يُونتن رو فلستيون تي حملو
14
پَڇي ھيڪ ڏِن سائُول رَي ڏيڪرَي يُونتن آپرا جنگِي ھٿيار کڻڻ آݪَي جوان نَي ڪھيو ڪہ،”ھال، آپي فلستيون رِي چوڪِي ڏيݾا ھالون۔“ پڻ يُونتن اَي بات آپرَي ٻاپ نَي ڪونھي ݾُڻائِي۔ 2 سائُول اُوئي ٽيم مجرُون علائقَي ۾ جِبع شھر رِي حد ڪڍي ڏاڙھُون رَي بَڻ ھيٺا ٻيٺو ھتو۔ اوٿ اندازن ڇَي ݾئو مِنک اُوئي ڀيڙا ھتا۔ 3 اُوئون ۾ اَخيا ڀِي ھتو، جڪَي نَي پُوجاري آݪِي واسڪوٽِي پيريوڙِي ھتِي۔ او يڪبود رَي ڀائي اخيطوب رو ڏيڪرو ھتو، اُوئي رَي ڏاڏَي رو نون فينحاس ھانَ پَڙ ڏاڏَي رو نون عيلي ھتو، عيلي سيلا شھر ۾ پرميشوَر رو پُوجاري ھتو۔ ڪينَي ڀِي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ يُونتن اوٿ ݾون گيو رو۔4 يُونتن ودايون ݾون ھوئي فلستيون رِي چوڪِي ڏيݾا جاوڻ رو ݾوچو۔ اُوئون واديون رَي ھيڪَي پاݾَي بوصيص جبل ھانَ ٻيجَي پاݾَي سن جبل ھتو، اِيئون جبلون ماٿَي چڙھڻ ڏُکيو ھتو۔ 5 ھيڪ جبل اُتر ڏيݾا مڪماس شھر ݾومھو ھتو ھانَ ٻيجو جبل ڏکڻ ڏيݾا جِبع شھر ݾومھو ھتو۔
6 پَڇي يُونتن آپرا جنگِي ھٿيار کڻڻ آݪَي جوان نَي ڪھيو ڪہ،”ھال، آپي بِنا کَتنَي آݪَي مِنکون رِي چوڪِي ڏيݾا ھالون۔ ھوئي ݾگھَي ڪہ پرميشوَر آپڻِي مدد ڪرَي، ڪيونڪہ جڏي پرميشوَر مدد ڪرَي ھَي، تو او گھٽ جون وڌ مِنک ڪونھي جوتو۔“ 7 اُوئي جوان ڪھيو ڪہ،”جڪو ٿنَي صحيح لاگَي او ڪر، ھُون اوج ڪرين جڪو تُو ڪئِي۔“ 8 پَڇي يُونتن ڪھيو ڪہ،”جو، آپي اُوئون ڏيݾا ھالون ھون ڪہ او آپون نَي ڏيکَي۔ 9 جي اُوئون ڪھيو ڪہ، ’اوٿ اُڀا رو، مھي آپ آئُون ھون۔‘ تو آپي اوٿج اُڀا ريشون ھانَ اُوئون ڪڍي ڪونھي ھالون۔ 10 پڻ جي او ڪشَي ڪہ، ’مھون ڪڍي آئو۔‘ تو آپي اُوئون ڪڍي ھالشون، ڪيونڪہ اَي آپڻَي ݾارُو نِشون ھوشَي ڪہ پرميشوَر اُوئون نَي آپڻَي حوالي ڪيئا ھَي۔“
11 پَڇي او ٻيئي فلستيون رِي چوڪِي ڏيݾا گيا، تو فوجيون اُوئي نَي جوئي ڪھيو ڪہ، ”جوئو، جڪَي ٻِل ۾ عبراني لِڪيوڙا ھتا، ھمَي اوٿ ݾون نڪريا ھَي۔“ 12 پَڇي فوجيون يُونتن ھانَ اُوئي جوان نَي ڪھيو ڪہ،”جي ٿون ۾ ھِمت ھَي، تو مھون ڪڍي آئو۔“ اِيئي تي يُونتن آپرَي جوان نَي ڪھيو ڪہ،”مھارَي لاري آ، ڪيونڪہ پرميشوَر اُوئون نَي اِسرائيليون رَي حوالي ڪيئا ھَي۔“ 13 اِيئي تي يُونتن آپرَي ھاٿون پگون ݾون جبل تي چڙھتو چڙھتو فلستيون ڪڍي پُگو ھانَ او جوان ڀِي اُوئي لاري گيو۔ يُونتن فلستيون تي حملو ڪري اُوئون نَي ھيٺا نوکتو گيو ھانَ او جوان اُوئون نَي مارتو گيو۔ 14 اِيئي پيلڪَي حملَي ۾ يُونتن ھانَ اُوئي جوان بيݾ مِنک ماريا۔ اِيئي حملَي ۾ اُوئون را لاش اندازن آڌَي ايڪڙ ۾ پڙيا رھيا۔ 15 پَڇي فلستِي فوجي، تنٻُوئون آݪا، چوڪِي آݪا ھانَ حملو ڪرڻ آݪا تموم گھڻا گھٻرايا۔ زمين ڌُٻڻ لاگِي ھانَ ݾجائِي ٻِي ۾ ڏڪڻ لاگا۔
