ابيملڪ رو بادشاھ ھوئڻ
9
پَڇي يربعل رو ڏيڪرو ابيملڪ سِڪم شھر ۾ آپرَي مومون ڪڍي گيو ھانَ اُوئون نَي ھانَ آپرِي ما رَي باقي ݾجَي عزيزون نَي ڪھيو ڪہ، 2 ”سِڪم شھر رَي ݾجَي مِنکون ݾون پُوڇو ڪہ ٿونرَي ݾارُو صحيح ڪِي ھَي ڪہ يربعل را ݾجائِي ستر ڏيڪرا ٿون تي بادشاھي ڪرَي، جون ھيڪج مِنک ٿونرو بادشاھ ھووَي؟ پڻ اَي ڀِي ياد راکو ڪہ ھُون ٿونرو آپرو لوئِي ھون۔“ 3 ابيملڪ رَي مومون اُوئي رَي بارَي ۾ سِڪم شھر رَي ݾجَي ريوَڻ آݪون نَي اَي باتون ݾُڻائَي، تو او دِل ݾون ابيملڪ لاري بيوَڻ رَي ݾارُو راضي ھويا، ڪيونڪہ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”اَي مھورو عزيز ھَي۔“ 4 اُوئون اُوئي نَي بعل بريت ڏيوتا رَي مندر ݾون چوندِي را ستر سِڪا ڀِي ڏينا۔ اُوئون ݾِڪون ݾون ابيملڪ آپرَي ݾارُو رول ھانَ لوڦر مِنکون رو ٽولو ٺاھيو، جڪو اُوئي لاري بيوَڻ لاگا۔ 5 او عُفرا شھر ۾ آپرَي ٻاپ رَي گھري گيو ھانَ آپرَي ڀايون يعني، يربعل رَي ستر ڏيڪرون نَي ھيڪَي پٿر ماٿَي قتل ڪيئا، پڻ اُوئون ستر ڏيڪرون ۾ يربعل رو نِنيو ڏيڪرو يوتام بچي گيو، ڪيونڪہ او لِڪيو ھتو۔ 6 پَڇي سِڪم شھر ھانَ بيت مِلو رِي پنچائيت را ݾجائِي ݾردار سِڪم شھر رَي ٿونڀَي ڪڍي بلُوط رَي بَڻ ھيٺا ڀيڙا ھويا ھانَ ابيملڪ نَي بادشاھ ٺاھيو۔يوتام رِي ابيملڪ ھانَ سِڪم شھر تي لعنت
7 جڏي يوتام نَي اِيئي بات رِي خبر پڙِي، تو او گرزيم جبل رِي چوٽِي ماٿَي جائي اُڀو ھانَ زور ݾون اُوئون نَي ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ، ”اي سِڪم شھر آݪون، مھارِي بات ݾُڻو ڪہ ايشوَر ٿونرِي بات ݾُڻَي۔ 8 ڪَي زمونَي ۾ بَڻون فيصلو ڪيئو ڪہ مھون ۾ ڪَي ھيڪَي نَي بادشاھ ھوئڻ کپَي۔ پَڇي او گيا ڪہ ڪينَي آپرو بادشاھ ٺاوَي۔ اُوئون زيتُون رَي بَڻ نَي ڪھيو ڪہ، ’تُو مھون ماٿَي بادشاھي ڪر۔‘ 9 پڻ زيتُون رَي بَڻ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ’ھُون آپرِي تيل ٺاوڻ آݪِي خُوبِي ڇوڙي ڪونھي ݾگھتو، جڪَي رو قدر اِنسون ھانَ ڏيوتا ڪرَي ھَي، اِيئي رَي ڪري ھُون ٿون ماٿَي بادشاھي ڪري ڪونھي ݾگھتو۔‘ 10 پَڇي بَڻون انجير رَي بَڻ نَي ڪھيو ڪہ، ’تُو آ، ھانَ مھون ماٿَي بادشاھي ڪر۔‘ 11 پڻ انجير رَي بَڻ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ’ھُون آپرا ميٺا ھانَ ݾُٺا ڦل ڇوڙي ٿون ماٿَي بادشاھي ڪري ڪونھي ݾگھتو۔