سيمسُون رو بيئان
14
ھيڪ ڏِن سيمسُون تِمنت شھر ڏيݾا ھيٺا گيو ھانَ اوٿ اُوئي فلستِي قوم رِي ھيڪ ڇوڪرِي ڏيٺِي جڪو اُوئي نَي پسند آئِي۔ ‏2 پَڇي او آپرَي ما ٻاپ ڪڍي پاڇو آيو ھانَ ڪھيو ڪہ،”مھَي تِمنت شھر ۾ فلستِي قوم رِي ھيڪ ڇوڪرِي ڏيٺِي ھَي، ٿي مھارو بيئان اُوئي ݾون ڪرائو۔“ ‏3 اُوئي رَي ما ٻاپ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”ڪِي آپڻَي عزيزون ھانَ آپڻِي قوم ۾ ڪو ڀِي اھڙِي ڇوڪرِي ڪونھي، جڪو تُو آپرو بيئان فلستِي قوم ۾ ڪرِي، او تو آپرو کَتنو ڀِي ڪونھي ڪراوتا۔“ اُوئي آپرَي ٻاپ نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون رُگو اُوئي ݾون بيئان ڪرين، ڪيونڪہ ھُون اُوئي نَي تموم گھڻِي پسند ڪرون ھون۔“
‏4 سيمسُون رَي ما ٻاپ نَي اِيئي بات رِي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ اَي بات پرميشوَر رَي طرفون ھَي، ڪيونڪہ پرميشوَر فلستِي قوم رَي خلاف ڪو بھانو جوتو پڙيو۔ اُوئي ٽيم اِسرائيليون تي فلستيون رِي بادشاھي ھتِي۔ ‏5 پَڇي سيمسُون ھانَ اُوئي را ما ٻاپ تِمنت شھر ڏيݾا ھيٺا گيا، جڏي او انگُورون رَي باگ ۾ پُگا، تو سيمسُون آپرَي ما ٻاپ ݾون ڌار ھويو ھانَ اوٿ اوچتو ھيڪَي جوان شينھن اُوئي تي حملو ڪيئو۔ ‏6 اِيئي تي پرميشوَر رِي آتما زور ݾون سيمسُون تي اُترِي ھانَ اُوئي شينھن نَي اِيئون چيريو جھڙو ڪہ او ٻڪرِي رو ڦݪيو ھووَي۔ اُوئي ٽيم سيمسُون رَي ھاٿ ۾ ڪئين ڪونھي ھتو ھانَ اُوئي اَي بات آپرَي ما ٻاپ نَي ڪونھي ݾُڻائِي۔
‏7 پَڇي سيمسُون جائي اُوئي ڇوڪرِي ݾون باتون ڪيئَي، ڪيونڪہ او اُوئي نَي پسند ڪرتو۔ ‏8 پَڇي ڪئينڪہ ڏِنون ݾون پَڇي، سيمسُون اُوئي ڇوڪرِي ݾون بيئان ڪرڻ رَي ݾارُو جاوتو پڙيو، تو او اُوئي مُوئوڙَي شينھن نَي جوئڻ گيو ھانَ ڏيٺو ڪہ شينھن رَي لاش رَي پنجرَي ۾ ماکِي رو مِنارو ھَي۔ ‏9 سيمسُون آپرَي ھاٿون ݾون ماکِي اُتارِي ھانَ کاوتو کاوتو آپرَي ما ٻاپ ڪڍي آيو ھانَ اُوئون نَي ڀِي کاوڻ رَي ݾارُو ڏينِي۔ پڻ سيمسُون اُوئون نَي اَي ڪونھي ݾُڻايو ڪہ اُوئي اَي ماکِي شينھن رَي لاش رَي پنجرَي ݾون اُتارِي ھَي۔
‏10 پَڇي سيمسُون رو ٻاپ اُوئي ڇوڪرِي رَي گھري گيو۔ سيمسُون اوٿ ھيڪ موٽِي دعوت ڪِي، ڪيونڪہ اُوئون رِي ريت تي لاڏو دعوت ڪرتو۔ ‏11 جڏي فلستيون سيمسُون نَي ڏيٺو، تو اُوئون ٽيھ مِنک اَڻايا ڪہ او اُوئي ڀيڙا رَي۔
سيمسُون رِي آڏِي
