تولع قاضِي
10
پَڇي ابيملڪ رَي مرڻ ݾون پَڇي اشڪار قبيلَي ݾون تولع اِسرائيليون نَي ڇوڙاوڻ رَي ݾارُو آيو۔ او فوھ رو ڏيڪرو ھانَ دودَي رو پوترو ھتو۔ او اِفرائيم قبيلَي رَي جابلُو علائقَي رَي سمير شھر ۾ ريتو۔ ‏2 تولع ٽيوِي ݾال اِسرائيليون رو قاضِي رھيو۔ اُوئي ݾون پَڇي او مري گيو ھانَ اُوئي نَي سمير شھر ۾ جائي ٻُوريو۔
يائير قاضِي
‏3 پَڇي جِلعاد علائقَي رو ريوَڻ آݪو يائير آيو ھانَ او ٻاوِي ݾال اِسرائيليون رو قاضِي رھيو۔ ‏4 اُوئي را ٽيھ ڏيڪرا ھتا ھانَ ݾجون ڪڍي ݾَوارِي رَي ݾارُو آپرو ھيڪ ھيڪ گڏو ھتو۔ جِلعاد علائقَي ۾ اُوئون را ٽيھ گون ھتا، جڪو آج توڻي ”يائير را گون“ ڪھيجَي ھَي۔ ‏5 پَڇي يائير مري گيو ھانَ اُوئي نَي قامون شھر ۾ ٻُوريو۔
اِسرائيلي قوم رو پاپ
‏6 اِسرائيلي قوم پرميشوَر آگھي ڀڙي پاپ ڪيئو ھانَ بعل ڏيوتائون، عستارات ڏيوِي، ارام رَي ڏيوتائون، صيدا شھر رَي ڏيوتائون، موآب مُلڪ رَي ڏيوتائون، عمُون قبيلَي رَي ڏيوتائون ھانَ فلستِي قوم رَي ڏيوتائون رِي پُوجا ڪرڻ لاگا۔ اُوئون پرميشوَر رِي ڀگتي ڪونھي ڪِي ھانَ اُوئي نَي ڇوڙي ڏينو۔ ‏7 پَڇي پرميشوَر رو ڪھر اِسرائيليون تي ڀڙڪيو ھانَ اُوئي اُوئون نَي فلستيون ھانَ عمُونيون رَي حوالي ڪيئا۔ ‏8 اُوئون اُوئي ݾال ݾون اڍارَي ݾالون توڻي اُوئون اِسرائيليون نَي تنگ ڪيئو ھانَ اُوئون تي ظُلم ڪرتا رھيا، جڪو يردن دريا پار اموريون رَي مُلڪ جِلعاد ۾ ريتا۔ ‏9 اِيئي ݾون ٽاݪ عمُوني قوم يردن پار ڪري يھُودا، بنيامين ھانَ اِفرائيم قبيلَي ݾون ڀِي جنگ ڪرڻ آوتا۔ اِيئي نمُونَي اِسرائيلي تموم گھڻِي مُصيبت ۾ ھتا۔
‏10 پَڇي اِسرائيلي پرميشوَر نَي پُڪاري ڪيوَڻ لاگا ڪہ،”مھون ٿارو پاپ ڪيئو ھانَ آپرَي ايشوَر نَي ڇوڙي بعل ڏيوتائون رِي پُوجا ڪِي۔“ ‏11 پرميشوَر اِسرائيلي قوم نَي ڪھيو ڪہ،”ڪِي مھَي ٿونَي مِصري، اموري، عمُوني ھانَ فلستِي قوم رَي ھاٿون ڪونھي بچايا؟ ‏12 صيداني، عماليقي ھانَ ماعونيون ڀِي ٿونَي تنگ ڪيئا ھانَ ٿون مھنَي ھيلو ڪيئو، تو مھَي ٿونَي اُوئون رَي ھاٿون ڇوڙايا۔ ‏13 پڻ ٿون مھنَي ڇوڙي ٻيجَي ڏيوتائون رِي پُوجا ڪِي، اِيئي رَي ڪري آج ھُون ٿونَي ڪونھي بچائُون۔ ‏14 جڪو ڏيوتا ٿون پسند ڪيئا ھَي، جائو ھانَ اُوئون نَي ھيلو ڪرو، اوج ٿونَي مُصيبت ݾون بچاشَي۔“ ‏15 اِيئي تي اِسرائيليون پرميشوَر نَي ڪھيو ڪہ،”مھون پاپ ڪيئو ھَي، ھمَي دايا ڪري تُو مھونَي بچا، ٿنَي جڪو ڀلو لاگَي اوج مھون ݾون ڪر۔“ ‏16 اِيئي نمُونَي او ٻيجا ڏيوتا ڇوڙي پرميشوَر رِي ڀگتي ڪرڻ لاگا۔ ڀڙي اِسرائيليون رَي مُصيبتون ڏيکي پرميشوَر نَي ڏُک ھويو۔
‏17 پَڇي عمُوني قوم ڀيڙِي ھوئِي ھانَ جِلعاد علائقَي ۾ آپرا تنٻُو لگايا ھانَ اِسرائيلي ڀِي آئي مِصفا شھر ۾ آپرا تنٻُو لگايا۔ ‏18 پَڇي جِلعاد علائقَي را مِنک ھانَ ݾردار ھيڪَي ٻيجَي نَي ڪيوَڻ لاگا ڪہ،”جڪو ڀِي عمُوني قوم ݾون جنگ ڪرشَي، اوج جِلعاد رَي ݾجَي ريوَڻ آݪون رو ݾردار ھوشَي۔“