وچن رِي ݾنڏُوڪ اِسرائيليون رَي شھر ۾
6
پرميشوَر رَي وچن رِي ݾنڏُوڪ ݾات مھيڻا فلستيون رَي مُلڪ ۾ رئِي۔ 2 پَڇي فلستيون پُوجاريون ھانَ نجُوميون نَي اَڻائي پُوڇو ڪہ، ”مھي وچن رِي ݾنڏُوڪ ݾون ڪِي ڪرون ھانَ مھونَي ݾُڻائو ڪہ مھَي اَي ڪيڪر پاڇِي ميلون؟“ 3 اِيئي تي اُوئون ڪھيو ڪہ، ”جي ٿي اِسرائيل رَي ايشوَر رِي وچن رِي ݾنڏُوڪ پاڇِي ميلو، تو اُوئي نَي خالي نِي ميليا، پڻ اُوئي ڀيڙو پاپون رَي ٻَليدون رَي ݾارُو ضرُور ڪئين ميليا۔ جڏي ٿونَي شفا ملَي، تو پَڇي ٿونَي خبر پڙشَي ڪہ ٿون تي آوڻ آݪِي آفت رو ڪارڻ اَئيج ھَي۔“ 4 پَڇي اُوئون پُوڇو ڪہ،”مھي آپرَي پاپون رَي ٻَليدون رَي ݾارُو ڪِي ڪرون؟“ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”ٿي فلستِي اَگووڻون رِي گِڻپ رَي حِساب ݾون ݾونَي را پونچ گَڙ ھانَ پونچ اُونڏرا ٺائي ڏيا، ڪيونڪہ ٿون تي ھانَ ٿونرَي ݾجَي اَگووڻون تي ھيڪج آفت آئِي ھَي۔ 5 اِيئي رَي ڪري ٿي ھمَي ݾونَي را پونچ گَڙ ھانَ پونچ اُونڏرا ٺائو، جڪو ٿونرِي پوک خراب ڪرَي ھَي۔ ٿي اِيئي نمُونَي اِسرائيل رَي ايشوَر رِي عِزت ڪرو، تو ھوئي ݾگھَي ڪہ او ٿون تي، ٿونرَي ڏيوتائون ھانَ ٿونرَي مُلڪ تي دايا ڪرَي۔ 6 ٿي آپرا من ڪاٺا نِي ڪرو، جھڙَي نمُونَي مِصري قوم ھانَ فرعُون ڪيئو ھتو۔ پَڇي جڏي ايشوَر مِصريون تي آفتون ميلئَي، تو اُوئون اِسرائيليون نَي آپرَي مُلڪ ݾون جاوڻ رِي موڪل ڏينِي ھانَ او بُوئا گيا۔ 7 اِيئي رَي ڪري ھمَي ٿي ھيڪ نُوئِي ڍگا گاڏِي ٺائو ھانَ ٻي ݾُوئا ڍگَي جوتريا، جڪو ڪڏي ڀِي ڪونھي جوتريجَي، پڻ اُوئون را ڦݪيا گھري اُڀاڙيا۔ 8 پَڇي ٿي پرميشوَر رِي ݾنڏُوڪ اُوئي ڍگا گاڏِي ماٿَي راکيا ھانَ ݾونَي رَي شيون جڪو ٿي آپرَي پاپون رَي ٻَليدون رَي ݾارُو ميلشو، او ھيڪَي ڏٻَي ۾ راکي ݾنڏُوڪ ڪڍي راکيا ھانَ پَڇي بَئير ڪريا ڪہ او گاڏِي بُئِي جاوَي۔ 9 پَڇي ٿي جوتا رھيا ڪہ جي او گاڏِي بيت شمس شھر رِي حد ڏيݾا جاوَي، تو ݾمجھا ڪہ اِسرائيل رَي ايشوَر مھون تي موٽِي آفت ميلِي ھتِي۔ جي او ڪَي ٻيجَي پاݾَي جاوَي، تو ݾمجھا ڪہ اَي آفت ايشوَر نا، پڻ اَي ھيڪ حادثو ھتو، جڪو ھاڦي ھويو ھَي۔“10 پَڇي فلستيون اِيئوج ڪيئو ھانَ ٻي ݾُوئا ڍگَي، ڍگا گاڏِي ۾ جوترئَي ھانَ اُوئون را ڦݪيا گھري اُڀاڙيا۔ 