گھڻا حيرون ھويا ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اِيئي مِنک ڪڏي ڀِي ڪَي ݾون ڪونھي ݾيکيو، تو پَڇي اِيئي ڪڍي اترِي ݾمجھ ڪيٿ ݾون آئِي؟“ 16 تو پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جڪو ھُون ݾيکائُون پڙيو، او باتون مھارَي ڪونھي، پڻ اُوئي رَي ھَي جڪَي مھنَي ميليو ھَي۔ 17 جڪو مِنک ايشوَر رِي مرضِي تي بَي، تو اُوئي نَي مھارَي ݾيکايوڙَي باتون رِي ݾمجھ آشَي ڪہ او باتون ايشوَر رَي طرفون ھَي، جون رُگو ھُون آپرَي طرفون ڪونھ ھون۔ 18 جڪو مِنک آپرَي طرفون ڪئين ڪَي ھَي، تو او آپرِي عِزت رَي ݾارُو ڪرَي ھَي، پڻ جڪو اَي ݾوچَي ھَي ڪہ آپرَي ميلڻ آݪَي رِي عِزت ھووَي، تو او ݾاچو ھَي ھانَ اُوئي ۾ ڪو ڀِي ڪُوڙ ڪونھي۔ 19 ڪِي مُوسيٰ ٿونَي شريعت ڪونھي ڏينِي؟ پڻ ٿون ۾ ڪو ڀِي اُوئي تي ڪونھي بيتو۔ ٿي مھنَي مارڻ رِي ڪوشش ڪيئون ڪرو ھو؟“ 20 اِيئي تي مِنکون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿَي ۾ ڀُوت ھَي۔ ڪُڻ ٿنَي مارڻ رِي ڪوشش ۾ ھَي؟“ 21 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”مھَي ھيڪ ڪوم ڪيئو ھانَ ٿي ݾجائِي حيرون ھويا ھو۔ 22 مُوسيٰ تو ٿونَي کَتنو ڪراوڻ رو حُڪم ڏينو ھتو، پڻ او حُڪم مُوسيٰ رَي طرفون نا، پڻ ٿونرَي ٻاپ ڏاڏون ݾون بيتو آوَي پڙيو ھانَ ٿي پويتر ڏِن رو آپرَي ڏيڪرون را کَتنا ڪرائو ھو۔ 23 ھمَي جي پويتر ڏِن رو ڪَي ڇوڪرَي رو کَتنو ڪيئو جاوَي ھَي ڪہ مُوسيٰ رِي شريعت پُورِي ھووَي، تو پَڇي ٿي مھَي تي ڪيئون ريݾ ڪرو ھو ڪہ مھَي پويتر ڏِن رو ھيڪَي مِنک نَي ݾاجو ڪيئو ھَي؟ 24 ٿي رُگو ظاھري باتون ڏيکي فيصلو نِي ڪرو، پڻ ݾچائي ݾون فيصلو ڪرو۔“
ڪِي پرڀُو يسُوع، مَسيح ھَي؟
25 اُوئي ٽيم يروشلم شھر را ڪئينڪہ مِنک ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ڪِي اَي اوج مِنک تو ڪونھي جڪَي نَي اَگووڻ مارڻ رِي ڪوشش ۾ ھَي؟ 26 پڻ جوئو، اَي ݾجون رَي ݾومھو کُلي ٻولَي پڙيو ھانَ ڪو ڀِي اِيئي نَي ڪئين ڪونھي ڪيتو۔ ھوئي ݾگھَي ھَي ڪہ مھورا ݾردار ݾاچيلي ݾمجھا را ڪہ اَي مَسيح ھَي۔ 27 اِيئي نَي مھي اوݪکون ھون ڪہ اَي ڪيٿ رو ھَي، پڻ جڏي مَسيح آشَي، تو ڪينَي ڀِي خبر ڪونھي پڙَي ڪہ او ڪيٿ ݾون آيو ھَي۔“
28 اُوئي ٽيم پرڀُو يسُوع ايشوَر رَي گھر ۾ ݾيکاوتو پڙيو، تو اُوئي زور ݾون ڪھيو ڪہ، ”ٿي مھنَي اوݪکو ھو ھانَ ٿونَي اَي ڀِي خبر ھَي ڪہ ھُون ڪيٿ ݾون آيو ھون، ھُون آپرِي مرضِي ݾون ڪونھي آيو، پڻ جڪَي مھنَي ميليو ھَي، او ݾاچو ھَي ھانَ ٿي اُوئي نَي ڪونھي اوݪکتا۔ 29 پڻ ھُون اُوئي نَي اوݪکون ھون، ڪيونڪہ ھُون اُوئي رَي طرفون آيوڙو ھون ھانَ اُوئي مھنَي ميليو ھَي۔“ 30 اِيئي تي مِنکون اُوئي نَي جھالڻ رِي ڪوشش ڪِي، پڻ ڪَي ڀِي اُوئي نَي ھاٿ ڪونھي لگايو، ڪيونڪہ اَڃون توڻي اُوئي رو ٽيم ڪونھي آيو ھتو۔ 31 پڻ اُوئون ݾجون مِنکون ۾ تموم گھڻَي مِنکون پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو ھانَ اِيئون ڪيتا ڪہ، ”ڪِي جڏي مَسيح آشَي، تو اِيئي ݾون ڀِي وڌيڪ پرچا بتاشَي؟“
پرڀُو يسُوع نَي جھالڻ رَي ݾارُو فوجي ميلڻ
