سيموئيل رِي موت
25
پَڇي جڏي سيموئيل مري گيو، تو پَڇي ݾجائِي اِسرائيلي ڀيڙا ھوئي اُوئي رَي ݾارُو ماتم ڪيئو ھانَ اُوئي نَي راما شھر ۾ اُوئي رَي خانداني مُڪوم ۾ ٻُوريو۔ پَڇي دائُود اوٿ ݾون فاران رَي رڻ پَٽ ڏيݾا گيو۔
دائُود ھانَ نابال
‏2 پَڇي معُون علائقَي ۾ ھيڪ مِنک ريتو، جڪَي رو نون نابال ھتو، او ڪرمل علائقَي ۾ ڪاروبار ڪرتو۔ او تموم گھڻو اَمير ھتو، اُوئي ڪڍي تين ھزار رڍون ھانَ ھيڪ ھزار ٻڪرَي ھتَي۔ او ڪرمل علائقَي ۾ آپرَي رڍون رِي اُون ڪترتو پڙيو۔ ‏3 او ڪالب رَي خاندان ݾون ھتو۔ اُوئي رِي لُگائِي رو نون ابيجيل ھتو، جڪو تموم گھڻِي ݾمجھدار ھانَ ڦُوٽرِي ھتِي، پڻ نابال تموم گھڻو ريݾ آݪو ھانَ پاپي مِنک ھتو۔
‏4 پَڇي دائُود رڻ پَٽ ۾ ݾُڻيو ڪہ نابال آپرَي رڍون رِي اُون ڪترَي پڙيو، ‏5 تو دائُود آپرَي ڏَݾ مِنکون نَي اَي ڪئي ميليا ڪہ،”ٿي ڪرمل علائقَي ڏيݾا نابال ڪڍي جائو ھانَ اُوئي نَي مھارا نمسڪار ڪري ‏6 ڪھيا ڪہ، ’دائُود ڪھيو ھَي ڪہ ايشوَر رِي دايا ٿَي تي، ٿارَي گھر تي ھانَ جڪو ڀِي ٿَي ڪڍي ھَي، اُوئون ݾجون ماٿَي ھوتِي رَي۔ ‏7 مھنَي خبر ھَي ڪہ ٿارا مِنک رڍون رِي اُون ڪترَي پڙيا۔ ڪرمل علائقَي ۾ ٿارا ڌراڙ مھون ڀيڙا ريتا، پڻ مھون اُوئون نَي ڪو ڀِي نُقصون ڪونھي ڏينو۔ او جترِي توڻي مھون ڀيڙا ھتا، اُوئون رِي ڪو ڀِي شئي چورِي ڪونھي ھوئِي۔ ‏8 جي ٿارِي مرضِي ھووَي، تو آپرَي مِنکون ݾون پُوڇي ݾگھَي ھَي، او ٿنَي ݾُڻاشَي۔ مھي خُوشِي رَي ڏِن تي ٿَي ڪڍي آيا ھون، اِيئي رَي ڪري مھارَي مِنکون تي مھربونِي ڪري۔ ھُون ٿنَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ تُو مھنَي آپرو ڏيڪرو ݾمجھي مھارِي ھانَ مھارَي مِنکون رِي جترِي مدد ھووَي، او ڪري۔‘“
‏9 پَڇي دائُود رَي مِنکون نابال ڪڍي جائي دائُود رَي ڪھيوڙَي باتون اُوئي نَي ݾُڻائَي ھانَ جواب رو اِنتظار ڪرڻ لاگا۔ ‏10 نابال، دائُود رَي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ،”يَسي رو ڏيڪرو دائُود ڪُڻ ھَي؟ آج رَي ڏِن تموم گھڻا نوڪر آپرَي مالڪ نَي ڇوڙي ناݾَي پڙيا۔ ‏11 جڪو ٻاٽِي، پوڻي ھانَ موݾ مھَي آپرَي رڍون رِي اُون ڪترڻ آݪون رَي ݾارُو راکيا ھَي، ڪِي ھُون اَي ݾجو ڪئين اُوئون نَي ڏيئون، جڪون نَي ھُون اوݪکتو ئِي ڪونھي ڪہ او ڪيٿ را ھَي؟“ ‏12 اِيئي تي دائُود را مِنک پاڇا گيا ھانَ ݾجَي باتون دائُود نَي ݾُڻائَي۔ ‏13 پَڇي دائُود آپرَي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ،”ٿي آپرِي آپرِي تلوار ليئو ھانَ دائُود ڀِي آپرِي تلوار لِي۔“ پَڇي اندازن چار ݾئو مِنک دائُود ڀيڙا گيا ھانَ باقي ٻي ݾئو سيمون ڪڍي ٻيٺا۔
دائُود ھانَ ابيجيل
‏14 اُوئي ٽيم نابال رَي نوڪرون ۾ ڪَي ھيڪَي رِي لُگائِي ابيجيل نَي ڪھيو ڪہ،”دائُود رڻ پَٽ ݾون مھورَي مالڪ نَي نمسڪار ڪرڻ رَي ݾارُو ڪئينڪہ مِنک ميليا ھتا، پڻ مالڪ اُوئون رِي تموم گھڻِي بي عِزتي ڪِي ھَي۔ ‏15 اُوئون مِنکون مھون ݾون ݾُٺو سلُوڪ ڪيئو ھانَ مھونَي ڪو ڀِي نُقصون ڪونھي ڏينو۔ جترِي توڻي مھي اُوئون ڀيڙا ميدون ۾ ھتا، مھورِي ڪو ڀِي شئي چورِي ڪونھي ھوئِي۔ ‏16 جترِي توڻي مھون اُوئون ڀيڙَي رڍون چارئَي اُوئون ھر ٽيم مھورو تموم گھڻو خيال راکيو۔ ‏17 اِيئي رَي ڪري ھمَي تُو ݾوچ ڪہ ڪِي ڪرڻو ھَي، ڪيونڪہ آپڻو مالڪ ھانَ اُوئي رو ݾجو گھر خطرَي ۾ ھَي۔ آپڻو مالڪ ݾَڦا بيڪار مِنک ھَي، اِيئي رَي ڪري اُوئي ݾون ٻولتو ڀِي ڪونھي۔“
‏18 پَڇي ابيجيل ڇيڪائِي ڪري ٻي ݾئو ٻاٽَي، انگُورون رَي رس رَي ٻي ڏيڙَي، راڌوڙَي پونچ رڍون، اندازن ڇٽِي ڪِلو ڀُونجوڙا ڏوڻا، تموم گھڻِي کيشميش ھانَ انجير رَي ٺاھيوڙَي ٻي ݾئو ٽڪَي، اَي ݾجو سيمون گڏون ماٿَي راکيو ‏19 ھانَ پَڇي آپرَي نوڪرون نَي ڪھيو ڪہ،”ٿي مھَي ݾون پيل جائو، ھُون ٿون لاري آئُون پڙِي۔“ پڻ اُوئي آپرَي ڌڻِي نابال نَي ڪئين ڪونھي ݾُڻايو۔
‏20 جڏي او گڏَي ماٿَي چڙھي جبل رِي لاھِي ݾون اُترتِي پڙِي، تو دائُود آپرَي مِنکون ڀيڙو ݾومھو آوتو پڙيو ھانَ او اُوئون ݾون ملِي۔ ‏21 دائُود آپرَي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ،”مھَي رڻ پَٽ ۾ اِيئي مِنک رو ݾجو ڌڻ ݾنڀاليو ھانَ ڪو ڀِي شئي چورِي ڪونھي ھوئِي۔ مھنَي اِيئي رو ڪھڙو فائدو؟ ڪيونڪہ نابال مھَي ݾون ڀلائي رَي بدلَي بُرائي ڪِي۔ ‏22 اِيئي رَي ڪري جي ݾاڪݪي توڻي ھُون اُوئون رَي مِنکون ۾ ڪَي ھيڪَي نَي ڀِي جيتو ڇوڙون، تو ايشوَر مھنَي اِيئي رِي تموم گھڻِي سزا ڏَي۔“
