سائُول رو پُوجاريون نَي مارڻ
22
پَڇي دائُود اوٿ ݾون عدُلام رِي چُر ڏيݾا ناݾي گيو۔ جڏي اُوئي رَي ڀايون ھانَ اُوئي رَي ٻاپ رَي خاندان اَي ݾُڻيو، تو او ڀِي اُوئي ݾون مِلڻ، اوٿ گيا۔ 2 اِيئون ݾون ٽاݪ ݾجائِي مِنک جڪو پريشون، قرضِي ھانَ لاچار ھتا، او ݾجائِي دائُود ڪڍي ڀيڙا ھويا۔ اُوئون ݾجون دائُود نَي آپرو ݾردار ٺاھيو ھانَ اَي اندازن چار ݾئو مِنک ھتا۔3 پَڇي دائُود اوٿ ݾون موآب مُلڪ رَي مِصفا شھر ڏيݾا گيو۔ اُوئي موآب رَي بادشاھ نَي ڪھيو ڪہ،”مھربونِي ڪري تُو مھارَي مائيترون نَي اُوئي ٽيم توڻي آپ ڪڍي ريوَڻ ڏي، جترِي توڻي اَي خبر نِي پڙَي ڪہ ايشوَر رِي مھارَي ݾارُو ڪھڙِي مرضِي ھَي۔“ 4 او آپرا مائيتر موآب مُلڪ رَي بادشاھ ڪڍي لي گيو۔ جترِي توڻي دائُود چُر ۾ لِڪيوڙو ھتو، اُترِي توڻي اُوئي را مائيتر بادشاھ ڪڍي رھيا۔
5 پَڇي جاد نبِي آئي دائُود نَي ڪھيو ڪہ،”ھمَي تُو اِيئي چُر ۾ نِي رَي، پڻ ايٿ ݾون نڪري يھُودا رَي مُلڪ ڏيݾا جا۔“ اِيئي تي دائُود اوٿ ݾون حارت رَي جھنگ ڏيݾا گيو۔
6 پَڇي سائُول ݾُڻيو ڪہ،”دائُود ھانَ اُوئي رَي مِنکون رِي خبر پڙِي ھَي۔ سائُول اُوئي ٽيم جِبع شھر رَي جبل تي ھيڪَي لوَي رَي بَڻ ھيٺا آپرو ڀالو ھاٿ ۾ لي ٻيٺو ھتو، اُوئي را نوڪر اُوئي رَي آݾَي پاݾَي اُڀا ھتا۔“ 7 اِيئي تي سائُول آپرَي اُڀوڙَي نوڪرون نَي ڪھيو ڪہ،”اي بنيامين قبيلَي آݪون، مھارِي بات ݾُڻو۔ ڪِي يَسي رو ڏيڪرو ٿون ݾجون نَي ٻنِي ھانَ انگُورون رو باگ ڏي ݾگھَي ھَي؟ ڪِي او ٿون ݾجون نَي ھزار ھزار ھانَ ݾئو ݾئو مِنکون تي ݾردار راکي ݾگھَي ھَي؟ 8 ٿون ݾجون مھارَي خلاف سازش ڪِي۔ جڏي مھارَي ڏيڪرَي يَسي رَي ڏيڪرَي ݾون وچن ڪيئو ھتو، تو ٿون ݾجون ۾ ڪَي ڀِي اَي بات مھنَي ڪونھي ݾُڻائِي۔ ٿون ۾ اھڙو ڪو ڀِي ڪونھي، جڪو مھارَي ڏُک ۾ شامل ھووَي۔ جي اِيئون ھويو ھتو، تو مھنَي ݾُڻائُون تو، ڪہ مھارَي ڏيڪرَي مھنَي مارڻ رَي ݾارُو مھارَي نوڪر نَي تيار ڪيئو ھَي، جھڙَي نمُونَي ٿي آج ڏيکو پڙيا۔“ 9 پَڇي دوئيگ ادُومي جڪو سائُول رَي نوڪرون ڀيڙو اُڀو ھتو ڪھيو ڪہ،”مھَي يَسي رَي ڏيڪرَي نَي نوب علائقَي ۾ اخيطوب رَي ڏيڪرَي اخيملڪ پُوجاري ڏيݾا آوتو ڏيٺو ھتو۔ 10 اخيملڪ اُوئي رَي ݾارُو پرميشوَر ݾون پراٿنا ڪِي ھانَ اُوئي نَي کاوڻ پيئڻ رَي شيون ڏينَي۔ اِيئون ݾون ٽاݪ اُوئي فلستِي جوليت رِي تلوار ڀِي ڏينِي۔“