فلستيون رِي ھار
16 جڏي بنيامين قبيلَي رَي جِبع شھر ۾ سائُول رَي چوڪيدارون ڏيٺو ڪہ فلستِي ٻِي ۾ اِيئا اُوئا ناݾَي پڙيا، 17 تو سائُول آپرَي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ،”جانچ ڪرو، ڪيو مِنک گُم ھَي؟“ جڏي اُوئون جانچ ڪِي، تو خبر پڙِي ڪہ يُونتن ھانَ او جوان ھائِي ڪونھي۔
18 پَڇي سائُول اَخيا پُوجاري نَي ڪھيو ڪہ،”تُو واسڪوٽِي مھَي ڪڍي لي آ۔“ اُوئي ٽيم او واسڪوٽِي اِسرائيليون ڪڍي ھتِي۔ 19 جڏي سائُول پُوجاري ݾون ٻولتو پڙيو، تو فلستيون رَي تنٻُوئون ۾ اَگي ݾون وڌيڪ ھُل ھوتو پڙيو۔ پَڇي سائُول ڪھيو ڪہ،”بس، ھمَي ڇوڙو۔“ 20 پَڇي سائُول آپرَي فوجيون نَي جنگ رَي ݾارُو ھيڪِي جگھا تي ڀيڙا ڪيئا۔ اُوئون ڏيٺو ڪہ فلستِي ھيڪَي ٻيجَي نَي قتل ڪرَي پڙيا ھانَ تموم گھڻو ھُل ھَي۔ 21 پَڇي آݾَي پاݾَي را عبراني جڪو پيل فلستيون ڀيڙا ريتا، او اُوئون نَي ڇوڙي اِسرائيليون ڀيڙا شامل ھويا، جڪو سائُول ھانَ يُونتن ڀيڙا ھتا۔ 22 اِيئي نمُونَي جڪو اِسرائيلي اِفرائيم رَي جابلُو علائقَي ۾ لِڪيوڙا ھتا، جڏي اُوئون اَي ݾُڻيو ڪہ فلستِي ناݾَي پڙيا، تو او ڀِي جنگ ۾ شامل ھويا ھانَ فلستيون رو لارو ڪيئو۔ 23 اُوئي ڏِن پرميشوَر اِسرائيليون نَي ڪامياب ڪيئا ھانَ جنگ بيت آون شھر ݾون آگھي بڌتِي گئِي۔
سائُول رو مِنکون نَي ݾونݾ
24 اُوئي ڏِن اِسرائيلي تموم گھڻا پريشون ھتا، ڪيونڪہ سائُول ݾونݾ ڏي ڪھيو ھتو ڪہ،”آج شام، جترِي توڻي ھُون آپرَي دُشمنون ݾون بدلو نِي ليئون، اُتري توڻي جي ڪَي ڪئين کاڌو، تو او لعنتِي ھوشَي۔“ اِيئي رَي ڪري اُوئون ۾ ڪَي ڀِي ڪئين ڪونھي کاڌو۔
25 پَڇي ݾجائِي مِنک جھنگ ۾ پُگا ھانَ ڏيٺو ڪہ اوٿ تموم گھڻِي ماکِي ھَي۔ 26 جڏي او جھنگ مئين گيا، تو ڏيٺو ڪہ ماکِي ٽِمَي پڙِي، پڻ ڪَي ڀِي ھاٿ ڪونھي لگايو، ڪيونڪہ اُوئون نَي سائُول رَي ڏينوڙَي ݾونݾ رو ٻِي ھتو۔ 27 پڻ يُونتن نَي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ اُوئي رَي ٻاپ مِنکون نَي ݾونݾ ڏيرايو ھَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي آپرِي گيڏِي ݾون ماکِي ڇوڻي کاڌِي، تو اُوئي نَي تموم گھڻِي طاقت ملِي۔ 