11 پَڇي اُوئون پرميشوَر رِي ݾنڏُوڪ ھانَ او ڏٻو ڍگا گاڏِي ماٿَي راکيو، جڪَي ماٿَي ݾونَي را گَڙ ھانَ اُونڏرا ھتا۔ 12 پَڇي اُوئون ڍگيون نَي بَئير ڪيئَي ھانَ او ݾجَي مارگ ۾ ھوڪارتَي گئَي۔ او نَڪو کاٻَي ھانَ نَڪو ݾاجَي پاݾَي گئَي، پڻ ݾِڌَي بيت شمس شھر ڏيݾا گئَي۔ فلستِي اَگووڻ ڀِي اُوئون لاري لاري بيت شمس شھر رِي حد توڻي گيا۔
13 اُوئي ٽيم بيت شمس شھر را مِنک وادِي ۾ ڪڻڪ رو لٻارو ڪرتا پڙيا۔ جڏي اُوئون وچن رِي ݾنڏُوڪ ڏيٺِي، تو تموم گھڻا خُوش ھويا۔ 14 او ڍگا گاڏِي بيت شمس شھر ۾ يشُوع نون رَي مِنک رِي ٻنِي ۾ جائي موٽَي پٿر ڪڍي اُڀِي۔ تو مِنکون ڍگا گاڏِي نَي ڀونگِي ھانَ ڍگيون رو پرميشوَر رَي ݾارُو ٻاݪڻ آݪو ٻَليدون ڪيئو۔ 15 پَڇي لاوِيون پرميشوَر رِي ݾنڏُوڪ ھانَ اُوئي ڏٻَي نَي جڪَي ۾ ݾونَي رَي شيون ھتَي، ڍگا گاڏِي ݾون ھيٺا اُتاري اُوئي موٽَي پٿر ماٿَي راکيو۔ بيت شمس رَي مِنکون اُوئي ڏِن پرميشوَر رَي ݾارُو ٻاݪڻ آݪو ھانَ ٻيجا ٻَليدون ڪيئا۔ 16 جڏي اُوئون پونچ فلستِي اَگووڻون اَي ݾجو ڪئين ڏيٺو، تو او اُوئيج ڏِن عقرُون شھر ڏيݾا پاڇا گيا۔
17 فلستيون جڪو ݾونَي را گَڙ پرميشوَر نَي آپرَي پاپون رَي ٻَليدون رَي ݾارُو ڏينا، اُوئون ۾ اشدُود، غزا، اسقلون، جات ھانَ عقرُون شھرون ڏيݾا ھيڪ ھيڪ گَڙ ھتو۔ 18 اِيئي ݾون ٽاݪ ݾونَي را اُونڏرا پونچ فلستِي اَگووڻون رَي شھرون رَي گِڻپ رَي حِساب ݾون ھتا، جڪَي ۾ موٽا شھر ھانَ نِنيا گون ڀِي ھتا۔ او موٽو پٿر جڪَي تي اُوئون پرميشوَر رِي ݾنڏُوڪ راکِي ھتِي، او آج توڻي گواھِي رَي ݾارُو بيت شمس شھر ۾ يشُوع رِي ٻنِي ۾ موجُود ھَي۔
وچن رِي ݾنڏُوڪ قريت يعريم شھر ۾
19 پرميشوَر، بيت شمس شھر را ستر مِنک ماريا، ڪيونڪہ اُوئون پرميشوَر رِي ݾنڏُوڪ نَي مئين ݾون ڏيٺِي ھتِي۔ اِيئي تي مِنکون ماتم ڪيئو، ڪيونڪہ پرميشوَر اُوئون نَي تموم گھڻِي سزا ڏينِي ھتِي۔ 20 پَڇي بيت شمس شھر رَي مِنکون ڪھيو ڪہ،”پرميشوَر پويتر ايشوَر ھَي، اُوئي آگھي ڪو ڀِي اُڀي ڪونھي ݾگھتو۔ ھمَي آپي اَي وچن رِي ݾنڏُوڪ ڪَي ڪڍي ميلون؟“ 21 پَڇي اُوئون قريت يعريم شھر آݪون نَي ڪئين مِنک نياپو ڏي ميليا ڪہ،”فلستيون پرميشوَر رِي ݾنڏُوڪ پاڇِي ڏينِي ھَي، اِيئي رَي ڪري آئو ھانَ اُوئي نَي آپ ڪڍي لي جائو۔“