سائُول ھانَ سيموئيل رِي مُلاقات
9
بنيامين قبيلَي ۾ ھيڪ تموم گھڻو طاقت آݪو مِنک ھتو، جڪَي رو نون قيس ھتو۔ قيس ابي ايل رو، ابي ايل صرور رو، صرور بڪورت رو ھانَ بڪورت افيخ رو ڏيڪرو ھتو۔ 2 قيس رو ھيڪ ڦُوٽرو ھانَ نوجوان ڏيڪرو ھتو، جڪَي رو نون سائُول ھتو۔ اُوئي رو قد اِترو ڏيگھو ھتو ڪہ مِنک اُوئي رَي ڪونڌَي توڻي آوتا ھانَ ݾجِي اِسرائيلي قوم ۾ اُوئي جھڙو ڦُوٽرو ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي ھتو۔3 ھيڪ ڏِن قيس رَي گڏَي گُميجَي، تو اُوئي آپرَي ڏيڪرَي سائُول نَي ڪھيو ڪہ،”تُو نوڪر آپ ڀيڙو لي جا ھانَ گڏيون نَي جو۔“ 4 اِيئي تي او جائي اِفرائيم رَي جابلُو علائقون ھانَ سليسلا رَي علائقون ۾ گڏَي جوئڻ لاگا، پڻ گڏَي اُوئون نَي ڪونھي لاڌَي۔ پَڇي او سعليم رَي علائقَي ۾ گيا، پڻ اوٿ ڀِي ڪونھي لاڌَي۔ پَڇي او بنيامين رَي علائقَي ۾ گيا، پڻ اوٿ ڀِي گڏَي ڪونھي لاڌَي۔ 5 جڏي او صُوف علائقَي ۾ پُگا، تو سائُول آپرَي نوڪر نَي ڪھيو ڪہ،”آ، آپي پاڇا ھالون، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي مھارو اَبا گڏيون رو فِڪر ڇوڙي آپڻَي ݾارُو پريشون ھووَي۔“
6 پَڇي نوڪر اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، اِيئي شھر ۾ ايشوَر رو ھيڪ نبِي رَي ھَي، جڪَي رِي تموم گھڻِي عِزت ھَي۔ او جڪو ڀِي ڪَي ھَي، او پُورو ھووَي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري آپي اُوئي ڪڍي ھالون، ھوئي ݾگھَي ڪہ او آپون نَي ݾُڻاوَي ڪہ آپون نَي ڪِي ڪرڻو ھَي۔“ 7 اِيئي تي سائُول آپرَي نوڪر نَي ڪھيو ڪہ،”آپي اُوئي ڪڍي ھالون تو سھي، پڻ آپي اُوئي رَي ݾارُو ڪِي لي ھالون، ڪِي آپون ڪڍي ڪئين ھَي؟ آپون ڪڍي کاوڻ رَي شيون تو ختم ھوئَي رَي ھانَ ڪو ڀِي اھڙِي شئي ڪونھي، جڪو آپي اُوئي رَي ݾارُو لي ھالون۔“ 8 اِيئي تي نوڪر سائُول نَي ڪھيو ڪہ، ”اي مالڪ، مھَي ڪڍي تين گرام چوندِي رو ھيڪ ݾِڪو ھَي، جڪو ھُون ايشوَر رَي شيواداري نَي ڏئين ڪہ او آپون نَي ݾُڻاوَي۔“
9 اُوئي ٽيم اِسرائيلي قوم ۾ اَي رواج ھتو ڪہ جڏي ڪو ڀِي مِنک ايشوَر رِي مرضِي اوݪکڻ رَي ݾارُو ڪرتو، تو او اَي ڪيتو ڪہ،”آئو، آپي اگڪٿِي ڪرڻ آݪَي ڪڍي ھالون۔“ ڪيونڪہ جڪَي نَي او اگڪٿِي ڪرڻ آݪو ڪيتا، ھمَي اُوئي نَي نبِي ڪَي ھَي۔ 10 پَڇي سائُول آپرَي نوڪر نَي ڪھيو ڪہ،”ٺيڪ ھَي، ھالون ھون۔“ پَڇي او اُوئي شھر ڏيݾا گيا، جيٿ ايشوَر رو نبِي ريتو۔ 11 جڏي او اُوئي شھر ڏيݾا جاوتا پڙيا، جڪو جبل تي ھتو، تو اوٿ اُوئون نَي ڪئين ڇوڪرَي ڀيڙَي ھوئَي، جڪو پوڻي ڀرڻ جاوتَي پڙئَي۔ اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ،”اگڪٿِي ڪرڻ آݪو ڪيٿ رَي ھَي؟“ 12 ڇوڪريون بݪتِي ڏينِي ڪہ،”ٿوڙِي دير پيل او شھر ۾ آيو ھَي، اِيئي رَي ڪري ٿي ڇيڪا اُوئي ڪڍي جائو، ڪيونڪہ آج جبل تي مِنک ٻَليدون رِي جگھا تي آپرَي پاپون رو ٻَليدون ڪرشَي۔ 13 او جبل تي ٻاٽِي کاوڻ جاوَي پڙيو ھانَ جڏي ٿي شھر ۾ جاشو، تو او ٿونَي ڀيڙو ھوشَي۔ جترِي توڻي او ڪونھي آوَي، اُتري توڻي مِنک ٻاٽِي ڀِي ڪونھي کاوَي، ڪيونڪہ پيل او ٻَليدون نَي برڪت ڏَي ھَي، پَڇي ميموڻ ٻاٽِي کاوَي ھَي۔ ٿي ڇيڪا جائو، او ٿونَي مِلي جاشَي۔“ 14 پَڇي او شھر ڏيݾا گيا ھانَ اوٿ پُگي ڏيٺو ڪہ سيموئيل شھر ݾون ٻاھر آوَي پڙيو ڪہ او جبل تي جاوَي۔
