دائُود رو قعيلا شھر نَي بچاوڻ
23
پَڇي ھيڪ ڏِن دائُود نَي ڪَي ݾُڻايو ڪہ،”فلستِي مِنک قعيلا شھر تي حملو ڪري ڏوڻون را ڍِگ لَي پڙيا۔“ 2 اِيئي تي دائُود پرميشوَر ݾون پُوڇو ڪہ،”ڪِي ھُون جائي فلستيون تي حملو ڪرون، جون نا؟“ تو پرميشوَر ڪھيو ڪہ،”تُو اُوئون نَي ماري قعيلا شھر نَي بچا۔“ 3 پڻ دائُود رَي مِنکون ڪھيو ڪہ،”جو، مھونَي يھُودا علائقَي ۾ ريتَي ٻِي لاگَي ھَي، جي مھي قعيلا شھر ۾ جائي فلستيون تي حملو ڪرون، تو اَي اَڃون ڀِي وڌيڪ خطرناڪ ھَي۔“4 پَڇي دائُود ڀڙي پرميشوَر ݾون پُوڇو، تو پرميشوَر اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”قعيلا شھر ڏيݾا جا، ڪيونڪہ ھُون فلستيون نَي ٿارَي ھاٿ ۾ ڏئين۔“ 5 تو دائُود ھانَ اُوئي رَي مِنکون قعيلا شھر ۾ جائي فلستيون تي حملو ڪري تموم گھڻا مِنک ماري ڇوڙيا ھانَ اُوئون رو ڌڻ مال لي ڇوڙيو۔ اِيئي نمُونَي دائُود قعيلا شھر رَي مِنکون نَي بچايا۔
6 جڏي اخيملڪ رو ڏيڪرو ابي ياتر ناݾي دائُود ڪڍي قعيلا شھر ۾ آيو، تو آپ ڀيڙِي پُوجاري آݪِي واسڪوٽِي ڀِي لي آيو۔ 7 اِيئي تي سائُول نَي خبر پڙِي ڪہ دائُود قعيلا شھر ۾ آيو ھَي ھانَ اُوئي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ،”دائُود نَي ايشوَر مھارَي ھاٿ ۾ ڏينو ھَي، ڪيونڪہ او ھيڪَي اھڙَي شھر ۾ ڦاٿو ھَي، جڪَي رَي چوڌاري ڀيتون ھانَ در ھَي۔“ 8 اِيئي تي سائُول آپرَي مِنکون نَي اَڻايا ڪہ او قعيلا شھر ۾ جائي دائُود ھانَ اُوئي رَي مِنکون تي حملو ڪرَي۔ 9 جڏي دائُود نَي اِيئي بات رِي خبر پڙِي ڪہ سائُول اُوئي تي حملو ڪرڻ رو ݾوچَي پڙيو، تو اُوئي ابي ياتر پُوجاري نَي ڪھيو ڪہ،”او واسڪوٽِي مھَي ڪڍي لي آ۔“ 10 پَڇي دائُود پرميشوَر نَي ڪھيو ڪہ،”اي پرميشوَر اِسرائيل را ايشوَر، مھَي ݾُڻيو ھَي ڪہ سائُول مھارَي ڪري قعيلا شھر تي حملو ڪرڻ رو ݾوچو ھَي ڪہ اُوئي نَي برباد ڪرَي۔ 11 اي پرميشوَر اِسرائيل را ايشوَر، ھُون ٿنَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ تُو آپرَي ٻونھَي نَي ݾُڻا، ڪِي قعيلا شھر را مِنک مھنَي سائُول رَي ھاٿ ۾ ڏيشَي ھانَ ڪِي سائُول آشَي؟“ تو پرميشوَر ڪھيو ڪہ،”ھاوي، او آشَي۔“ 12 پَڇي دائُود پرميشوَر ݾون پُوڇو ڪہ،”ڪِي قعيلا را مِنک مھنَي ھانَ مھارا مِنک سائُول رَي ھاٿ ۾ ڏيشَي؟“ تو پرميشوَر ڪھيو ڪہ،”ھاوي، او اِيئوج ڪرشَي۔“ 13 پَڇي دائُود آپرَي اندازن ڇَي ݾئو مِنکون ڀيڙو قعيلا شھر ݾون نڪري آيو ھانَ او ھيڪِي جگھا ݾون ٻيجِي جگھا تي لِڪتا رھيا۔ جڏي سائُول نَي خبر پڙِي ڪہ دائُود قعيلا شھر ݾون نڪري گيو ھَي، تو اُوئي اُوئا جاوڻ رو ݾوچڻ ڦِٽو ڪيئو۔
يُونتن ݾون دائُود رِي مُلاقات