‘ 12 پَڇي بَڻون انگُور رِي بيل نَي ڪھيو ڪہ، ’تُو آ، ھانَ مھون ماٿَي بادشاھي ڪر۔‘ 13 پڻ انگُور رِي بيل اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ’ھُون آپرَي انگُورون رو رَس ڇوڙي ڪونھي ݾگھتِي، جڪَي ݾون اِنسون ھانَ ڏيوتا خُوش ھووَي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري ھُون ٿون ماٿَي بادشاھي ڪري ڪونھي ݾگھتِي۔‘ 14 پَڇي اُوئون ݾجَي بَڻون ڪونٽون آݪَي بَڻ نَي ڪھيو ڪہ، ’تُو آ، ھانَ مھون ماٿَي بادشاھي ڪر۔‘ 15 اُوئي بَڻون نَي ڪھيو ڪہ، ’جي ٿي واقعي مھنَي آپرو بادشاھ ٺائو ھو، تو آئو ھانَ مھارَي ڇان ۾ ٻيݾو۔ جي ٿي اِيئون ڪونھي ڪري ݾگھتا، تو ٻُوٺَي ݾون باݾڏي نڪري لبنان علائقَي را موٽا موٽا بَڻ ٻاݪي راک ڪري ڇوڙَي۔‘
16 ھمَي ٿون ݾجون ابيملڪ نَي بادشاھ ٺاھيو ھَي، تو ڪِي اَئيج ٿونرِي وفادارِي ھانَ ݾچائي ھَي؟ ڪِي ٿون اِيئي نمُونَي يربعل ھانَ اُوئي رَي خاندان ݾون ݾُٺو سلُوڪ ڪيئو؟ ٿون اُوئي رِي ڀلائي رو اَي اَجر ڏينو؟ 17 ڪِي ٿي پونتري گيا ڪہ مھارو پِتا ٿونرَي ڪري بِڙھيو ھانَ اُوئي آپرِي جان خطرَي ۾ گھاتي ٿونَي مدياني قوم رَي ھاٿون ڇوڙايا۔ 18 پڻ آج ٿون مھارَي ٻاپ رَي خاندان ݾون بگاوت ڪِي ھانَ اُوئي را ستر ڏيڪرا ھيڪَي ئِي پٿر تي ماريا ھانَ اُوئي رِي ٻونھِي رَي ڏيڪرَي ابيملڪ نَي سِڪم شھر رو بادشاھ ٺاھيو، ڪيونڪہ او ٿونرو عزيز ھَي۔ 19 جي آج ٿي يربعل ھانَ اُوئي رَي خاندان ݾون وفادارِي ھانَ ݾچائي ݾون بُوئا ھو، تو ٿي ابيملڪ ݾون خُوش ھوئو ھانَ او ٿون ݾون خُوش رَي۔ 20 جي ڪونھي، تو ابيملڪ ݾون باݾڏي نڪري سِڪم ھانَ بيت مِلو رَي ݾردارون نَي ٻاݪي راک ڪري ڇوڙَي ھانَ سِڪم ھانَ بيت مِلو رَي ݾردارون ݾون باݾڏي نڪري ابيملڪ نَي ٻاݪي راک ڪري ڇوڙَي۔“ 21 پَڇي يوتام آپرَي ڀائي ابيملڪ رَي ٻِي ݾون ناٺو ھانَ جائي بير شھر ۾ پناھ لِي ھانَ اوٿج ريوَڻ لاگو۔
سِڪم شھر رَي مِنکون رِي سازش
22 ابيملڪ اِسرائيليون تي تين ݾال بادشاھي ڪِي۔ 23 اِيئي تي ايشوَر ابيملڪ ھانَ سِڪم رَي مِنکون ۾ ھيڪ بُڇڙِي آتما ميلِي ھانَ سِڪم را مِنک ابيملڪ ݾون بگاوت ڪرڻ لاگا۔ 24 ايشوَر اُوئي نَي اِيئي رَي ڪري سزا ڏينِي ڪہ يربعل رَي ستر ڏيڪرون رَي لوئِي رو بدلو ابيملڪ ݾون ليئو جاوَي، جڪَي اُوئون نَي قتل ڪيئا ھتا ھانَ سِڪم رَي مِنکون ݾون ڀِي بدلو ليئو جاوَي، جڪون ڀايون رَي قتل ۾ ابيملڪ رِي مدد ڪِي ھتِي۔ 25 پَڇي سِڪم شھر رَي ݾردارون آݾَي پاݾَي رَي جبل رَي چوٽيون تي آپرا ڪئينڪہ مِنک لِڪي ٻيݾاڙيا ھانَ جڪو ڀِي اُوئي مارگ ݾون بيتو، تو او اُوئي نَي ڦُرتا۔ پَڇي ابيملڪ نَي اِيئي بات رِي خبر پڙِي۔
