سيموئيل رو دائُود نَي چُونڊڻ
16
پَڇي پرميشوَر سيموئيل نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو ڪترِي توڻي سائُول رَي ݾارُو ڏُک ڪرتو رئين؟ ڪيونڪہ مھَي اُوئي ݾون اِسرائيل رِي بادشاھي کوݾِي رِي۔ ھمَي تُو ھيڪَي ݾِينگ ۾ تيل لَي ھانَ ھُون ٿنَي بيت لحم شھر ۾ يَسي نون رَي مِنک ڪڍي ميلون ھون۔ مھَي اُوئي رَي ڏيڪرون ۾ ھيڪَي ڏيڪرَي نَي بادشاھ ٺاھيو ھَي۔“ ‏2 سيموئيل ڪھيو ڪہ، ”ھُون ڪيڪر جائُون؟ جي سائُول نَي خبر پڙِي، تو او مھنَي ماري ڇوڙشَي۔“ پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”تُو آپ ڀيڙِي ھيڪ ٽوگھڙِي لي جائي ھانَ ڪئي ڪہ، ’ھُون پرميشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرڻ آيو ھون۔‘ ‏3 جڏي تُو اوٿ پُگَي، تو ٻَليدون رِي يَسي نَي ڀِي دعوت ڏئي۔ پَڇي ھون ٿنَي ݾُڻائين ڪہ ٿنَي ڪِي ڪرڻو ھَي، جون ھون ڪونھ، تُو اُوئي نَي مھارَي ݾارُو چُونڊي۔“
‏4 سيموئيل اِيئوج ڪيئو، جون پرميشوَر اُوئي نَي ڪھيو ھتو۔ جڏي او بيت لحم شھر ۾ آيو، تو شھر را اَگووڻ اُوئي نَي ڏيکي ٻيئاجي اُوئي ݾون مِلڻ آيا۔ اُوئون سيموئيل ݾون پُوڇو ڪہ، ”خير تو ھَي؟“ ‏5 اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھاوي، خيريت ݾون آيو ھون ھانَ ھُون پرميشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرڻ آيو ھون۔ اِيئي رَي ڪري ھمَي ٿي آپنَي پويتر ڪرو ھانَ مھَي ڀيڙا ٻَليدون ڪرڻ ھالو۔“ پَڇي سيموئيل يَسي ھانَ اُوئي رَي ڏيڪرون نَي پويتر ڪيئا ھانَ اُوئون نَي ٻَليدون رِي دعوت ڏينِي۔
‏6 جڏي او آيا، تو سيموئيل الياب نَي جوئي ݾوچو ڪہ،”پڪِي بات ھَي، جڪَي نَي پرميشوَر چُونڊيو ھَي، او اَئيج ھَي۔“ ‏7 پڻ پرميشوَر سيموئيل نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو اُوئي رو مونڏو ھانَ قد نِي جو، ڪيونڪہ مھَي اِيئي نَي ڪونھي چُونڊيو۔ ھُون پرميشوَر، اِنسون آݪِي ڪار نظر ڪونھي ڪرتو، ڪيونڪہ اِنسون ظاھري صُورت جوئَي ھَي، پڻ ھُون اِنسون رَي دِل تي نظر ڪرون ھون۔“ ‏8 پَڇي يَسي آپرَي ٻيجَي ڏيڪرَي ابينداب نَي سيموئيل آگھي اَڻايو، پڻ سيموئيل ڪھيو ڪہ، ”پرميشوَر اِيئي نَي ڀِي ڪونھي چُونڊيو۔“ ‏9 اِيئي ݾون پَڇي يَسي تيجَي ڏيڪرَي سما نَي سيموئيل آگھي اَڻايو، پڻ سيموئيل ڪھيو ڪہ، ”نا، پرميشوَر اِيئي نَي ڪونھي چُونڊيو۔“ ‏10 اِيئي نمُونَي يَسي آپرا ݾاتئي ڏيڪرا سيموئيل ڪڍي لي آيو، پڻ سيموئيل ڪھيو ڪہ، ”اِيئون ۾ پرميشوَر ڪينَي ڀِي ڪونھي چُونڊيو۔“ ‏11 پَڇي سيموئيل يَسي ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي ٿارا ݾجائِي ڏيڪرا اَئيج ھَي؟