سيمسُون رو فلستيون ݾون بدلو
15
پَڇي ڪئين ڏِنون ݾون پَڇي، ڪڻڪ رَي لٻارَي رَي ٽيم سيمسُون ھيڪ ٻڪرِي رو ڦݪيو لي آپرِي لُگائِي ݾون مِلڻ گيو۔ اُوئي ڪھيو ڪہ،”مھنَي آپرِي لُگائِي رَي ڪمرَي ۾ جاوڻ ڏيئو۔“ پڻ ڇوڪرِي رَي ٻاپ اُوئي نَي موڪل ڪونھي ڏينِي۔ 2 ڇوڪرِي رَي ٻاپ ڪھيو ڪہ،”مھَي ݾوچو ڪہ ٿنَي اُوئي ݾون تموم گھڻِي نفرت ھوئِي رِي، اِيئي رَي ڪري مھَي اُوئي رو بيئان ٿارَي ھيڪَي دوست ݾون ڪرايو ھَي۔ جو، مھارِي نِنڪِي ڏيڪرِي اُوئي ݾون ڀِي وڌيڪ ڦُوٽرِي ھَي، تُو اُوئي رَي بدلَي اِيئي ݾون بيئان ڪر۔“ 3 سيمسُون اُوئون نَي ڪھيو ڪہ،”اِيئي گُھمرَي جي ھُون فلستيون رو ڪو نُقصون ڪرون، تو اِيئي ۾ مھارو ڪو ڀِي ڏوھ ڪونھي ھووَي۔“ 4 پَڇي سيمسُون جائي تين ݾئو لوڪَي جھالئَي ھانَ ٻيئون لوڪيون را پُوڇ آپت ۾ مِلائي اُوئون ماٿَي ھيڪ ڏيئو ٻونڌيو 5 ھانَ اِيئون ڏيئون ۾ باݾڏي ڏي اُوئون لوڪيون نَي فلستيون رَي اُڀوڙِي پوک ۾ جائي ڦٽَي ڪيئَي۔ اِيئي نمُونَي لوڪيون ڪڻڪ را گڏا، اُڀوڙِي پوک ھانَ زيتُون را باگ ڀِي ٻاݪي ڇوڙيا۔ 6 پَڇي فلستيون ڪھيو ڪہ، ”اَي ݾجو ڪئين ڪَي ڪيئو ھَي؟“ تو مِنکون ݾُڻايو ڪہ، ”اَي ڪوم سيمسُون ڪيئو ھَي، جڪَي رو ݾُݾرو تِمنت شھر ۾ رَي ھَي، جڪَي سيمسُون رِي لُگائِي نَي اُوئي رَي ھيڪَي اَڻوَر ݾون پرڻائِي ھَي۔“ اِيئي تي فلستيون آئي اُوئي ڇوڪرِي ھانَ اُوئي رَي ٻاپ ٻيئون نَي ٻاݪي ڇوڙيا۔ 7 اِيئي تي سيمسُون اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿون اَي ڪِي ڪيئو؟ ھمَي جترِي توڻي ھُون آپرو بدلو نِي ليئون، اُتري توڻي ماٺ ڪري ڪونھي ٻيݾون۔“ 8 پَڇي سيمسُون فلستيون نَي مار ڏي قتل ڪيئا۔ پَڇي او اوٿ ݾون ھيٺا جائي ايتام رِي ھيڪِي چُر ۾ ريوَڻ لاگو۔سيمسُون رِي جيت
9 پَڇي فلستِي يھُودا علائقَي ۾ آيا ھانَ اُوئون لحي شھر ۾ آپرا تنٻُو لگايا۔ 10 يھُودا رَي مِنکون اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي ٿي مھون ݾون جنگ ڪرڻ آيا ھو؟“ اِيئي تي فلستيون ڪھيو ڪہ، ”مھي رُگو سيمسُون نَي جھالڻ آيا ھون ڪہ اُوئي ݾون اوج ڪرون، جڪو اُوئي مھون ݾون ڪيئو ھَي۔“