28 پَڇي مِنکون ۾ ھيڪَي ڪھيو ڪہ،”ٿارَي اَبا ݾجون نَي ݾونݾ ڏيرايو ھَي ڪہ،’آج جڪو ڀِي ڪئين کاشَي، تو او لعنتِي ھوشَي۔‘ اِيئي رَي ڪري بُوک ݾون مھورو حال خراب ھَي۔“ 29 اِيئي تي يُونتن ڪھيو ڪہ،”مھارَي اَبا ٿونَي مُصيبت ۾ گھاتيا ھَي۔ جوئو، ٿوڙِي ماکِي ݾون مھَي ۾ ڪترِي طاقت آئِي ھَي۔ 30 ڪِترو ڀلو ھتو ڪہ آج رَي ڏِن ٿي ݾجائِي دُشمن رَي کوݾيوڙَي مال ۾ پيٽ ڀري کائُون تو، ھانَ پَڇي فلستيون نَي اِيئي ݾون وڌيڪ قتل ڪرون تو۔“
31 اُوئي ڏِن اِسرائيلي مڪماس شھر ݾون ايالُون شھر توڻي فلستيون نَي مارڻ گيا ھتا، اِيئي رَي ڪري او تموم گھڻا ٿڪوڙا ھتا۔ 32 پَڇي او کوݾيوڙَي مال ڏيݾا ناٺا ھانَ رڍون، ڍگا ھانَ ٽوگھڙا اوٿج باڍيا ھانَ لوئِي ݾُوڌا کاڌا۔
33 جڏي سائُول نَي ڪَي ݾُڻايو ڪہ،”مِنک پرميشوَر رو ڏوھ ڪرَي پڙيا، ڪيونڪہ او لوئِي ڀيڙو موݾ کاوَي پڙيا۔“ تو اُوئي ڪھيو ڪہ،”اُوئون ڏوھ ڪيئو ھَي، اِيئي رَي ڪري ھيڪ موٽو پٿر ݾِرڪائي مھَي ڪڍي لي آئو۔“ 34 پَڇي سائُول ڪھيو ڪہ،”ٿي ݾجون نَي جائي ڪو ڪہ ھر ھيڪ مِنک آپرو ھيڪ ڍگو جون رڍ ايٿ لي آوَي ھانَ مھارَي آگھي باڍي کاوَي۔ پڻ ٿي لوئِي ڀيڙو موݾ کائي پرميشوَر را ڏوھي نِي ھوئو۔“ پَڇي اُوئيج رات ھر ھيڪ مِنک آپرو ڍگو اوٿج لي آيو ھانَ اُوئي نَي اُوئي پٿر ماٿَي باڍيو۔ 35 سائُول اوٿ پرميشوَر رَي ݾارُو ھيڪ ٻَليدون رِي جگھا ٺائِي ھانَ اَي پيلڪِي ٻَليدون رِي جگھا ھتِي، جڪو اُوئي پرميشوَر رَي ݾارُو ٺائِي ھتِي۔
36 پَڇي سائُول ڪھيو ڪہ،”آئو، آپي آج رات فلستيون تي حملو ڪرون ھانَ ڏِن اُگڻ ݾون پيل ݾجون نَي ماري اُوئون رو ڌڻ مال کوݾي ليئون۔“ تو اُوئون ڪھيو ڪہ،”جڪو ٿنَي صحيح لاگَي، او ڪر۔“ پڻ اَخيا پُوجاري ڪھيو ڪہ،”آئو، پيل آپي ايشوَر ݾون پُوڇون۔“ 37 پَڇي سائُول ايشوَر ݾون پُوڇو ڪہ،”ڪِي ھُون فلستيون تي حملو ڪرون ھانَ ڪِي تُو اُوئون نَي اِسرائيل رَي حوالي ڪرِي؟“ پڻ ايشوَر اُوئي ڏِن ڪو ڀِي بݪتِي ڪونھي ڏينِي۔ 38 اِيئي تي سائُول ݾردارون نَي ڪھيو ڪہ،”ٿي ايٿ آئو ھانَ پُوڇو ڪہ آج ڪھڙو ڏوھ ھويو ھَي؟ 39 مھنَي اِسرائيل نَي بچاوڻ آݪَي جيتَي پرميشوَر رو ݾونݾ، جي مھارَي ڏيڪرَي يُونتن ڀِي ڏوھ ڪيئو ھوشَي، تو او ڀِي ماريو جاشَي۔“ پڻ ݾجائِي چُپ ھتا۔ 40 پَڇي سائُول ݾجَي اِسرائيليون نَي ڪھيو ڪہ،”ٿي ݾجائِي ھيڪَي پاݾَي اُڀو، ھُون ھانَ مھارو ڏيڪرو يُونتن ٻيجَي پاݾَي۔“ پَڇي مِنکون سائُول نَي ڪھيو ڪہ،”جون ٿنَي صحيح لاگَي، اوج ڪر۔