‏23 جڏي ابيجيل دائُود نَي ڏيٺو، تو ڇيڪائِي ڪري گڏَي ݾون اُترِي ھانَ دائُود نَي زمين توڻي شيش نِمايو۔ ‏24 او اُوئي را پگ جھالي ڪيوَڻ لاگِي ڪہ،”اي مھارا مالڪ، ݾجو ڏوھ مھارو ھَي۔ مھربونِي ڪري آپرِي ٻونھِي نَي ٻولڻ ڏي ھانَ مھارِي بات ݾُڻ۔ ‏25 اي مھارا مالڪ، ھُون ٿنَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ تُو اُوئي بي وقوف آڏمي نابال رَي باتون تي ڌھيون نِي ڏي، ڪيونڪہ نابال رو مطلب ھَي بي وقوف۔ اي مھارا مالڪ، ٿارِي ٻونھِي ٿارا ميليوڙا مِنک ڏيٺا ڪونھي ھتا۔ ‏26 اي مھارا مالڪ، پرميشوَر ٿنَي مارڻ ھانَ آپرَي ھاٿ ݾون بدلو ليوَڻ ݾون بچايو ھَي۔ ھمَي اي مھارا مالڪ، جيتَي ايشوَر ھانَ ٿارو ݾونݾ، ٿارِي بُڇڙائي ڪرڻ آݪون ھانَ ٿارَي دُشمنون رو حال نابال جھڙو ھووَي۔ ‏27 اي مالڪ، ھمَي تُو اَي تحفو لَي، ھُون جڪو ٿارِي ٻونھِي ٿارَي ھانَ ٿارَي مِنکون رَي ݾارُو لي آئِي ھون۔ ‏28 تُو آپرِي ٻونھِي رو پاپ معاف ڪر۔ اي مھارا مالڪ، پرميشوَر ضرُور ٿارو گھر ھميشا آباد راکشَي، ڪيونڪہ تُو پرميشوَر رَي طرفون جنگ ڪرَي ھَي۔ ٿارِي ݾجِي زندگِي ۾ ڪو ڀِي بُرائي ڪونھي ھووَي۔ ‏29 بيشڪ، مِنک ٿَي لاري ناݾي ٿنَي مارڻ رِي ڪوشش ڪرشَي، پڻ پرميشوَر آپ ٿارِي رُکاݪِي راکشَي ھانَ ٿارا دُشمن اِيئون اݪگا اُڇلاشَي، جھڙا کڀوڻِي ݾون گِلولا۔ ‏30 اي مھارا مالڪ، جڏي پرميشوَر ٿَي ݾون ڪيئوڙا آپرا ݾجائِي واعدا پُورا ڪرشَي ھانَ ٿنَي اِسرائيل رو ݾردار ٺاشَي، ‏31 تو ٿنَي اِيئي بات رو ڏُک ڪونھي ھووَي ھانَ نَڪو تُو پَڇتاوَي ڪہ ٿَي ڪَي بي ڏوھي نَي قتل ڪيئو، جون ڪَي ݾون آپرو بدلو ليئو ھَي۔ اي مھارا مالڪ، جڏي پرميشوَر ٿنَي ڪامياب ڪرَي، تو آپرِي ٻونھِي نَي ياد ڪري۔“
