سائُول رِي فلستيون ݾون جنگ
13
جڏي سائُول اِسرائيليون رو بادشاھ ھويو، تو اُوئي رِي عُمر ٽيھ ݾال ھتِي ھانَ اُوئي نَي حڪُومت ڪرتي ٻي ݾال ھويا ھتا۔ 2 تو سائُول آپرَي ݾارُو اِسرائيليون ۾ تين ھزار مِنک چُونڊيا۔ اُوئون ۾ ٻي ھزار مِنک مڪماس شھر ھانَ بيت ايل شھر رَي جابلُو علائقَي ۾ سائُول ڀيڙا ريتا۔ ھيڪ ھزار مِنک بنيامين قبيلَي را جِبع شھر ۾ سائُول رَي ڏيڪرَي يُونتن ڀيڙا ريتا۔ باقي مِنکون نَي آپرَي آپرَي تنٻُوئون ڏيݾا ميليا۔3 ھيڪ ڏِن فلستيون ݾُڻيو ڪہ يُونتن جِبع شھر ۾ اُوئون را چوڪِي را فوجي ماريا ھَي، تو سائُول ݾجَي مُلڪ ۾ نَر ݾِينگا بجائي اَي بات ݾجِي عبراني قوم نَي ݾُڻائِي۔ 4 جڏي ݾجَي اِسرائيليون ݾُڻيو ڪہ سائُول فلستيون رِي چوڪِي را فوج ماريا ھَي ھانَ اَي ڀِي ݾُڻيو ڪہ فلستيون نَي اِسرائيليون ݾون نفرت ھوئِي ھَي، تو ݾجائِي اِسرائيلي جِلجال شھر ۾ سائُول ڪڍي ڀيڙا ھويا۔
5 پَڇي فلستِي ڀِي اِسرائيليون ݾون جنگ ڪرڻ رَي ݾارُو ڀيڙا ھويا، اُوئون ڪڍي ٽيھ ھزار گھوڙا گاڏا ھانَ ڇَي ھزار گھوڙَي ݾَوار فوجي ڀِي ھتا۔ اَي مِنک اِترا ھتا، جترِي ݾمُوندر رِي بيݪُو۔ اُوئون بيت آون شھر رَي اُوگوڻَي پاݾَي مڪماس شھر ۾ آپرا تنٻُو لگايا۔ 6 جڏي اِسرائيليون ڏيٺو ڪہ مھونَي خطرو ھَي ھانَ دُشمن مھورَي نيڙا ھَي، تو او ٻيئاجا۔ پَڇي او گھٻرائي چُرون، ڏُونگرون، جھنگ، تَھہ کونون ھانَ کڏون ۾ جائي لِڪيا۔ 7 ڪئين عبراني مِنک يردن دريا پار ڪري جد ھانَ جِلعاد علائقَي ڏيݾا گيا، پڻ سائُول جِلجال شھر ۾ رھيو۔ جڪو مِنک سائُول ڀيڙا ھتا، او ٻيئاجي ڏڪڻ لاگا۔
سائُول رِي نافرمونِي
8 پَڇي سائُول سيموئيل رَي ڪيوَڻ تي ݾات ڏِن جِلجال شھر ۾ اُوئي رو اِنتظار ڪرتو رھيو، پڻ سيموئيل ڪونھي آيو، اِيئي تي مِنک سائُول نَي ڇوڙي اِيئا اُوئا جاوڻ لاگا۔ 9 تو سائُول مِنکون نَي ڪھيو ڪہ،”ٻاݪڻ آݪا ھانَ خيريت آݪا ٻَليدون مھَي ڪڍي لي آئو۔“ پَڇي اُوئي ٻاݪڻ آݪا ٻَليدون ڪيئا۔ 10 جڏي اُوئي ٻَليدون ڪيئا، تو سيموئيل ڀِي اوٿ آيو ھانَ سائُول اُوئي رو اِستقبال ڪرڻ ٻاھر گيو۔ 11 اِيئي تي سيموئيل پُوڇو ڪہ،”ٿَي اَي ڪِي ڪيئو؟