سائُول رو عمُونيون نَي ھراوڻ
11
پَڇي اندازن ھيڪَي مھيڻَي ݾون پَڇي، عمُوني قوم رَي بادشاھ ناحس حملو ڪرڻ رَي ݾارُو جِلعاد علائقَي رَي يبيس شھر ڪڍي آپرا تنٻُو لگايا۔ تو يبيس شھر رَي مِنکون ناحس بادشاھ نَي ڪھيو ڪہ،”جي تُو مھون ݾون صُلح ڪرَي، تو مھي ٿارو حُڪم منشون۔“ ‏2 اِيئي تي عمُوني بادشاھ ناحس اُوئون نَي ڪھيو ڪہ،”ھُون ھيڪِي شرط تي ٿون ݾون صُلح ڪرين ڪہ پيل ھُون ٿون ݾجون رَي اونکَي ڪاڍين ڪہ اِيئي نمُونَي اِسرائيليون رِي بي عِزتي ڪرون۔“ ‏3 اِيئي تي يبيس شھر رَي اَگووڻون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”تُو مھونَي ھيڪَي مھيڻَي رِي موھلت ڏي ڪہ مھي اِسرائيل رَي ݾجَي علائقون ۾ نياپو ڏيوَڻ آݪا ميلون۔ جي مھورِي مدد رَي ݾارُو ڪو ڀِي نِي آيو، تو مھي آپرو آپنَي ٿارَي حوالي ڪرشون۔“
‏4 پَڇي نياپو ڏيوَڻ آݪا سائُول رَي شھر جِبع ۾ آيا ھانَ اُوئون مِنکون نَي او باتون ݾُڻائَي، تو ݾجائِي زار زار روئڻ لاگا۔ ‏5 سائُول اُوئي ٽيم آپرَي ڍگون لاري ٻنِي ݾون آوتو پڙيو۔ اُوئي مِنکون ݾون پُوڇو ڪہ، ”اِيئون نَي ڪِي ھويو ھانَ اَي ڪيئون روئَي پڙيا؟“ تو اُوئون يبيس شھر رَي مِنکون رَي باتون اُوئي نَي ݾُڻائَي۔ ‏6 جڏي سائُول اَي باتون ݾُڻئَي، تو ايشوَر رِي آتما زور ݾون اُوئي ماٿَي اُترِي ھانَ اُوئي نَي ريݾ آئِي۔ ‏7 پَڇي اُوئي ڍگون رو جوڙو لي اُوئون را ٽُڪڙا ٽُڪڙا ڪيئا ھانَ اُوئون نياپو ڏيوَڻ آݪون رَي ھاٿون اِسرائيل رَي ݾجَي علائقَي ۾ ميليا۔ پَڇي اُوئي ڪھيو ڪہ،”جڪو سائُول ھانَ سيموئيل لاري ڪونھي بَي، تو اُوئون رَي ڍگون رو ڀِي اَي حال ھوشَي۔“ اَي ݾُڻي ݾجائِي اِسرائيلي پرميشوَر ݾون ٻيئاجا ھانَ او ھيڪ ھوئي نڪريا۔ ‏8 جڏي سائُول بزق شھر ڪڍي اُوئون نَي گِڻيا، تو اِسرائيلي قوم را تين لَک ھانَ يھُودا قبيلَي را ٽيھ ھزار مِنک ھتا۔ ‏9 پَڇي اُوئون نياپو ڏيوَڻ آݪون نَي ڪھيو ڪہ،”ٿي جِلعاد علائقَي رَي يبيس شھر رَي مِنکون نَي ڪھيا ڪہ، ’ݾووارَي ٻيپار ݾون پيل ٿي آزاد ھوئي جاشو۔‘“ جڏي اِيئون يبيس شھر آݪون نَي اَي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائِي، تو او تموم گھڻا خُوش ھويا۔ ‏10 پَڇي يبيس شھر رَي ݾجَي مِنکون عمُونيون نَي ڪھيو ڪہ،”مھي ݾووارَي آپرو آپنَي ٿونرَي حوالي ڪرشون ھانَ ٿونَي جڪو صحيح لاگَي، او ڪريا۔“
‏11 پَڇي ٻيجَي ڏِن سائُول مِنکون را تين ٽولا ٺاھيا ھانَ اُوئون ڏِن اُگڻ ݾون پيل عمُونيون رَي تنٻُوئون تي حملو ڪيئو۔ او اُوئون نَي ٻيپار توڻي قتل ڪرتا رھيا ھانَ جڪو بچا، او اِيئا اُوئا ناݾي گيا ھانَ ڪيٿ ڀِي ٻي مِنک ڀيڙا نظر ڪونھي آيا۔
‏12 پَڇي مِنکون سيموئيل نَي ڪھيو ڪہ، ”اَي ڪَي ڪھيو ھتو ڪہ، ’اَي مِنک مھونَي ڪيڪر بچاشَي؟‘ ھمَي او مِنک مھون ڪڍي لي آئو، تو مھي اُوئي نَي قتل ڪرون۔“ ‏13 پڻ سائُول ڪھيو ڪہ،”آج رَي ڏِن ڪينَي ڀِي ڪونھي مارون، ڪيونڪہ آج رَي ڏِن پرميشوَر اِسرائيليون نَي بچايا ھَي۔“ ‏14 پَڇي سيموئيل مِنکون نَي ڪھيو ڪہ،”ھالو، آپي جِلجال شھر ڏيݾا ھالون ڪہ اوٿ بادشاھي رو نُوئو دور شرُوع ڪرون۔“ ‏15 اِيئي تي ݾجائِي مِنک جِلجال شھر ۾ آيا ھانَ اوٿ اُوئون سائُول نَي پرميشوَر آگھي بادشاھ ٺاھيو۔ پَڇي اُوئون پرميشوَر آگھي خيريت را ٻَليدون ڪيئا ھانَ ݾجَي اِسرائيليون سائُول ڀيڙِي تموم موٽِي خُوشِي ملھائِي۔