“ تو اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”مھارو ݾجون ݾون نِنيو ڏيڪرو، ايٿ ڪونھي، او رڍون ٻڪرَي چارڻ گيو ھَي۔“ سيموئيل يَسي نَي ڪھيو ڪہ، ”اُوئي نَي ڀِي اَڻا، ڪيونڪہ جترِي توڻي او ايٿ ڪونھي آوَي، اُترِي توڻي مھي ٻاٽِي ڪونھي کائُون۔“ ‏12 پَڇي يَسي اُوئي نَي اَڻايو۔ او راتَي رنگ رو، ڦُوٽرَي اونکيون آݪو ھانَ رُوپ آݪو ھتو۔ پرميشوَر سيموئيل نَي ڪھيو ڪہ، ”اُٺِي، اِيئي نَي چُونڊ، ڪيونڪہ اَي اوج ھَي۔“ ‏13 پَڇي سيموئيل ݾِينگ ݾون تيل ليئو ھانَ دائُود نَي اُوئي رَي ڀايون آگھي مَسح (چُونڊيو) ڪيئو۔ پَڇي اُوئيج ڏِن پرميشوَر رِي آتما زور ݾون دائُود ماٿَي اُترِي ھانَ اُوئي ڀيڙِي رئِي ھانَ سيموئيل راما شھر ڏيݾا گيو۔
دائُود رو سائُول رِي شيوا ڪرڻ
‏14 پَڇي پرميشوَر رِي آتما سائُول نَي ڦِٽو ڪيئو ھانَ پرميشوَر رَي طرفون ميليوڙِي بُڇڙِي آتما اُوئي نَي تنگ ڪرڻ لاگِي۔ ‏15 اِيئي تي سائُول رَي نوڪرون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”جو، پرميشوَر رِي ميليوڙِي بُڇڙِي آتما ٿنَي تنگ ڪرَي ھَي۔ ‏16 اِيئي رَي ڪري اي مالڪ، مھونَي حُڪم ڏي ڪہ مھي ٿارَي ݾارُو ھيڪ اھڙو مِنک جوئي لي آئُون، جڪو بربط ساز بجاوتو ھووَي۔ جڏي بُڇڙِي آتما ٿنَي تنگ ڪرَي، تو او بربط بجاوَي ھانَ ٿنَي آروم آوَي۔“ ‏17 پَڇي سائُول آپرَي نوڪرون نَي ڪھيو ڪہ،”ٺيڪ ھَي، ٿي اھڙو مِنک لي آئو، جڪو بربط بجاوڻ رو ڪاريگر ھووَي۔“ ‏18 اِيئي تي ھيڪَي نوڪر ڪھيو ڪہ،”مھَي ھيڪ مِنک ڏيٺو ھَي، جڪو بيت لحم شھر آݪَي يَسي رو ڏيڪرو ھَي۔ او بربط بجاوڻ رو ڪاريگر ھَي ھانَ او طاقت آݪو ھانَ جنگِي مِنک ھَي، او ٻولڻ ۾ ھوشيار ھانَ ڏيکيجڻ ۾ ڦُوٽرو ھَي ھانَ پرميشوَر اُوئي ڀيڙو ھَي۔“ ‏19 پَڇي سائُول يَسي نَي نياپو ڏي ميليو ڪہ،”ٿارو ڏيڪرو دائُود مھَي ڪڍي ميل، جڪو رڍون ٻڪرَي چارَي ھَي۔“ ‏20 پَڇي يَسي گڏَي ماٿَي ٻاٽَي، انگُورون رَي رس رِي ڏيڙِي ھانَ ھيڪ ٻڪر دائُود نَي ڏي سائُول ڏيݾا ميليو۔ ‏21 پَڇي دائُود سائُول ڪڍي آيو۔ او سائُول نَي تموم گھڻو پسند آيو۔ اُوئي دائُود نَي آپرا جنگِي ھٿيار کڻڻ آݪو ڪري راکيو۔ ‏22 اِيئي تي سائُول يَسي نَي نياپو ڏي ميليو ڪہ،”مھنَي دائُود تموم گھڻو پسند ھَي، اِيئي رَي ڪري اَي مھارَي ڪوم رَي ݾارُو مھَي ڪڍي ٻيٺو رَي۔“
‏23 جڏي ڀِي پرميشوَر رَي طرفون ميليوڙِي بُڇڙِي آتما سائُول نَي تنگ ڪرتِي، تو دائُود بربط بجاوتو، جڪَي ݾون سائُول نَي آروم مِلتو۔ اِيئي نمُونَي او آتما اُوئي ݾون نڪري جاوتِي ھانَ او ݾاجو ھوتو۔