دائُود رو سائُول نَي نِي مارڻ
24
جڏي سائُول فلستيون ݾون جنگ ڪري پاڇو آيو، تو اُوئي نَي خبر پڙِي ڪہ دائُود عين جدِي علائقَي رَي رڻ پَٽ ۾ ھَي۔ 2 پَڇي سائُول ݾجَي اِسرائيليون ۾ تين ھزار جنگِي مِنک آپ ڀيڙا لي جھنگلِي ٻڪرون رَي جبل تي دائُود ھانَ اُوئي رَي مِنکون نَي جوئڻ گيو۔ 3 پَڇي جڏي او مارگ ۾ رڍون رَي باڙ ۾ پُگو، تو اوٿ ھيڪَي چُر ۾ ڪاڪُوس ڪرڻ گيو۔ دائُود ڀِي آپرَي مِنکون ڀيڙو اُوئيج چُر ۾ لِڪيوڙو ھتو۔ 4 اِيئي تي دائُود رَي مِنکون ڪھيو ڪہ، ”آج اَي ڏِن آيو رو، جڪَي رَي بارَي ۾ پرميشوَر ٿنَي ڪھيو ھتو ڪہ، ’ھُون ٿارو دُشمن ٿارَي ھاٿ ۾ ڏئين ھانَ جون ٿارو من ڪرَي، اوج اُوئي ݾون ڪري۔‘“ پَڇي دائُود لِڪ ۾ جائي سائُول رَي جُبَي رِي چاݪ باڍي لِي۔ 5 پڻ پَڇي دائُود نَي اِيئي بات رو ڏُک ھويو ڪہ، ”مھَي اَي ڪيئون ڪيئو؟“ 6 پَڇي دائُود آپرَي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”پرميشوَر نِي ڪرَي ڪہ ھُون آپرَي مالڪ نَي ڌڪ ھڻون، ڪيونڪہ او پرميشوَر رو چُونڊيوڙو بادشاھ ھَي۔“ 7 پَڇي دائُود آپرَي مِنکون نَي پاليا ڪہ او سائُول تي حملو نِي ڪرَي۔ پَڇي سائُول اُٺيو ھانَ چُر ݾون نڪري بُوئو گيو۔8 پَڇي دائُود ڀِي اُوئي لاري چُر ݾون ٻاھر نڪريو ھانَ سائُول نَي ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ،”مھارا مالڪ، اي مھارا بادشاھ۔“ جڏي سائُول لاري پاڇل ڦوري ڏيٺو، تو دائُود اُوئي آگھي آپرو شيش نِمايو۔ 9 پَڇي دائُود، سائُول نَي ڪھيو ڪہ،”تُو اھڙَي مِنکون رَي باتون ڪيئون ݾُڻَي ھَي، جڪو اَي ڪَي ھَي ڪہ،’دائُود ٿارَي خلاف ھَي۔‘ 10 آج ٿَي آپ ڏيٺو ڪہ پرميشوَر چُر ۾ ٿنَي مھارَي حوالي ڪيئو ھتو۔ مھارَي ڪئينڪہ مِنکون مھنَي ڪھيو ڪہ،’تُو اِيئي نَي ماري ڇوڙ۔‘ پڻ مھَي ٿارِي عِزت ڪِي ھانَ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ،’ھُون آپرَي مالڪ نَي ڌڪ ڪونھي ھڻون، ڪيونڪہ او پرميشوَر رو چُونڊيوڙو ھَي۔‘ 11 تُو مھارَي ٻاپ آݪِي ڪار ھَي۔ جو، ٿارَي جُبَي رِي چاݪ مھارَي ھاٿ ۾ ھَي۔ مھَي ٿنَي ماريو ڪونھي، پڻ رُگو ٿارَي جُبَي رِي چاݪ باڍي ھَي۔ ٿنَي اِيئي ݾون ݾمجھڻ کپَي ڪہ مھارَي من ۾ ٿارَي ݾارُو ڪو ڀِي بگاوت، جون بُرائي ڪونھي۔ مھَي ٿارو ڪو ڀِي پاپ ڪونھي ڪيئو، پڻ تو ڀِي تُو مھنَي مارڻ رَي ݾارُو ڪرَي ھَي۔ 12 پرميشوَر آپڻو اِنصاف ڪرَي ھانَ اوج ٿَي ݾون مھارو بدلو لَي، پڻ ھُون ٿنَي ڪڏي ڀِي ڌڪ ڪونھي ھڻون۔ 13 پِروڻو ڪيتوڻو ھَي ڪہ،’بُڇڙو ھميشا بُڇڙائي ڪرَي ھَي۔‘ پڻ ھُون ٿنَي ڪڏي ڀِي ڌڪ ڪونھي ھڻون۔ 14 ھُون ٿارَي آگھي مُوئوڙَي ڪُتَي ھانَ ڪيڙِي جھڙو ھون۔ تُو اِسرائيلي بادشاھ ھوئي ڪيرو لارو ڪرَي پڙيو؟ 15 پرميشوَر آپڻو اِنصاف ڪرَي ھانَ اوج مھنَي بي ڏوھي ڪرَي ھانَ ٿَي ݾون بچاوَي۔“
16 جڏي دائُود، سائُول ݾون اَي باتون ڪيئَي، تو سائُول ڪھيو ڪہ،”ڪِي اَي مھارو ڏيڪرو دائُود ٻولَي پڙيو؟“ پَڇي سائُول زور ݾون روئڻ لاگو۔ 17 پَڇي اُوئي دائُود نَي ڪھيو ڪہ،”تُو مھَي ݾون وڌيڪ نيڪ ھَي، ڪيونڪہ مھَي ٿَي ݾون بُرائي ڪِي، پڻ تو ڀِي ٿَي مھَي ݾون ڀلائي ڪِي ھَي۔ 18 آج ٿَي ثابت ڪيئو ڪہ ٿَي مھَي ݾون ڀلائي ڪِي ھَي، ڪيونڪہ جڏي پرميشوَر مھنَي ٿارَي حوالي ڪيئو ھتو، تو ٿَي مھنَي قتل ڪونھي ڪيئو۔ 19 پرميشوَر ٿنَي اِيئي ڀلائي رو اَجر ڏَي، جڪو ٿَي مھَي ݾون ڪِي ھَي، ڪيونڪہ جي ڪينَي اُوئي رو دُشمن ڀيڙو ھووَي، تو ڪِي او اُوئي نَي جيتو ڇوڙشَي؟ 20 ھمَي مھنَي ڀروسو ھَي ڪہ تُو ضرُور بادشاھ ھوئِي ھانَ اِسرائيل رِي بادشاھي ٿارَي ڪري اَڃون ڀِي وڌيڪ مضبُوط ھوشَي۔ 21 اِيئي رَي ڪري ھمَي تُو مھَي ݾون پرميشوَر رو ݾونݾ لَي ڪہ تُو مھارِي نسل ختم ڪونھي ڪرَي ھانَ مھارَي اَبا رَي خاندان ݾون مھارو نون مِٽاوَي ڪونھي۔“ 22 پَڇي دائُود، سائُول ݾون ݾونݾ ليئو ھانَ پَڇي سائُول آپرَي گھري گيو ھانَ دائُود ڀِي آپرَي مِنکون ڀيڙو پاڇو چُر ۾ آيو۔