پرميشوَر رِي سيموئيل ݾون بات
3
اُوئون ڏِنون ۾ جڏي او ڇوڪرو سيموئيل عيلي آگھي پرميشوَر رِي شيوا ڪرتو پڙيو، تو پرميشوَر مِنکون ݾون تموم گھٽ بات ڪرتو ھانَ او درشن ڪونھي ڏيتو۔ ‏2 عيلي رِي نظر ڪمزور ھوئِي ھتِي ھانَ او ݾُٺَي نمُونَي ڪونھي ڏيکتو۔ ھيڪ ڏِن عيلي آپرِي جگھا تي اُونگ ۾ ھتو ‏3 ھانَ سيموئيل ڀِي پرميشوَر رَي گھر ۾ جيٿ ايشوَر رِي ݾنڏُوڪ ھتِي، اوٿ اُونگاجوڙو ھتو۔ اَڃون توڻي ايشوَر رَي گھر رو ڏيئو ٻَݪتو پڙيو۔ ‏4 تو پرميشوَر سيموئيل نَي ھيلو ڪيئو، تو اُوئي ڪھيو ڪہ،”ھُون حاضر ھون۔“ ‏5 پَڇي او ناݾي عيلي ڪڍي گيو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ٿَي مھنَي ھيلو ڪيئو؟ ھُون آيو رو۔“ عيلي ڪھيو ڪہ، ”نا، مھَي ٿنَي ھيلو ڪونھي ڪيئو، جا، ݾُوئي رَي۔“ پَڇي او جائي ݾُوئي رھيو۔
‏6 پَڇي ڀڙي پرميشوَر اُوئي نَي ھيلو ڪيئو ڪہ،”سيموئيل، سيموئيل۔“ او اُٺي عيلي ڪڍي گيو ھانَ ڪھيو ڪہ،”ڪِي ٿَي مھنَي ھيلو ڪيئو؟ ھُون آيو رو۔“ عيلي ڪھيو ڪہ، ”نا، مھارا ڏيڪرا، مھَي ٿنَي ھيلو ڪونھي ڪيئو، جا، ݾُوئي رَي۔“ ‏7 سيموئيل اَڃون توڻي پرميشوَر نَي ڪونھي اوݪکيو، ڪيونڪہ پرميشوَر ڪڏي ڀِي اُوئي ݾون اھڙَي نمُونَي بات ڪونھي ڪِي ھتِي۔
‏8 جڏي پرميشوَر تيجو گُھمرو سيموئيل نَي ھيلو ڪيئو، تو او ڀڙي اُٺي عيلي ڪڍي گيو ھانَ ڪھيو ڪہ،”ڪِي ٿَي مھنَي ھيلو ڪيئو؟ ھُون آيو رو۔“ اِيئي تي عيلي نَي خبر پڙِي ڪہ پرميشوَر اِيئي ڇوڪرَي نَي ھيلو ڪيئو ھَي۔ ‏9 پَڇي عيلي سيموئيل نَي ڪھيو ڪہ، ”جائي ݾُوئي رَي ھانَ جي او ٿنَي ڀڙي ھيلو ڪرَي، تو تُو ڪئي ڪہ، ’اي پرميشوَر، ݾُڻا، ٿارو ٻونھو ݾُڻَي پڙيو۔‘“ پَڇي سيموئيل جائي آپرِي جگھا تي ݾُوئي رھيو۔
‏10 پَڇي پرميشوَر پيل آݪِي ڪار ھيلو ڪيئو ڪہ، ”سيموئيل، سيموئيل۔“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”اي پرميشوَر ݾُڻا، ٿارو ٻونھو ݾُڻَي پڙيو۔“ ‏11 پَڇي پرميشوَر سيموئيل نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، ھُون اِسرائيل ۾ اھڙو ڪوم ڪرين، جڪَي ݾون ھر ھيڪ ݾُڻڻ آݪو ڏڪشَي۔ ‏12 ھُون اُوئي ڏِن عيلي رَي خاندان رَي بارَي ۾ آپرَي ڪھيوڙَي ݾجَي باتون شرُوع ݾون لي آخر توڻي پُورَي ڪرين۔ ‏13 مھَي پيل ݾُڻايو ھَي ھانَ عيلي نَي خبر ھتِي ڪہ اُوئي رَي ڏيڪرون بُڇڙائي ڪري آپ تي لعنت لِي ھَي، پڻ تو ڀِي عيلي اُوئون نَي پاليا ڪونھي۔ اِيئي رَي ڪري ھُون اُوئي رَي خاندان نَي ھميشا رِي سزا ڏئين۔ ‏14 مھَي عيلي رَي خاندان رَي بارَي ۾ ݾونݾ ليئو ھَي ڪہ، ’ھُون اُوئون رَي بُڇڙَي ڪومون رَي بدلَي ڏينوڙو ٻَليدون جون ڀيٽا ڪڏي ڀِي قبُول ڪونھي ڪرون۔‘“
‏15 اِيئي ݾون پَڇي سيموئيل ݾاڪݪي توڻي ݾُوتو رھيو۔ پَڇي ݾاڪݪي اُٺي اُوئي پرميشوَر رَي گھر را در کوليا، پڻ او آپرَي درشن رَي بارَي ۾ عيلي نَي ݾُڻاوڻ ݾون ٻيئاجو۔ ‏16 اِيئي تي عيلي سيموئيل نَي ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ، ”اي مھارا ڏيڪرا سيموئيل۔“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”جِي سائين۔“ ‏17 عيلي سيموئيل ݾون پُوڇو ڪہ، ”ايشوَر ٿنَي ڪِي ڪھيو؟ مھربونِي ڪري مھَي ݾون نِي لِڪا۔ جي تُو ايشوَر رَي ڪھيوڙَي ݾجَي باتون ۾ ھيڪ ڀِي بات مھَي ݾون لِڪائِي، تو ايشوَر ٿنَي اِيئي رِي سخت سزا ڏيشَي۔“ ‏18 پَڇي سيموئيل ڪو ڀِي بات ڪونھي لِڪائِي ھانَ ݾجو ڪئين اُوئي نَي ݾُڻايو۔ اِيئي تي عيلي ڪھيو ڪہ، ”او پرميشوَر ھَي ھانَ جڪو اُوئي نَي صحيح لاگَي، او ڪرَي۔“
‏19 اِيئي نمُونَي سيموئيل موٽو ھوتو گيو ھانَ پرميشوَر اُوئي ڀيڙو ھتو، اِيئي رَي ڪري سيموئيل رِي ھر ھيڪ بات ݾاچِي ھوتِي۔ ‏20 دان ݾون لي بيرسبع رَي علائقَي توڻي ݾجَي اِسرائيليون نَي خبر پڙِي ڪہ پرميشوَر، سيموئيل نَي نبِي چُونڊيو ھَي۔ ‏21 پرميشوَر سيلا شھر ۾ سيموئيل نَي درشن ڏي آپرَي باتون ݾُڻاوتو رھيو۔