“ 41 پَڇي سائُول ڪھيو ڪہ،”اي پرميشوَر اِسرائيل را ايشوَر، ٿَي آپرَي ٻونھَي رِي پراٿنا رو جواب ڪيئون ڪونھي ڏينو؟ مھنَي ݾُڻا ڪہ مھون ۾ ڪُڻ پاپي ھَي؟“ پَڇي پُکو گھاتيو ھانَ او پُکو سائُول ھانَ يُونتن رَي نون رو نڪريو، پڻ باقي مِنکون رو ڪو ڀِي ڏوھ ڪونھي ھتو۔ 42 پَڇي سائُول ڪھيو ڪہ،”ھمَي مھارَي ھانَ مھارَي ڏيڪرَي رَي نون را پُکا گھاتو۔“ تو او پُکو يُونتن رَي نون رو نڪريو۔ 43 پَڇي سائُول يُونتن نَي ڪھيو ڪہ،”مھنَي ݾُڻا، ٿَي ڪھڙو پاپ ڪيئو ھَي؟“ تو يُونتن اُوئي نَي ݾُڻايو ڪہ،”مھَي آپرِي گيڏِي ݾون ٿوڙِي ماکِي اُتاري کاڌِي ھتِي، اِيئي رَي ڪري ھمَي ھُون مرڻ رَي ݾارُو تيار ھون۔“ 44 سائُول يُونتن نَي ڪھيو ڪہ،”جي مھَي ٿنَي موت رِي سزا نِي ڏينِي، تو ايشوَر مھنَي اِيئي ݾون ڀِي وڌيڪ سزا ڏَي۔“ 45 پَڇي مِنکون سائُول نَي ڪھيو ڪہ،”يُونتن، ڪيئون ماريو جاوَي؟ اِيئون ڪونھي ھووَي، ڪيونڪہ اِيئي اِسرائيليون نَي موٽِي مُصيبت ݾون بچايا ھَي۔ جيتَي پرميشوَر رو ݾونݾ، يُونتن رو ھيڪَي باݪ جِترو ڀِي نُقصون ڪونھي ھووَي، ڪيونڪہ اِيئي جيت ۾ ايشوَر اِيئي ڀيڙو ھتو۔“ اِيئي نمُونَي مِنکون يُونتن نَي مرڻ ݾون بچايو۔ 46 اُوئي ݾون پَڇي سائُول فلستيون تي حملو ڪونھي ڪيئو ھانَ فلستِي آپرَي علائقَي ڏيݾا بُوئا گيا۔
سائُول رِي بادشاھي ھانَ خاندان
47 جڏي سائُول اِسرائيليون تي بادشاھي ڪرڻ شرُوع ڪِي، تو او آپرَي چوڌاري دُشمنون ݾون جنگ ڪرتو رھيو۔ اُوئي موآبيون، عمُونيون، ادُوميون ھانَ ضوھابيون رَي بادشاھون ھانَ فلستِي قوم ݾون ڀِي جنگ ڪِي۔ او جيٿ ڀِي گيو، اوٿ او ڪامياب ھوتو گيو۔ 48 سائُول اِسرائيليون نَي ڦُرڻ آݪون عماليقيون نَي تموم گھڻا ھرايا ھانَ اِيئي نمُونَي اُوئي اِسرائيليون نَي اُوئون رَي ھاٿون ڇوڙايا۔
49 سائُول را ڏيڪرا اَي ھتا، يُونتن، اِسوي ھانَ ملڪيشوَع۔ اِيئون ݾون ٽاݪ اُوئي رَي ٻي ڏيڪرَي ڀِي ھتَي، موٽِي ڏيڪرِي رو نون ميرب ھانَ نِنڪِي رو نون ميڪل ھتو۔ 50 سائُول رِي لُگائِي رو نون اخينوعم ھتو، جڪو اخيمعض رِي ڏيڪرِي ھتِي۔ سائُول رَي فوج رَي آفيسر رو نون ابنير ھتو، جڪو سائُول رَي ڪاڪَي نير رو ڏيڪرو ھتو۔ 51 سائُول رَي ٻاپ رو نون قيس ھتو، ابنير رَي ٻاپ رو نون نير ھتو، اَي ٻيئي ابي ايل را ڏيڪرا ھتا۔
52 سائُول آپرِي ݾجِي زندگِي فلستيون ݾون جنگ ڪرتو رھيو۔ سائُول جڏي ڀِي ڪَي دلير جون پھلوون مِنک نَي ڏيکتو، تو اُوئي نَي آپرِي فوج ۾ راکتو۔