“ سائُول بݪتِي ڏينِي ڪہ،”جڏي مھَي ڏيٺو ڪہ فلستِي مڪماس شھر ۾ ڀيڙا ھويا ھَي ھانَ مِنک مھَي ݾون اِيئا اُوئا جاوڻ لاگا ھانَ تُو ڀِي بتايوڙَي ٽيم تي ڪونھي آيو، 12 تو مھَي ݾوچو ڪہ فلستِي جِلجال شھر ۾ مھَي تي حملو ڪرڻ آݪا ھَي ھانَ مھَي پرميشوَر ݾون مدد رَي ݾارُو پراٿنا ڀِي ڪونھي ڪِي، اِيئي رَي ڪري مجبُور ھوئي ٻاݪڻ آݪو ٻَليدون ڪيئو۔“ 13 پَڇي سيموئيل سائُول نَي ڪھيو ڪہ،”ٿَي بي وقوفي ڪِي ھَي ھانَ پرميشوَر آپرَي ايشوَر رو حُڪم ڀِي ڪونھي منيو۔ جي تُو پرميشوَر رَي حُڪم تي بون تو، تو اِسرائيل ۾ ٿارِي بادشاھي ھميشا بيتِي رون تو۔ 14 ٿَي پرميشوَر رو حُڪم ڪونھي منيو، اِيئي رَي ڪري ھمَي ٿارِي بادشاھي ختم ھوئي جاشَي۔ ھمَي پرميشوَر آپرِي قوم رِي اَگووڻِي رَي ݾارُو آپرو من پسند مِنک چُونڊيو ھَي۔“
15 پَڇي سيموئيل جِلجال شھر ݾون بنيامين قبيلَي رَي جِبع شھر ڏيݾا گيو۔ جڏي سائُول او مِنک گِڻيا، جڪو اُوئي ڀيڙا ھتا، او اندازن ڇَي ݾئو مِنک ھتا۔
16 جڏي سائُول، اُوئي رو ڏيڪرو يُونتن ھانَ اُوئي را مِنک بنيامين قبيلَي رَي شھر جِبع ۾ ھتا، تو فلستيون مڪماس شھر ۾ آپرا تنٻُو لگايا۔ 17 پَڇي فلستيون رَي تنٻُوئون ݾون تين ٽولا حملو ڪرڻ رَي ݾارُو نڪريا۔ اُوئون ۾ ھيڪ ٽولو عُفرا شھر رَي مارگ ݾون سُعال علائقَي ڏيݾا گيو، 18 ٻيجو ٽولو بيت حورُون شھر ڏيݾا گيو ھانَ تيجو ٽولو ضبوعيم وادِي رِي حد ڏيݾا گيو، جيٿ ݾون رڻ پَٽ ڏيکيجَي ھَي۔
19 اُوئون ڏِنون ۾ ݾجَي اِسرائيل ۾ لوھار ڪونھي ھتا، ڪيونڪہ فلستِي قوم رِي مرضِي ڪونھي ھتِي ڪہ او عبرانيون ݾون آپرَي ݾارُو تلوار جون ڀالا ٺڙاوَي۔ 20 اِيئي رَي ڪري ݾجائِي اِسرائيلي آپرا ھَݪ، کئيڙا، ڪُھاڙا ھانَ ڏاترا ٺپاوڻ رَي ݾارُو فلستيون ڪڍي جاوتا۔ 21 فلستِي ھَݪ ھانَ کئيڙا ٺپاوڻ رَي ݾارُو آڌَي تولَي ݾون وڌيڪ چوندِي ليتا ھانَ ٽنگڙِي، رنبا ھانَ ٽيڪم ٺپاوڻ رَي ݾارُو آڌَي تولَي ݾون گھٽ چوندِي ليتا۔ 22 سائُول ھانَ يُونتن ݾون ٽاݪ جنگ رَي ݾارُو اُوئي رَي ڪَي ڀِي مِنک ڪڍي ڪو ڀِي تلوار جون ڀالو ڪونھي ھتو۔
23 پَڇي فلستيون رِي چوڪِي را فوجي مڪماس شھر رِي وادِي ڏيݾا گيا۔