11 پَڇي بادشاھ اخيملڪ پُوجاري ھانَ اُوئي رَي ٻاپ رَي گھر رَي ݾجَي پُوجاريون نَي نوب علائقَي ݾون اَڻايو، تو او بادشاھ ڪڍي آيا۔ 12 اِيئي تي سائُول ڪھيو ڪہ،”اي اخيطوب را ڏيڪرا، مھارِي بات ݾُڻ۔“ اُوئي ڪھيو ڪہ،”اي مھارا مالڪ، ھُون حاضر ھُون۔“ 13 پَڇي سائُول اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”ٿَي ھانَ يَسي رَي ڏيڪرَي مھارَي خلاف ڪيئون سازش ڪِي ھَي؟ ٿَي اُوئي نَي ٻاٽِي ھانَ تلوار ڏينِي ھانَ اُوئي رَي ݾارُو ايشوَر ݾون پراٿنا ڪِي ڪہ او مھارَي خلاف بگاوت ڪري مھنَي مارَي، جھڙَي نمُونَي آج ٿي ڏيکو پڙيا۔“ 14 پَڇي اخيملڪ، بادشاھ نَي ڪھيو ڪہ،”ٿارَي ݾجَي شيوادارون ۾ دائُود جھڙو وفادار ڪيو ھَي؟ اي بادشاھ، او ٿارو جوئين ھانَ ٿارِي فوج رو آفيسر ڀِي ھَي۔ او ٿارَي گھر ۾ تموم گھڻِي عِزت آݪو ھَي۔ 15 ڪِي مھَي دائُود رَي ݾارُو پيلڪو گُھمرو ايشوَر ݾون پراٿنا ڪِي ھَي؟ نا، اِيئون ڪونھي۔ اي بادشاھ، تُو مھَي تي ھانَ مھارَي اَبا رَي گھر تي ڪو ڀِي الزوم نِي لگا، ڪيونڪہ مھنَي اِيئون باتون رِي ڪو ڀِي خبر ڪونھي۔“ 16 اِيئي تي بادشاھ ڪھيو ڪہ،”اي اخيملڪ، تُو ھانَ ٿارَي ٻاپ رو ݾجو گھر ضرُور مرشو۔“
17 پَڇي بادشاھ اُوئون فوجيون نَي جڪو اُوئي ڪڍي اُڀا ھتا، حُڪم ڏينو ڪہ،”جائو، پرميشوَر رَي پُوجاريون نَي قتل ڪرو، ڪيونڪہ اَي ڀِي دائُود را مِنک ھَي۔ اِيئون نَي خبر ھَي ڪہ دائُود مھَي ݾون ناٺوڙو ھَي۔“ پڻ بادشاھ را فوجي پرميشوَر رَي پُوجاريون نَي مارڻ رَي ݾارُو ڪونھي ڪرتا۔ 18 پَڇي بادشاھ دوئيگ ادُومي نَي ڪھيو ڪہ،”تُو جا، اِيئون پُوجاريون نَي مار۔“ اِيئي تي دوئيگ ادُومي اُوئي ڏِن پنجاسِي پُوجاري قتل ڪيئا، جڪون را پويتر گاڀا پيريوڙا ھتا۔ 19 اُوئي پُوجاريون رَي شھر نوب نَي ݾَڦا برباد ڪري ڇوڙيو۔ آڏميون، لُگايون، ڇوڪرون، ڏُوڌ پيتَي ٻاݪون، ڍگون، گڏون ھانَ رڍون ٻڪرَي تلوار ݾون ماري ڇوڙيا۔
20 اوٿ رُگو اخيطوب رَي ڏيڪرَي اخيملڪ رَي ڏيڪرون ۾ ھيڪ مِنک بچيو، جڪَي رو نون ابي ياتر ھتو۔ او اوٿ ݾون ناݾي جائي دائُود ڪڍي گيو۔ 21 ابي ياتر دائُود نَي ݾُڻايو ڪہ، ”سائُول پرميشوَر را پُوجاري قتل ڪيئا را۔“ 22 اِيئي تي دائُود ابي ياتر نَي ڪھيو ڪہ،”مھنَي اُوئي ڏِن خبر ھتِي، جڏي مھَي دوئيگ ادُومي نَي اوٿ ڏيٺو ھتو ڪہ اَي ضرُور سائُول نَي ݾُڻاشَي۔ ٿارَي ٻاپ رَي ݾجَي گھر رَي موت رو ذميوار ھُون ھون۔ 23 ھمَي تُو مھَي ڪڍي ٻيݾ ھانَ پريشون نِي ھو۔ ٿارو ھانَ مھارو دُشمن ھيڪج ھَي۔ جي تُو مھَي ڀيڙو رئين، تو بچي جائِي۔“