15 پرميشوَر سائُول رَي آوڻ ݾون ھيڪ ڏِن پيل سيموئيل نَي ݾُڻايو ھتو ڪہ، 16 ”ھُون ݾووارَي اِيئج ٽيم تي بنيامين رَي علائقَي ݾون ھيڪ مِنک ٿَي ڪڍي ميلين۔ تُو اُوئي نَي چُونڊي ڪہ او مھارِي اِسرائيلي قوم رو اَگووڻ ھووَي۔ او مھارا مِنک فلستِي قوم ݾون ڇوڙاشَي، ڪيونڪہ اُوئون رِي پُڪار مھَي توڻي پُگِي ھَي ھانَ مھَي اُوئون تي دايا ڪِي ھَي۔“
17 جڏي سيموئيل سائُول نَي ڏيٺو، تو پرميشوَر، سيموئيل نَي ڪھيو ڪہ،”جو، اَي اوج مِنک ھَي، جڪَي رَي بارَي ۾ مھَي ٿنَي ڪھيو ھتو ڪہ اَي مھارِي قوم رو اَگووڻ ھوشَي۔“ 18 پَڇي سائُول شھر رَي در تي گيو ھانَ جائي سيموئيل ݾون پُوڇو ڪہ،”اگڪٿِي ڪرڻ آݪَي رو گھر ڪيٿ ھَي؟“ 19 اِيئي تي سيموئيل سائُول نَي ڪھيو ڪہ،”او اگڪٿِي ڪرڻ آݪون ھُونج ھُون، تُو مھَي ڀيڙو جبل تي ھال، ڪيونڪہ آج تُو مھَي ڀيڙو ٻاٽِي کائِي ھانَ ݾاڪݪي تارھي بُوئو جائي، تُو جڪو ڪئين پُوڇِي ھُون او ݾُڻائين۔ 20 تين ڏِن پيل ٿارَي تين گڏَي گُميجَي ھتَي، ھمَي تُو اُوئون رِي فِڪر نِي ڪر، ڪيونڪہ او لاڌَي رَي۔ ھمَي ݾجَي اِسرائيل رِي اُميد ٿَي تي ھانَ ٿارَي ٻاپ رَي ݾجَي گھر تي ھَي۔“
21 پَڇي سائُول ڪھيو ڪہ،”ھُون اِسرائيل ۾ ݾجون ݾون نِنئي قبيلَي بنيامين رو ھون ھانَ مھورَي قبيلَي رَي ݾجَي خاندان ۾ مھارو خاندان ݾجون ݾون نِنيو ھَي۔ اِيئي رَي ڪري تُو مھَي ݾون اَي بات ڪيئون ڪرَي ھَي؟“
22 پَڇي سيموئيل سائُول ھانَ اُوئي رَي نوڪر نَي ميموڻون رَي ڪمرَي ۾ لي گيو، جيٿ پيل اندازن ٽيھ مِنک ٻيٺوڙا ھتا۔ سيموئيل ميموڻون رَي بِچ ۾ اُوئون نَي ݾجون ݾون ݾُٺِي جگھا تي ٻيݾاڙيا۔ 23 پَڇي سيموئيل بورچِي نَي ڪھيو ڪہ،”موݾ رو او ٽُڪڙو لي آ، جڪو مھَي ٿنَي ڏينو ھتو، ٿنَي ڪھيو ھتو ڪہ او ݾنڀالي راکي۔“ 24 پَڇي بورچِي ݾاٿݪ آݪو موݾ ھانَ جڪو ڪئين اُوئي ڀيڙو ھتو لائي سائُول آگھي راکيو۔ پَڇي سيموئيل سائُول نَي ڪھيو ڪہ،”جو، اَي او حِصو ھَي، جڪو مھَي ٿارَي ݾارُو راکيو ھتو ھانَ مِنکون نَي ڪھيو ھتو ڪہ، ’اَي خاص ٽيم رَي ݾارُو ھَي۔‘ ھمَي اَي کا۔“ پَڇي سائُول سيموئيل ڀيڙِي ٻاٽِي کاڌِي۔
سيموئيل رو سائُول ݾون باتون ڪرڻ
25 پَڇي او جبل ݾون اُتري شھر ۾ آيا ھانَ گھر رِي ڇِت ماٿَي ٻيݾي سائُول ݾون باتون ڪيئَي ھانَ ݾُوئي رھيو۔ 26 پَڇي او ݾاڪݪي تارھي اُٺيا ھانَ ڏِن آٿوئڻ رَي ٽيم سيموئيل سائُول نَي ڀڙي ڇِت ماٿَي ھيلو ڪرائي ڪھيو ڪہ،”ھال، ھمَي ٿنَي بَئير ڪرون۔“ پَڇي سائُول اُٺيو ھانَ او ٻيئي ٻاھر گيا۔ 27 جڏي او شھر ݾون ٻاھر آيا، تو سيموئيل سائُول نَي ڪھيو ڪہ،”آپرَي نوڪر نَي ڪَي ڪہ او آپون ݾون ڪئين آگھي ھالَي۔“ تو او نوڪر اُوئون ݾون ڪئين آگھي گيو۔ پَڇي سيموئيل سائُول نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو مھَي ڪڍي رَي ڪہ ھُون ٿنَي ايشوَر رَي باتون ݾُڻائُون۔“