بنيامين قبيلَي رو پاپ
19
اُوئون ڏِنون ۾ اِسرائيليون رو ڪو ڀِي بادشاھ ڪونھي ھتو ھانَ اِيئون ھويو ڪہ ھيڪ لاوِي جڪو اِفرائيم رَي جابلُو علائقَي رِي ٻيجِي ڪُنڊ ۾ ريتو، اُوئي يھُودا رَي بيت لحم شھر ݾون آپرَي ݾارُو ھيڪ ٻونھِي راکِي۔ ‏2 ھيڪ ڏِن اُوئي رِي ٻونھِي اُوئي ݾون ناراض ھوئي يھُودا رَي بيت لحم شھر ۾ آپرَي مائيتري گئِي ھانَ چار مھيڻا اوٿج رئِي۔ ‏3 اِيئي رَي ڪري لاوِي ھيڪ نوڪر ھانَ ٻي گڏا لي اُوئي ڏيݾا بَئير ھويو ڪہ اُوئي نَي مَنائي پاڇِي لي آوَي۔ جڏي او اوٿ پُگو، تو اُوئي رِي ٻونھِي اُوئي نَي آپرَي ٻاپ رَي گھري لي گئِي ھانَ لاوِي رو ݾُݾرو اُوئي نَي جوئي تموم گھڻو خُوش ھويو۔ ‏4 پَڇي اُوئي رَي ݾُݾرَي اُوئي نَي پاڇو جاوڻ ڪونھي ڏينو ھانَ او تين ڏِن اُوئون ڀيڙو رھيو ھانَ کاڌو پيئو۔ ‏5 چوٿَي ڏِن جڏي او جاوڻ ݾارُو ݾاڪݪي تارھي اُٺيو، تو اُوئي رَي ݾُݾرَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪئين کا پِي ھانَ آروم ڪر، اِيئي ݾون پَڇي ڀلي بُوئو جائي۔“ ‏6 پَڇي اُوئون ٻيئون ڀيڙا ٻيݾي کاڌو پيئو۔ پَڇي اُوئي ٻونھِي رَي ٻاپ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”آج رات ڀڙي رَي ھانَ خُوشِي ملھا۔“ ‏7 ٻيجَي ڏِن جڏي لاوِي جاوڻ رَي ݾارُو تيار ھويو، تو اُوئي رَي ݾُݾرَي اُوئي نَي ھيڪ ٻيجِي رات ريوَڻ تي مجبُور ڪيئو، تو او ٻيݾي رھيو۔ ‏8 پونچوين ڏِن لاوِي ݾاڪݪي تارھي جاوڻ رَي ݾارُو تيار ھويو، تو اُوئي رَي ݾُݾرَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اترِي ڇيڪائِي ڪيئون؟ ڏِن آٿوئڻ توڻي آروم ڪر۔“ پَڇي ٻيئون ڀيڙا ھوئي ٻاٽِي کاڌِي۔ ‏9 پَڇي جڏي لاوِي، اُوئي رِي ٻونھِي ھانَ اُوئي رو نوڪر جاوڻ رَي ݾارُو تيار ھويا، تو اُوئي رَي ݾُݾرَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، ھمَي تو ڏِن آٿوئڻ آݪو ھَي ھانَ شام ھوئِي رِي، اِيئي رَي ڪري مھربونِي ڪري ݾاڪݪي تارھي جائي۔ جو، ݾُورج ڏُوٻڻ آݪو ھَي، اِيئي رَي ڪري ٿي آج رات ايٿج رو۔ ٿونرَي ݾارُو ݾُٺو اَي ھَي ڪہ آپي کائُون پيئون ھانَ ݾوئارَي ݾاڪݪي تارھي ڀلي ٿي آپرَي گھري بُوئا جايا۔“ ‏10 اِيئي گُھمرَي لاوِي رات ريوَڻ رَي ݾارُو راضي ڪونھي ھويو، پڻ اُٺي بَئير ھويو ھانَ يروشلم شھر رَي نيڙو جائي پُگو۔ اُوئي ڀيڙا سيمون ݾون ڀريوڙا ٻي گڏا ھانَ اُوئي رِي ٻونھِي ڀِي ھتِي۔
