دائُود رو سائُول رِي موت تي ڏُک
1
سائُول رَي مرڻ ݾون پَڇي جڏي دائُود عماليقي قوم نَي ماري پاڇو آيو ھانَ او صِقلاج شھر ۾ ٻي ڏِن رھيو۔ ‏2 پَڇي تيجَي ڏِن اِيئون ھويو ڪہ سائُول رِي فوج ݾون ھيڪ مِنک آيو۔ اُوئي ڏُک ۾ آپرا گاڀا ڦاڙي ماٿَي ۾ مٽِي گھاتِي۔ جڏي او دائُود ڪڍي پُگو تو اُوئي نَي جُھڪي شيش نِمايو۔ ‏3 پَڇي دائُود اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”تُو ڪيٿ ݾون آوَي پڙيو؟“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ھُون اِسرائيلي فوج ݾون بچي ناݾَي آيو ھون۔“ ‏4 پَڇي دائُود اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ مھنَي ݾُڻا ڪہ اوٿ ڪِي ھويو ھَي؟“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”اِسرائيلي جنگ ݾون ناݾَي گيا ھانَ اُوئون مئين ݾون گھڻا ماريا گيا۔ سائُول ھانَ اُوئي رو ڏيڪرو يُونتن ڀِي ماريا گيا ھَي۔“ ‏5 اِيئي تي دائُود خبر ڏيوَڻ آݪَي مِنک نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿنَي ڪيڪر خبر پڙَي ڪہ سائُول ھانَ اُوئي رو ڏيڪرو يُونتن ڀِي ماريا گيا ھَي؟“ ‏6 اُوئي مِنک ڪھيو ڪہ، جڏي ھُون جِلبُوعہ جبل تي ھتو تو مھَي ڏيٺو ڪہ سائُول آپرَي ڀالَي نَي ٽيڪ ڏي اُڀو ھَي ھانَ فلستيون را گھوڙا گاڏَي ھانَ گھوڙا ݾَوار اُوئي رَي نيڙا پُگَي گيا ھَي۔ ‏7 سائُول لاري پاڇل ڦوري مھنَي ڏيٺو ھانَ ھيلو ڪيئو تو مھَي ڪھيو ڪہ، ’ھُون حاضر ھون۔‘ ‏8 سائُول مھَي ݾون پُوڇو ڪہ، ’تُو ڪُڻ ھَي؟‘ اِيئي تي مھَي اُوئي نَي جواب ڏينو ڪہ، ھُون عماليقي ھون۔‘ ‏9 پَڇي سائُول مھنَي ڪھيو ڪہ، ’اِيئا آ ھانَ مھنَي ماري ڇوڙ، ڪيونڪہ ھُون گھڻو تڪليف ۾ ھون ھانَ مھارو ݾاݾ ڀِي ڪونھي نڪرتو۔‘ ‏10 اِيئي تي ھُون اُوئي رَي نيڙڪو گيو ھانَ اُوئي نَي ماري ڇوڙيو، مھنَي خبر ھتِي ڪہ او ڇيڪو مرَي جاشَي ڪيونڪہ او کِريوڙو ھتو۔ پَڇي مھَي اُوئي رَي ماٿَي رو تاج ھانَ ٻونھو رو ڪڙو اُتارَي ڇوڙيو ھانَ اُوئي نَي آپرَي مالڪ، يعني ٿي ڪڍي لي آيو ھون۔“ ‏11 دائُود اَي ݾُڻي ڏُک ۾ آپرا گاڀا ڦاڙيا ھانَ ݾجَي مِنکون ڀِي اِيئون ڪيئو جڪو اُوئي ڀيڙا اُڀا ھتا۔ ‏12 اُوئون ݾجو سائُول، اُوئي رَي ڏيڪرَي يُونتن، پرميشوَر را مِنک، يعني اِسرائيل رَي ݾجَي پريوار رَي ݾارُو شام توڻي روزو راکيو، رونا ھانَ ماتم ڪيئو، ڪيونڪہ او ݾجَي تلوار ݾون ماريا گيا۔ ‏13 پَڇي دائُود خبر ڏيوَڻ آݪَي مِنک ݾون پُوڇو ڪہ، ”تُو ڪيٿ رو ريوَڻ آݪو ھَي؟“ اِيئي تي اُوئي مِنک جواب ڏينو ڪہ، ”ھُون عماليقي قوم رو ھيڪ پرديسي ھون۔“ ‏14 پَڇي دائُود اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿنَي ٻِي ڪونھي آيو ڪہ ٿَي پرميشوَر رَي چُونڊيوڙَي بادشاھ نَي آپرَي ھاٿون ݾون قتل ڪري ڇوڙيو؟ ‏15 اِيئي تي دائُود آپرَي نوڪرون مئين ݾون ھيڪَي نَي ڪھيو ڪہ، ”اُوئي نَي مارَي ڇوڙ۔“ تو نوڪر اُوئي نَي مارَي ڇوڙيو۔ ‏16 پَڇي دائُود اُوئي عماليقي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو آپرِي موت رو آپ ذميوار ھَي ڪيونڪہ ٿَي آپ قبُول ڪيئو ھَي ڪہ، مھَي پرميشوَر رَي چُونڊيوڙَي بادشاھ نَي ماريو ھَي۔‘“
دائُود رو سائُول ھانَ يُونتن رَي ݾارُو ماتم ڪرڻ
‏17 پَڇي دائُود سائُول ھانَ اُوئي رَي ڏيڪرَي يُونتن رِي موت تي ماتم رو گيت گايو۔ ‏18 پَڇي اُوئي حُڪم ڏينو ڪہ، ”يھُودا قبيلَي را مِنک ماتم رو اي گيت ݾيکي۔ ماتم رو اي گيت ياشر رِي ڪِتاب رو لِکيوڙو ھَي اُوئي ڪھيو ڪہ،
‏19 ”اَي اِسرائيل ٿارَي جبل رِي چوٽِي تي ٿارِي شان ختم ھوئي گئَي،
‏20 اي بات جات شھر ۾ نِي ݾُڻائي
ھانَ اسقلون شھر رَي مارگ ۾ اِيئي رِي خبر نِي ڏيا۔
ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ،فلستيون رَي ڏيڪرَي خُوشِي ملھاوَي
ھانَ بِنا کَتنو ڪيئوڙون رَي ڏيڪرَي فتح رو نعرو لگاوَي۔
‏21 اَي جِلبُوعہ پاݾَي رَي جبلون،
ٿون تي نِي مي برݾَي ھانَ نِي ماڪ پڙَي
ھانَ اوٿ رَي ٻَنيون ۾ ڪو ڀِي پوک نِي اُگَي۔
ڪيونڪہ جنگِي مِنکون رِي ڍال ٿي تي کِري
ھانَ آج ݾون ڪُڻ ڀِي سائُول رِي ڍال نَي تيل ڪونھي لگاوَي۔
‏22 يُونتن رِي ڪموڻ ڪھڙِي نِي ڪمال ھتِي،
سائُول رِي تلوار ڪڏي ڀِي خالي ڪونھي آئي۔
‏23 سائُول ھانَ يُونتن آپت ۾ ڪِترو پريم ڪرتا،
او جيتَي جِي ڀيڙا رھيا
ھانَ آپرِي موت رَي ٽيم ڀِي ڀيڙا ھتا،
او باز ݾون تيز ھانَ بَبر شھر ݾون وڌيڪ طاقت آݪا ھتا۔
‏24 اَي اِسرائيل رِي ڏيڪريون، ٿي سائُول رَي ݾارُو ماتم ڪرو،
ڪيونڪہ اُوئي ٿونَي بيڱڻائي رنگ را قيمتي گاڀا
ھانَ ݾونَي را زيور پيرايا