اِفتاح ھانَ اِفرائيمي قبيلو
12
پَڇي اِفرائيمي قبيلَي آݪا ڀيڙا ھوئي يردن دريا رَي اُوئي پاݾَي صفون شھر ۾ اِفتاح ڪڍي گيا ھانَ ڪھيو ڪہ، ”جڏي تُو عمُونيون ݾون جنگ ڪرڻ گيو ھتو، تو مھونَي آپ ڀيڙا ڪيئون ڪونھي لي گيو؟ ھمَي مھي ٿنَي ھانَ ٿارَي گھر نَي ٻاݪي ڇوڙشون۔“ 2 اِفتاح اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جڏي مھارِي ھانَ مھارَي مِنکون رِي عمُونيون ݾون موٽِي جنگ ھوتِي پڙِي، تو اُوئي ٽيم مھَي ٿونَي ھيلو ڪرايو ھتو، پڻ ٿي مھنَي اُوئون رَي ھاٿون بچاوڻ ڪونھي آيا۔ 3 جڏي مھَي ڏيٺو ڪہ ٿي مھنَي بچاوڻ ڪونھي آيا، تو مھَي آپرِي جان رِي پرواھ ڪونھي ڪِي ھانَ عمُونيون ݾون مُقابلو ڪيئو ھانَ پرميشوَر اُوئون نَي مھارَي ھاٿ ۾ ڏينا۔ آج ٿي ڪيئون مھَي ݾون جھيڙو ڪرڻ آيا ھو؟“ 4 پَڇي اِفتاح جِلعاد را ݾجائِي مِنک ڀيڙا ڪيئا ھانَ اِفرائيميون ݾون جنگ ڪِي۔ جِلعاديون اِفرائيميون نَي ھرايا، ڪيونڪہ اِفرائيميون ڪھيو ھتو ڪہ، ”ٿي جِلعادي جڪو اِفرائيم ھانَ مُنسي قبيلَي رَي بِچ ۾ رو ھو، ٿي مھون آگھي ݾون ناٺوڙا ھو۔“ 5 پَڇي جِلعاديون يردن دريا رَي گھيڙون تي قبضو ڪيئو ھانَ جڪو ناٺوڙو اِفرائيمي اوٿ آئي ڪيتو ڪہ، ”مھنَي اُوئي پاݾَي جاوڻ ڏيئو۔“ تو جِلعادي اُوئي ݾون پُوڇتا ڪہ، ”ڪِي تُو اِفرائيمي ھَي؟“ جي او ڪيتو ڪہ، ”نا۔“ 6 تو او اُوئي نَي ڪيتا ڪہ، ”تُو ڪَي شبلت۔“ تو او ڪيتو ڪہ، ”سبلت۔“ ڪيونڪہ اِفرائيمي اُوئي آکر نَي صحيح نمُونَي ٻولي ڪونھي ݾگھتا۔ پَڇي او اُوئي نَي جھالي يردن دريا رَي گھيڙ تي قتل ڪري ڇوڙتا۔ اِيئي نمُونَي اُوئون ٻئيتالي ھزار اِفرائيميون نَي قتل ڪيئا۔7 پَڇي اِفتاح ڇَي ݾال توڻي اِسرائيليون رو قاضِي رھيو۔ جڏي او مُوئو، تو اُوئي نَي جِلعاد علائقَي رَي ھيڪَي شھر ۾ ٻُوريو۔
ابصان قاضِي
8 پَڇي بيت لحم رو ريوَڻ آݪو ابصان اِسرائيلي قوم رو قاضِي ھويو۔ 9 اُوئي را ٽيھ ڏيڪرا ھانَ ٽيھ ڏيڪرَي ھتَي۔ اُوئي آپرَي ٻاݪون را بيئان ٻيجَي قبيلَي ۾ ڪيئا۔ او ݾات ݾال توڻي اِسرائيليون رو قاضِي رھيو۔ 10 جڏي ابصان مُوئو، تو اُوئي نَي بيت لحم شھر ۾ ٻُوريو گيو۔
ايلون قاضِي
11 پَڇي زبولُون قبيلَي ݾون ايلون اِسرائيليون رو قاضِي ھويو۔ او ڏَݾ ݾال توڻي اِسرائيليون رو قاضِي رھيو۔ 12 جڏي ايلون مري گيو، تو اُوئي نَي زبولُون علائقَي رَي ايالون شھر ۾ ٻُوريو۔
عبدون قاضِي
13 اِيئي ݾون پَڇي ھليل رو ڏيڪرو عبدون اِسرائيليون رو قاضِي ھويو، جڪو فرعاتون شھر رو ريوَڻ آݪو ھتو۔ 14 اُوئي را چاليھ ڏيڪرا ھانَ ٽيھ پوترا ھتا، ھر ھيڪ ڪڍي سفر رَي ݾارُو آپرو آپرو گڏو ھتو۔ او آٺ ݾال توڻي اِسرائيليون رو قاضِي رھيو۔ 15 پَڇي ھليل رو ڏيڪرو عبدون مري گيو ھانَ اُوئي نَي عماليقيون رَي جابلُو علائقَي رَي شھر فرعاتون ۾ ٻُوريو، جڪو اِفرائيم مُلڪ ۾ ھَي۔