‏32 پَڇي دائُود ابيجيل نَي ڪھيو ڪہ،”پرميشوَر اِسرائيل رَي ايشوَر رِي بکوڻ ھووَي، جڪَي ٿنَي آج مھَي ݾون مِلڻ رَي ݾارُو ميلِي ھَي۔ ‏33 تُو برڪت آݪِي ھَي ھانَ ٿارِي ݾمجھ ڀِي، جڪَي مھنَي آج مارڻ ھانَ آپرَي ھاٿون بدلو ليوَڻ ݾون بچايو ھَي۔ ‏34 پرميشوَر، اِسرائيل رَي جيتَي ايشوَر رو ݾونݾ، جڪَي مھنَي ٿارو نُقصون ڪرڻ ݾون پاليو۔ جي تُو ڇيڪِي مھَي ݾون مِلڻ نِي آئُون تو، تو ڏِن اُگڻ ݾون پيل نابال رَي مِنکون ۾ ھيڪ ڀِي جيتو ڪونھي بچون تو۔“ ‏35 پَڇي دائُود او ݾجو ڪئين ليئو، جڪو او اُوئون رَي ݾارُو لي آئِي ھتِي ھانَ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”تُو خيريت ݾون آپرَي گھري جا، مھَي ٿارِي بات ݾُڻِي ھَي ھانَ ٿارِي عِزت ڪِي ھَي۔“
نابال نَي سزا مِلڻ
‏36 پَڇي ابيجيل آپرَي گھري پاڇِي آئِي ھانَ ڏيٺو ڪہ نابال ھيڪ موٽِي دعوت ڪِي ھَي۔ نابال تموم گھڻو خُوش ھانَ نشَي ۾ ڌُت ھتو، اِيئي رَي ڪري اُوئي ݾاڪݪي توڻي اُوئي نَي ڪئين ڪونھي ݾُڻايو۔ ‏37 ݾاڪݪي رو جڏي نابال رو نشو اُتريو، تو اُوئي رِي لُگائِي اُوئي نَي او ݾجَي باتون ݾُڻائَي۔ اَي ݾُڻي نابال نَي دِل رو دورو پڙيو ھانَ او پٿر آݪِي ڪار ھوئي گيو۔ ‏38 پَڇي ڏَݾ ڏِنون ݾون پَڇي، پرميشوَر نابال نَي سزا ڏينِي ھانَ او مري گيو۔
‏39 جڏي دائُود نَي خبر پڙِي ڪہ نابال مُوئو رو، تو اُوئي ڪھيو ڪہ،”پرميشوَر رِي بکوڻ ھووَي، ڪيونڪہ اُوئي آج نابال ݾون مھارِي بي عِزتي رو بدلو ليئو ھَي ھانَ آپرَي ٻونھَي نَي بُرائي ݾون بچايو ھَي۔ پرميشوَر نابال رو پاپ نابال ماٿَي لگايو ھَي۔“
دائُود رو ابيجيل ݾون بيئان
‏40 پَڇي دائُود را نوڪر ڪرمل علائقَي ۾ آيا ھانَ ابيجيل نَي ڪھيو ڪہ،”دائُود ٿَي ݾون بيئان ڪرڻ رَي ݾارُو مھونَي نياپو ڏي ميليو ھَي۔“ ‏41 اِيئي تي ابيجيل زمين توڻي نِمي شيش نِمايو ھانَ ڪھيو ڪہ،”جو، ھُون اُوئي رِي ٻونھِي ھون ھانَ ھُون آپرَي مالڪ رَي نوڪرون را پگ ڌوئڻ رَي ݾارُو ڀِي تيار ھون۔“ ‏42 پَڇي ابيجيل ڇيڪِي تيار ھوئي گڏَي ماٿَي ݾَوار ھوئِي ھانَ آپرَي پونچ ٻونھَي آپ ڀيڙَي ليئَي۔ پَڇي او دائُود رَي نوڪرون ڀيڙِي گئِي ھانَ جائي دائُود ݾون بيئان ڪيئو۔
‏43 پَڇي دائُود اخينوعم ݾون بيئان ڪيئو، جڪو يزرعيل شھر رِي ھتِي، اِيئي نمُونَي دائُود رَي ٻي لُگائَي ھوئَي۔ ‏44 پَڇي سائُول آپرِي ڏيڪرِي ميڪل جڪو دائُود رِي لُگائِي ھتِي، اُوئي رو بيئان ليس رَي ڏيڪرَي فِلطي ݾون ڪرايو، جڪو جليم شھر رو ھتو۔