دائُود رو سائُول ݾون ناݾڻ
21
جڏي دائُود نوب علائقَي ۾ اخيملڪ پُوجاري ڪڍي گيو، تو پُوجاري ٻيئاجتو اُوئي ݾون مِلڻ آيو۔ اُوئي دائُود ݾون پُوڇو ڪہ،”تُو ھيکلو ڪيئون آيو ھَي ھانَ ٿَي ڀيڙو ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي؟“ 2 دائُود پُوجاري نَي ڪھيو ڪہ،”بادشاھ مھنَي ھيڪَي ڪوم رو حُڪم ڏي ڪھيو ڪہ، ’ھُون ٿنَي ميلون پڙيو ھانَ جڪو حُڪم مھَي ٿنَي ڏينو ھَي، او ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻائي۔‘ اِيئي رَي ڪري مھَي آپرا مِنک ٻيجَي جگھائون تي ٻيݾاڙيا ھَي۔ 3 ھمَي کاوڻ رَي ݾارُو ٿَي ڪڍي ڪِي ھَي؟ مھنَي پونچ ٻاٽَي، پڻ جڪو ڀِي ھَي، او مھنَي ڏي۔“ 4 پُوجاري دائُود نَي ڪھيو ڪہ،”مھَي ڪڍي عام ٻاٽَي ڪونھي، پڻ پويتر ٻاٽَي ھَي۔ ھُون اَي ٻاٽَي اُوئون مِنکون نَي ڏي ݾگھون ھون، جڪو لُگايون ݾون اݪگا رھيا ھووَي۔“ 5 دائُود پُوجاري نَي ڪھيو ڪہ،”ݾاچيلي، مھونَي تين ڏِن ھويا ھَي، مھي آپرَي لُگايون ݾون اݪگا ھون۔ مھي جڏي ڀِي سفر ڪرون ھون، تو آپرو آپنَي پويتر راکون ھون، پڻ اَي سفر، تو خاص ھَي ھانَ پڪِي بات ھَي ڪہ او آج ضرُور پويتر ھوشَي۔“6 پَڇي پُوجاري دائُود نَي پويتر ٻاٽَي ڏينَي، ڪيونڪہ اوٿ ٻيجَي ٻاٽَي ڪونھي ھتَي۔ پُوجاري پرميشوَر آگھي ڀيٽا ۾ راکيوڙَي ٻاٽَي ليئَي ڪہ اُوئون رِي جگھا تي ݾاگي ڏِن تازَي ٻاٽَي راکَي۔ 7 اُوئي ڏِن سائُول رَي نوڪرون ۾ ھيڪ پرميشوَر آگھي موجُود ھتو۔ اُوئي رو نون دوئيگ ھتو ھانَ او ادُومي قوم رو ھتو، او سائُول رَي ڌراڙون رو ݾردار ھتو۔ 8 پَڇي دائُود اخيملڪ ݾون پُوڇو ڪہ،”ڪِي ٿَي ڪڍي ڪو ڀالو جون تلوار ھَي؟ ڪيونڪہ ھُون بادشاھ رَي ڪوم رِي ڇيڪائِي ۾ آپرِي تلوار ھانَ ھٿيار کڻڻ پونتريو رو۔“ 9 اِيئي تي پُوجاري ڪھيو ڪہ،”او تلوار جڪَي ݾون ٿَي فلستِي جوليت نَي ايلا وادِي ۾ قتل ڪيئو ھتو، او تلوار گاڀَي ۾ بيڙھيوڙِي پويتر گاڀون لاري پڙِي ھَي۔ جي ٿنَي کپَي، تو او تُو لي جا، پڻ اُوئي ݾون ٽاݪ ايٿ ٻيجو ڪو ڀِي ھٿيار ڪونھي۔“ دائُود ڪھيو ڪہ،”اھڙِي تلوار مھنَي ڪيٿ لاڌَي۔ او تلوار مھنَي ڏي۔“
10 پَڇي اُوئي ڏِن دائُود سائُول رَي ٻِي ݾون ناݾي جائي جات شھر رَي بادشاھ اڪيس ڪڍي گيو۔ 11 اڪيس بادشاھ رَي نوڪرون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”ڪِي اِيئي مُلڪ رو بادشاھ دائُود ڪونھي؟ اِيئي رَي بارَي ۾ لُگايون ناچي گايو ھتو ڪہ، ’سائُول تو ھزارون نَي ماريا، پڻ دائُود لَکون نَي۔‘“ 12 اَي بات ݾُڻي دائُود پريشون ھويو ھانَ اڪيس بادشاھ ݾون ٻيئاجڻ لاگو۔ 13 اِيئي تي دائُود اُوئون آگھي چالاڪِي ڪِي ھانَ اُوئون ۾ ڪالھون ھوئي شھر رَي در تي ليڪا ڪاڍڻ لاگو ھانَ موڏَي ݾون ٿُوڪ نڪري اُوئي رِي ڏاڙھِي تي بيوَڻ لاگو۔ 14 تو اڪيس بادشاھ آپرَي نوڪرون نَي ڪھيو ڪہ،”ٿي اَي مِنک مھي ڪڍي ڪيئون لي آيا ھو؟ ڪِي ٿي ڏيکتا ڪونھي ڪہ اَي تو ڪالھو ھَي؟ 15 ڪِي مھَي ڪڍي ڪالھا گھٽ ھَي، جڪو ٿي ھيڪ ٻيجو ڪالھو جھالي مھَي ڪڍي لي آيا ھو ڪہ اَي ڀِي مھَي آگھي ڪالھون آݪِي ڪار حرڪتون ڪرَي؟ ٿي اھڙو مِنک مھارَي گھري ڪيئو لي آيا ھو؟“