11 پَڇي يھُودا قبيلَي را تين ھزار مِنک ھيٺا اُتري ايتام جبل رِي چُر تي آيا ھانَ اُوئون سيمسُون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿَي اِيئون ڪيئون ڪيئو؟ ڪِي ٿنَي خبر ڪونھي ڪہ فلستِي آپون تي بادشاھي ڪرَي ھَي؟“ اِيئي تي سيمسُون اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھَي اُوئون ݾون اوج ڪيئو، جڪو اُوئون مھَي ݾون ڪيئو ھَي۔“ 12 اُوئون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھي اِيئي رَي ڪري آيا ھون ڪہ ٿنَي ٻونڌي فلستيون رَي حوالي ڪرون۔“ سيمسُون اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھنَي ݾونݾ ڏيئو ڪہ ٿي آپ مھنَي قتل ڪونھي ڪرو۔“ 13 اُوئون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٺيڪ ھَي، مھي ٿنَي قتل ڪونھي ڪرون، پڻ رُگو رنڍوڙيون ݾون ٻونڌي فلستيون رَي حوالي ڪرشون۔“ پَڇي او سيمسُون نَي ٻي نُوئَي رنڍوڙيون ݾون ٻونڌي چُر ݾون ٻاھر لي آيا۔
14 جڏي سيمسُون لحي شھر ۾ پُگو، تو فلستِي اُوئي نَي ڏيکي نارا ھڻڻ لاگا۔ اِيئي تي پرميشوَر رِي آتما زور ݾون سيمسُون تي اُترِي ھانَ اُوئي رَي ھاٿون تي ٻاڌوڙَي رنڍوڙَي اِيئون ٽُوٽَي جھڙو باݾڏي لاگڻ ݾون گاڀا ٻَݪي راک ھووَي ھَي۔ 15 اُوئي نَي اوٿ گڏَي رِي جاڙِي رِي نُوئِي ھاڏکِي لاڌِي۔ اُوئي ھاٿ ڏيگھو ڪري او لِي ھانَ اُوئي ھاڏکِي ݾون اُوئي ھيڪ ھزار مِنک قتل ڪري ڇوڙيا۔ 16 پَڇي سيمسُون ڪھيو ڪہ،
”گڏَي رِي جاڙِي رِي ھاڏکِي ݾون لاشون را ڍِگ لاگا۔
گڏَي رِي جاڙِي رِي ھاڏکِي ݾون مھَي ھيڪ ھزار مِنک قتل ڪيئا۔“
17 جڏي اُوئي آپرِي بات ختم ڪِي، تو اُوئي جاڙِي رِي ھاڏکِي اُڇلائي ڇوڙِي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي جگھا رو نون رامت لحي، يعني ”جاڙِي رو جبل“ ھويو۔
18 پَڇي سيمسُون نَي تموم گھڻِي تِرݾ لاگِي ھانَ اُوئي پرميشوَر نَي پُڪاري ڪھيو ڪہ، ”اي پرميشوَر، ٿَي آپرَي ٻونھَي رَي وسيلَي اِسرائيليون نَي ڇوڙايا ھَي، پڻ ھمَي ھُون تِرݾي مري اُوئون دُشمنون رَي ھاٿ ۾ آئي جائين، جڪون رو کَتنو ڀِي ڪونھي ڪيئوڙو؟“ 19 اِيئي تي ايشوَر لحي جبل ۾ ھيڪ کڏ ٺائِي ھانَ اُوئي ۾ پوڻي نڪريو۔ پَڇي سيمسُون پوڻي پيئو، تو اُوئي رِي جان ۾ جان آئِي ھانَ اُوئي نَي حوصلو مِليو۔ اِيئي نمُونَي اُوئي جگھا رو نون عين ھقوري ھويو، يعني ”پُڪارڻ آݪَي رِي ندِي۔“ آج توڻي اِيئي رو اوج نون ھَي۔
20 سيمسُون فلستيون رَي زمونَي ۾ بيݾ ݾال اِسرائيليون رو قاضِي رھيو۔