‏11 جڏي او يبوس، يعني يروشلم شھر رَي نيڙا پُگا، تو ڏِن آٿوئڻ آݪو ھتو، تو نوڪر آپرَي مالڪ نَي ڪھيو ڪہ، ”اي مالڪ، ھالو تو آپي يبُوسيون رَي اِيئي شھر ڏيݾا ھالون ھانَ رات اوٿج رون۔“ ‏12 اُوئي رَي مالڪ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”آپي اِسرائيلي قوم ݾون ٽاݪ ڪَي ڌارئَي شھر ڏيݾا ڪونھي ھالون، پڻ آپي جِبع شھر ڏيݾا ھالون۔“ ‏13 پَڇي لاوِي آپرَي نوڪر نَي ڪھيو ڪہ، ”ھالو آپي جِبع جون راما شھر ۾ ھالي رات رون۔“ ‏14 جڏي او بيتا بيتا بنيامين قبيلَي رَي علائقَي ۾ جِبع شھر رَي نيڙا پُگا، تو ڏِن آٿويو۔ ‏15 اِيئي تي او جِبع شھر ڏيݾا گيا ڪہ رات اوٿج رَي۔ پَڇي او شھر ۾ جائي چوڪ تي ٻيݾي رھيا، پڻ اوٿ ڪو ڀِي مِنک اُوئون نَي آپرَي گھري لي ڪونھي گيو۔ ‏16 شام رَي ٽيم ھيڪ ڏوڪرو ٻنِي ݾون آپرو ڪوم ڪري پاڇو آوتو پڙيو۔ اَي ڏوڪرو اِفرائيم رَي جابلُو علائقَي رو ھتو ھانَ جِبع شھر ۾ آئي ريتو، جڪو بنيامين قبيلَي رو علائقو ھتو۔ ‏17 اُوئي ڏوڪرَي جڏي مُسافرون نَي چوڪ تي ٻيٺوڙا ڏيٺا، تو پُوڇو ڪہ، ”ٿي ڪيٿ ݾون آيا ھو ھانَ ڪيئا جاشو؟“ ‏18 لاوِي ڪھيو ڪہ، ”مھي يھُوديون رَي بيت لحم ݾون آيا ھون ھانَ اِفرائيم رَي جابلُو علائقَي ڏيݾا جائُون پڙيا، ڪيونڪہ ھُون اوٿ رو ھون۔ ھُون يھُودا رَي شھر بيت لحم ڏيݾا گيو ھتو ھانَ پرميشوَر رَي گھر ڏيݾا جائين، پڻ ايٿ ڪو ڀِي مھنَي آپرَي گھري ڪونھي لي جاوتو۔ ‏19 مھون ڪڍي گڏون رَي ݾارُو بُوسو ھانَ گاݾ ھَي، اِيئي ݾون ٽاݪ ٿارَي ٻونھَي ڪڍي آپرَي ݾارُو، آپرِي ٻونھِي ھانَ آپرَي نوڪر رَي ݾارُو ٻاٽِي ھانَ انگُورون رو رس ڀِي ھَي۔ مھونَي ڪَي ڀِي شئي رِي ڪو ڀِي کوٽ ڪونھي۔“ ‏20 اُوئي ڏوڪرَي ڪھيو ڪہ، ”فِڪر نِي ڪر، ھُون ٿنَي آپرَي گھري لي ھالين ھانَ جي ٿنَي ڪَي شئي رِي ضرُورت ھووَي، تو او ھُون ڏئين، پڻ تُو اِيئي چوڪ تي رات نِي رَي۔“ ‏21 پَڇي او اُوئون نَي آپرَي گھري لي گيو ھانَ اُوئون رَي گڏون نَي گاݾ ڏينو۔ اُوئون آپرا پگ ڌويا ھانَ ٻاٽِي کاڌِي۔ ‏22 جڏي او خُوشِي ݾون باتون ڪرتا پڙيا، تو اُوئي شھر رَي مِنکون ۾ ڪئينڪہ ڀُونڏَي مِنکون اُوئي گھر تي گھيرو ڪيئو ھانَ در زور ݾون کڙڪائي گھر رَي مالڪ نَي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اُوئي مِنک نَي ٻاھر ڪاڍ، جڪو ٿارِي گھري آيو ھَي ڪہ مھَي اُوئي ݾون بُرو ڪوم ڪرون۔“ ‏23 گھر رو مالڪ ٻاھر جائي اُوئون نَي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اي مھارَي ڀايون، ٿي اھڙو بُرو ڪوم ھانَ اَي حرڪت نِي ڪرو، ڪيونڪہ او مِنک مھارو ميموڻ ھَي۔ ‏24 جو مھارِي ڪنوارِي ڏيڪرِي ھانَ اُوئي مِنک رِي ٻونھِي نَي ٻاھر لي آئُون ھون، پَڇي جڪو ٿونَي ݾُٺو لاگَي او ڪريا، پڻ اِيئي مِنک ݾون ڪو ڀِي اھڙو بُرو ڪوم نِي ڪريا۔“ ‏25 پڻ اُوئون مِنکون اُوئي رِي ھيڪ ڀِي بات ڪونھي ݾُڻِي۔ پَڇي لاوِي آپرِي ٻونھِي نَي جھالي اُوئون ڪڍي ٻاھر لي آيو ھانَ اُوئون رَي حوالي ڪِي ھانَ اُوئون اُوئي ݾون زبردستي ڪِي۔ او رات ݾون لي ݾاڪݪي توڻي اُوئي ݾون زبردستي ڪرتا رھيا ھانَ جڏي ڏِن اُگڻ آݪو ھتو، تو اُوئي نَي ڦٽِي ڪِي۔ ‏26 جڏي ݾاڪݪي ھوئڻ آݪِي ھتِي، تو او ٻونھِي آئِي ھانَ اُوئي آڏمي رَي گھر رَي در تي کِري جيٿ اُوئي رو مالڪ ھتو ھانَ ڏِن اُگڻ توڻي اوٿج پڙِي رئِي۔ ‏27 جڏي لاوِي آپرَي گھري جاوڻ رَي ݾارُو تارھي اُٺيو ھانَ در کوليو، تو ڏيٺو ڪہ اُوئي رِي ٻونھِي در آگھي ھاٿ ڍيلا ڪري پڙِي ھَي۔ ‏28 اُوئي آپرِي ٻونھِي نَي ڪھيو ڪہ، ”اُٺ، گھري ھالون۔“ پڻ او ڪئين ڪونھي ٻولِي۔ پَڇي اُوئي نَي آپرَي گڏَي تي ݾُوئاݪي ھانَ آپرَي گھر ڏيݾا بَئير ھويو۔
‏29 پَڇي لاوِي گھري پُگي ڇُرِي لِي ھانَ آپرِي ٻونھِي نَي باڍي اُوئي را ٻارھي ٽُڪڙا ڪري اِسرائيليون رَي ݾجَي علائقون ڏيݾا ميليا۔ ‏30 جڪَي ڀِي اَي ڏيٺو، تو او ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”جڪَي ڏِن ݾون اِسرائيلي مِصر مُلڪ ݾون آيا ھَي، اُوئي ڏِن ݾون لي آج توڻي اھڙو ڪوم نَڪو ڪڏي ھويو ھانَ نَڪو ڪڏي ڏيٺو، اِيئي رَي ڪري اِيئي بات تي ڌھيون ڏي صلاح ڏيئو۔“