7
پَڇي قريت يعريم شھر را مِنک پرميشوَر رِي ݾنڏُوڪ نَي ابينداب رَي گھر لي آيا، جڪو ھيڪَي جبل تي ھتو۔ پَڇي اُوئي رَي ڏيڪرَي اليعزر نَي پويتر ڪرَي چُونڊيو ڪہ او پرميشوَر رِي ݾنڏُوڪ ݾنڀالَي۔ ‏2 پرميشوَر رَي وچن رِي ݾنڏُوڪ نَي قريت يعريم شھر ۾ راکِي، اوٿ بيݾ ݾال رو موٽو ٽيم ھوئي گيو ھانَ ݾجائِي اِسرائيلي پرميشوَر نَي مدد ݾارُو پُڪارتا رھيا۔
سيموئيل اِسرائيل رو قاضِي
‏3 پَڇي سيموئيل ݾجَي اِسرائيليون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ٿي پُورَي دِل ݾون پرميشوَر ڏيݾا آئو، عستارات ديوِي ھانَ ٻيجَي ڏيوتائون نَي آپرَي بِچ ݾون ڪاڍو، آپرو دِل پرميشوَر نَي ڏيئو ھانَ رُگو اُوئي رِي ڀگتي ڪرو، تو او ٿونَي فلستيون رَي ھاٿون ڇوڙاشَي۔“ ‏4 اِيئي تي اِسرائيليون بعل ھانَ عستارات ڏيوتا آپرَي بِچ ݾون ڪاڍيا ھانَ رُگو پرميشوَر رِي ڀگتي ڪرڻ لاگا۔ ‏5 پَڇي سيموئيل ڪھيو ڪہ، ”ݾجَي اِسرائيليون نَي مِصفا شھر ۾ ڀيڙا ڪرو ھانَ ھُون ٿونرَي ݾارُو پرميشوَر ݾون پراٿنا ڪرين۔“ ‏6 اِيئي تي ݾجائِي اِسرائيلي مِصفا شھر ۾ ڀيڙا ھويا ھانَ پوڻي ڀري پرميشوَر آگھي ڍوڙڻ لاگا۔ اُوئون اُوئي ڏِن روزو راکي ڪھيو ڪہ، ”مھون پرميشوَر رَي خلاف پاپ ڪيئو ھَي۔“ سيموئيل مِصفا شھر ۾ اِسرائيليون رو قاضِي ھويو۔
‏7 پَڇي جڏي فلستيون نَي خبر پڙِي ڪہ ݾجائِي اِسرائيلي مِصفا شھر ۾ ڀيڙا ھويا ھَي، تو اُوئون را اَگووڻ اِسرائيليون تي حملو ڪرڻ آيا۔ جڏي اِسرائيليون اَي ݾُڻيو، تو او فلستيون ݾون ٻيئاجڻ لاگا۔ ‏8 پَڇي اِسرائيليون سيموئيل نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو پرميشوَر آپڻَي ايشوَر آگھي مھورَي ݾارُو پراٿنا ڪر ڪہ او مھونَي فلستيون رَي ھاٿون بچاوَي۔“ ‏9 سيموئيل ھيڪ ڏُوڌ پيئڻ آݪو گھيٽو ليئو ھانَ اُوئي نَي پرميشوَر رَي ݾارُو ٻاݪڻ آݪو ٻَليدون ڪيئو۔ جڏي سيموئيل اِسرائيليون رَي ݾارُو پرميشوَر ݾون پراٿنا ڪِي، تو اُوئي سيموئيل رِي پراٿنا قبُول ڪِي۔ ‏10 جڪَي ٽيم سيموئيل ٻاݪڻ آݪو ٻَليدون ڪرتو پڙيو، تو اُوئي ٽيم فلستِي اِسرائيليون ݾون جنگ ڪرڻ رَي ݾارُو نيڙا آيا، پڻ پرميشوَر اُوئيج ڏِن فلستيون تي تموم گھڻو زور ݾون گجگوڙ ڪيئو ھانَ او ٻيئاجي گيا۔ اِيئي نمُونَي او اِسرائيليون ݾون ھار کائي ناݾڻ لاگا۔ ‏11 پَڇي اِسرائيليون مِصفا ݾون نڪري فلستيون رو لارو ڪيئو، تو او بيت ڪر گون توڻي اُوئون نَي مارتا گيا۔
‏12 پَڇي سيموئيل مِصفا ھانَ شين شھر رَي بِچ ۾ ھيڪ پٿر اُڀو ڪيئو ھانَ اُوئي پٿر رو نون اَي ڪئي ابن عزر راکيو ڪہ، ”پرميشوَر اِيئي جگھا توڻي مھورِي مدد ڪِي ھَي۔“ ‏13 اِيئي نمُونَي فلستِي اِسرائيليون ݾون ھاريجي گيا ھانَ اُوئون ڀڙي ڪڏي ڀِي اُوئون رَي علائقَي تي حملو ڪونھي ڪيئو۔ سيموئيل رِي پُورِي زندگِي ۾ پرميشوَر فلستيون رَي خلاف رھيو۔ ‏14 فلستيون عقرُون ݾون لي جات توڻي، جڪو شھر اِسرائيليون ݾون کوݾيا ھتا، او ڀڙي اِسرائيليون رَي قبضَي ۾ آيا ھانَ اُوئون رَي آݾَي پاݾَي را گون ڀِي اِسرائيليون فلستيون ݾون کوݾي ليئا۔ اُوئي ٽيم اِسرائيليون ھانَ اموريون رِي آپت ۾ صُلح ھتِي۔
‏15 سيموئيل ݾجِي زندگِي اِسرائيليون رو قاضِي رھيو۔ ‏16 او ھر ݾال بيت ايل، جِلجال ھانَ مِصفا شھرون ھانَ اُوئون رَي ݾجَي علائقَي ۾ جائي اِسرائيليون را فيصلا ڪرتو۔ ‏17 پَڇي او راما شھر ۾ آپرَي گھري پاڇو آوتو ھانَ اوٿ ڀِي اِسرائيليون را فيصلا ڪرتو۔ اُوئي اوٿ پرميشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرڻ رِي جگھا ڀِي ٺائِي۔