32 جڏي فريسي مِنکون ݾُڻيو ڪہ مِنک لِڪ ڇُپ ۾ اَي ڪَي پڙيا ڪہ، ”پرڀُو يسُوع ئِي مَسيح ھَي۔“ تو اُوئون ھانَ ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون آپرا فوجي ميليا ڪہ او پرڀُو يسُوع نَي جھالي لي آوَي۔ 33 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون اَڃون ٿوڙِي دير ٿون ڀيڙو ھون ھانَ پَڇي ھُون اُوئي ڪڍي جائين جڪَي مھنَي ميليو ھَي۔ 34 ٿي مھنَي جوشو پڻ ھُون ٿونَي ڪونھي لاڌون، ڪيونڪہ جيٿ ھُون ھوئين، اوٿ ٿي آئي ڪونھي ݾگھتا۔“ 35 اِيئي تي يھُودي اَگووڻ آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اَي ڪيٿ جاشَي ڪہ آپي اِيئي نَي جوئي ڪونھي ݾگھون؟ ڪِي اَي آپڻِي يھُودي قوم رَي مِنکون ڪڍي جاشَي، جڪو ٻيجَي قومون ڀيڙا رَي ھَي ھانَ اوٿ جائي ٻيجَي قومون نَي ݾيکاشَي؟ 36 اُوئي رِي اِيئي بات رو مطلب ڪِي ھَي ڪہ، ’ٿي مھنَي جوشو، پڻ ھُون ٿونَي ڪونھي لاڌون، ڪيونڪہ جيٿ ھُون ھوئين اوٿ ٿي آئي ڪونھي ݾگھتا؟‘“
زندگِي رو پوڻي
37 پَڇي پَرٻ رِي پڇاڙِي ۾ خاص ڏِن تي پرڀُو يسُوع اُٺيو ھانَ زور ݾون ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”جي ڪو تِرݾيو ھَي، تو او مھَي ڪڍي آوَي ھانَ پيئَي۔ 38 جڪو ڀِي مھَي تي وِشواس راکَي ھَي، تو جون شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
’اُوئي ݾون زندگِي ڏيوَڻ آݪَي پوڻي رَي ندَي بيتَي ريشَي۔‘“
39 اُوئي اَي بات، پويتر آتما رَي بارَي ۾ ڪِي ھتِي، جڪو وِشواسيون نَي مِلڻ آݪو ھتو۔ اُوئون نَي اَڃون توڻي پويتر آتما ڪونھي مِليو ھتو، ڪيونڪہ ايشوَر اَڃون توڻي پرڀُو يسُوع نَي آپرِي مھما ۾ آپ ڪڍي ڪونھي اَڻايو ھتو۔
مِنکون ۾ گوڙ
40 جڏي مِنکون پرڀُو يسُوع رَي اَي باتون ݾُڻئَي، تو اُوئون ۾ ڪئين ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اَي مِنک ݾاچيلي اوج نبِي ھَي، جڪو آوڻ آݪو ھتو۔“ 41 ڪئينڪہ مِنکون اَي ڪھيو ڪہ، ”اَي مَسيح ھَي۔“ پڻ ڪئين مِنک ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”مَسيح، گليل صُوبَي ݾون ڪيڪر آئي ݾگھَي ھَي؟ 42 ڪيونڪہ شاستر ۾ اَي لِکيوڙو ھَي ڪہ،
’مَسيح دائُود بادشاھ رِي پيڙھِي ݾون
ھانَ اُوئي رَي گون بيت لحم ݾون آشَي۔‘“
43 اِيئي نمُونَي ݾجَي مِنکون ۾ گوڙ ھويو۔ 44 اُوئون ۾ ڪئينڪہ مِنک پرڀُو يسُوع نَي جھالڻ رَي ݾارُو ڪرتا، پڻ ڪَي ڀِي اُوئي نَي ھاٿ ڪونھي لگايو۔
يھُودي اَگووڻون رو پرڀُو يسُوع رو اِنڪار
45 جڏي ايشوَر رَي گھر را فوجي، ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون ھانَ فريسيون ڪڍي پاڇا آيا، تو اُوئون فوجيون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿي، يسُوع نَي ڪيئون ڪونھي جھالي آيا؟“ 46 فوجيون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ڪو ڀِي اھڙَي باتون ڪونھي ڪرتو، جھڙَي باتون او ڪرَي ھَي۔“ 47 اِيئي تي فريسيون ڪھيو ڪہ، ”ڪِي اُوئي ٿونَي ڀِي برگلايا را؟ 48 ڪِي يھُودي ݾردارون ھانَ مھون فريسيون ۾ ڪو اُوئي تي وِشواس لي آيو ھَي؟ 49 پڻ اَي اَڻ ݾمجھ جڪون نَي شريعت رِي خبر ڪونھي، او تو ايشوَر را پِٽيوڙا ھَي۔“ 50 اِيئي تي نيڪوديمس، جڪو يھُودي ݾردارون ۾ ھيڪ ھتو، او اَگي پرڀُو يسُوع ݾون مِلڻ آيو ھتو، اُوئي ڪھيو ڪہ، 51 ”ڪِي آپي شريعت تي ڪَي ڀِي مِنک رو سزا رو فيصلو ڪري ݾگھون ھون، جترِي توڻي پيل اُوئي رِي بات نِي ݾُڻون ھانَ خبر نِي پڙَي ڪہ اُوئي ڪِي ڪيئو ھَي؟“ 52 اِيئي تي اُوئون نيڪوديمس نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ڪِي تُو ڀِي گليل صُوبَي رو ھَي؟ شاستر پڙھي جو، تو ٿنَي خبر پڙشَي ڪہ ڪيٿ ڀِي اِيئون ڪونھي لِکيوڙو ڪہ گليل صُوبَي ݾون ڪو نبِي آشَي۔“
خراب لُگائِي نَي معاف ڪرڻ
53 [پَڇي ݾجائِي مِنک آپرَي آپرَي گھري بُوئا گيا،