14 پَڇي دائُود رڻ پَٽ ۾ زيف رَي جابلُو علائقَي ۾ لِڪي ٻيٺو۔ سائُول ھروز اُوئي رِي تلاش ڪرتو رھيو، پڻ ايشوَر دائُود نَي ھميشا بچاوتو رھيو۔ 15 جڏي دائُود زيف رَي جابلُو علائقَي حورش ۾ ھتو، تو دائُود نَي خبر پڙِي ڪہ سائُول اُوئي نَي مارڻ نڪريو ھَي۔ 16 پَڇي سائُول رو ڏيڪرو يُونتن دائُود ݾون مِلڻ رَي ݾارُو حورش ڏيݾا گيو ھانَ اُوئي نَي ھِمت ڏي ڪھيو ڪہ،”ايشوَر ٿَي ڀيڙو ھَي 17 ھانَ تُو نِي ٻيئاج، ڪيونڪہ مھارو اَبا ٿَي توڻي ڪونھي پُگَي۔ تُو اِسرائيل رو بادشاھ ھوئِي ھانَ ھُون ٿارو وزير، اَي بات مھارو اَبا ڀِي جوڻَي ھَي۔“ 18 اُوئون ٻيئون پرميشوَر آگھي وچن ڪيئو۔ پَڇي يُونتن آپرَي گھري گيو ھانَ دائُود حورش علائقَي ڏيݾا گيو۔
19 پَڇي زيف شھر را مِنک جِبع شھر ۾ سائُول ڪاڍي گيا ھانَ ڪھيو ڪہ،”دائُود مھورَي علائقَي حورش رَي چُرون ۾ يشمون رڻ پَٽ رَي ڏکڻ ۾ حڪيلا رَي جبلون ۾ لِڪي ٻيٺو ھَي۔ 20 اي بادشاھ، جي ٿارِي مرضِي ھووَي، تو تُو آئي۔ مھي اُوئي نَي ٿارَي ھاٿ ۾ ڏيشون۔“ 21 تو سائُول ڪھيو ڪہ،”پرميشوَر ٿونَي برڪت ڏَي، ڪيونڪہ ٿون مھَي ݾون ڀلائي ڪِي ھَي۔ 22 ھمَي جائو، ڀڙي جانچ ڪرو ڪہ او ڪيٿ رَي ھَي ھانَ ڪَي اُوئي نَي ڏيٺو ھَي، ڪيونڪہ ڪَي ݾُڻايو ڪہ،’او موٽو چالاڪ ھَي۔‘ 23 اِيئي رَي ڪري اُوئي رِي تلاش ڪرو ڪہ او ڪيٿ لِڪيوڙو ھَي ھانَ پَڇي آئي مھنَي ݾُڻائو، تو ھُون ٿون ڀيڙو ھالين۔ پَڇي او اُوئي علائقَي ۾ جيٿ ڀِي ھوشَي، تو ھُون يھُودا رَي ݾجَي علائقَي ۾ اُوئي نَي جوئين رو۔“
24 پَڇي زيف شھر را مِنک سائُول ݾون پيل اوٿ ݾون بَئير ھويا ھانَ او آپرَي شھر ڏيݾا گيا۔ اُوئي ٽيم دائُود ھانَ اُوئي را مِنک معُون رڻ پَٽ ۾ ھتا، جڪو يشمون علائقَي رَي ڏکڻ ڏيݾا ارابا علائقَي ۾ ھَي۔ 25 پَڇي سائُول ھانَ اُوئي را مِنک دائُود رِي تلاش ۾ گيا۔ جڏي دائُود نَي خبر پڙِي، تو او موٽَي جبل ڏيݾا گيو، جڪو رڻ پَٽ ڏيݾا ھَي۔ پَڇي جڏي سائُول نَي اِيئي بات رِي خبر پڙِي، تو اُوئي معُون رَي رڻ پَٽ ۾ دائُود رو لارو ڪيئو۔ 26 ھمَي جبل رَي ھيڪَي پاݾَي سائُول ھانَ ٻيجَي پاݾَي دائُود ھانَ اُوئي را مِنک ھتا۔ دائُود، سائُول ݾون ناݾتو پڙيو، ڪيونڪہ سائُول ھانَ اُوئي رَي مِنکون دائُود ھانَ اُوئي رَي مِنکون نَي جھالڻ رَي ݾارُو گھيرو ڪيئو ھتو۔ 27 پڻ اُوئي ٽيم ھيڪ نياپو ڏيوَڻ آݪو سائُول ڪڍي آيو ھانَ ڪيوَڻ لاگو ڪہ،”ڇيڪا پاڇا ھالو، ڪيونڪہ فلستيون آپڻَي مُلڪ تي حملو ڪيئو ھَي۔“ 28 تو سائُول، دائُود رو لارو ڪرڻ ڇوڙيو ھانَ فلستيون ݾون مُقابلو ڪرڻ گيو۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي جگھا رو نون ھمخلقوت ھويو۔ (جڪَي رو مطلب ھَي ”بچاوڻ آݪو۔“) 29 پَڇي دائُود اوٿ ݾون بَئير ھوئي عين جدِي علائقَي رَي چُرون ۾ ريوَڻ لاگو۔