‏12 سيمسُون اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿون ݾون ھيڪ آڏِي پُوڇون ھون، جي ٿي دعوت رَي ݾاتون ڏِنون ۾ آڏِي رو مطلب ݾُڻاشو، تو ھُون ٽيھ خاص ݾُوتِي ڪُڙتا ھانَ ٽيھ جوڙا گاڀون را ٿونَي ڏئين۔ ‏13 جي ٿي ڪونھي ݾُڻائي ݾگھيا، تو ٽيھ خاص ݾُوتِي ڪُڙتا ھانَ ٽيھ جوڙا گاڀون را مھنَي ڏيشون۔“ اُوئون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو مھونَي آپرِي آڏِي ݾُڻا، تو مھي ݾُڻون۔“ ‏14 سيمسُون اُوئون نَي ڪھيو ڪہ،
”کاوڻ آݪَي ݾون کاڌو نڪريو
ھانَ طاقت آݪَي ݾون مِٺاس۔“
او تينون ڏِنون توڻي آڏِي رو مطلب ݾُڻائي ڪونھي ݾگھيا۔
‏15 جڏي چوٿو ڏِن ھويو، تو اُوئون سيمسُون رِي لُگائِي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو آپرَي ڌڻِي نَي ڦوݾڙائي اِيئي آڏِي رو مطلب پُوڇ ھانَ مھونَي ݾُڻا، نِي تو مھي ٿنَي ھانَ ٿارَي ٻاپ رَي گھر نَي باݾڏي ڏيشون۔ ڪِي ٿَي مھونَي اِيئي رَي ڪري اَڻايا ھَي ڪہ مھون ݾون ݾجو ڪئين کوݾي ليئو؟“ ‏16 اِيئي تي سيمسُون رِي لُگائِي سيمسُون آگھي روئي ڪھيو ڪہ، ”تُو مھَي ݾون نفرت ڪرَي ھَي ھانَ پريم ڪونھي ڪرتو۔ ٿَي مھارِي قوم رَي مِنکون ݾون جڪو آڏِي پُوڇِي ھَي، ٿَي اُوئي رو مطلب ڪيئون ڪونھي ݾُڻايو؟“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”جو، مھَي تو آپرَي ما ٻاپ نَي ڀِي ڪونھي ݾُڻايو، تو ٿنَي ڪيڪر ݾُڻائُون؟“ ‏17 اِيئي نمُونَي او دعوت رَي ݾاتون ڏِنون توڻي روتِي رئِي ھانَ پَڇي ݾاتوين ڏِن مجبُور ھوئي اُوئي نَي ݾُڻائي ڇوڙيو۔ پَڇي اُوئي رِي لُگائِي جائي اُوئي آڏِي رو مطلب آپرِي قوم نَي ݾُڻايو۔ ‏18 پَڇي اُوئي شھر رَي مِنکون ݾاتوين ڏِن ݾُورج ڏُوٻڻ ݾون پيل سيمسُون نَي ڪھيو ڪہ،
”ماکِي ݾون ميٺو ڪِي ھوئي ݾگھَي ھَي؟
ھانَ شينھن ݾون طاقت آݪو ڪُڻ ھوئي ݾگھَي ھَي؟“
سيمسُون اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ٿي مھارِي لُگائِي نَي ڌمڪِي نِي ڏيئون تو، تو ھُون ڪڏي ڀِي اِيئي آڏِي رو مطلب ڪونھي ݾُڻائُون تو۔“
‏19 پَڇي پرميشوَر رِي آتما زور ݾون سيمسُون تي اُترِي ھانَ او اسقلون شھر ڏيݾا گيو ھانَ اوٿ اُوئي شھر را ٽيھ مِنک ماري ڇوڙيا ھانَ پَڇي کوݾيوڙا گاڀا آڏِي ݾُڻاوڻ آݪون نَي ڏينا۔ اِيئي بات تي سيمسُون نَي تموم گھڻِي ريݾ آئِي ھانَ او آپرَي ما ٻاپ رَي گھري بُوئو گيو۔ ‏20 پَڇي سيمسُون رِي لُگائِي رو بيئان اُوئي رَي ھيڪَي دوست ݾون ڪرايو، جڪو اُوئي رو اَڻوَر ھتو۔