26 پَڇي عبد رو ڏيڪرو جعل آپرَي ڀايون ڀيڙو سِڪم شھر ۾ آيو ھانَ شھر آݪون اُوئي رو ڀروسو ڪيئو۔ 27 پَڇي او ٻنِي ۾ گيا ھانَ آپرَي انگُورون رَي باگ ݾون انگُور توڙي اُوئون رو رس ڪاڍيو ھانَ پَڇي آپرَي ڏيوون رَي مندر ۾ جائي کاڌو پيئو، تموم گھڻَي خُوشِي ڪِي ھانَ ابيملڪ تي لعنت ڪِي۔ 28 عبد رو ڏيڪرو جعل ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”سِڪم شھر تي بادشاھي ڪرڻ آݪو ابيملڪ ڪُڻ ھَي، جڪَي رِي مھي شيوا ڪرون؟ او تو رُگو يربعل رو ڏيڪرو ھَي، جڪَي رو وزير زبُول ھَي۔ مھي ڪيئون اُوئي رِي شيوا ڪرون؟ ٿي رُگو سِڪم رَي ٻاپ حمُور رَي مِنکون رِي شيوا ڪرو۔ 29 جي اَي مِنک مھارَي ھاٿ ۾ ھويا ھووَنت، تو ھُون ابيملڪ نَي ختم ڪري ڇوڙون تو، پَڇي اُوئي نَي اَي ڀِي ڪونھ تو ڪہ، ’تُو آپرِي فوج لي آ، ھانَ مھون ݾون جنگ ڪر۔‘“
30 جڏي اُوئي شھر رَي وزير زبُول جعل رَي اَي باتون ݾُڻئَي، تو اُوئي نَي تموم گھڻِي ريݾ آئِي۔ 31 اُوئي چالاڪِي ݾون ابيملڪ ڏيݾا ڪئين نياپو ڏيوَڻ آݪا اَي ڪئي ميليا ڪہ، ”جو، عبد رو ڏيڪرو جعل ھانَ اُوئي را ڀائي سِڪم شھر ۾ آئي مِنکون نَي ٿارَي خلاف ڪرَي پڙيا۔ 32 اِيئي رَي ڪري تُو رات رو آپرَي مِنکون نَي ڀيڙو لي ٻنِي ۾ لِڪي ٻيݾ۔ 33 پَڇي ݾاڪݪي تارھي اُٺي شھر تي حملو ڪري ھانَ جڏي او ھانَ اُوئي را مِنک ٿَي ݾون جنگ رَي ݾارُو ٻاھر آوَي، تو جڪو ٿنَي ݾُٺو لاگَي اُوئون ݾون ڪري۔“ 34 اِيئي تي ابيملڪ ھانَ اُوئي را مِنک رات رو بَئير ھويا ھانَ چار ٽولا ٺائي سِڪم شھر ݾومھا لِڪي ٻيٺا۔ 35 پَڇي جعل ٻاھر نڪري اُوئي شھر رَي در ڪڍي جائي اُڀو، تو ابيملڪ ھانَ اُوئي را مِنک آپرِي آپرِي جگھا ݾون ٻاھر نڪريا۔ 36 جڏي جعل او مِنک ڏيٺا، تو زبُول نَي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”جو، جبلون رَي چوٽيون ݾون مِنک اُترَي پڙيا۔“ زبُول اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿنَي جبلون رِي ڇان اِيئون ڏيکيجڻ ۾ آوَي پڙِي جھڙِي ڪَي مِنک رِي۔“ 37 جعل ڀڙي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”جو، مِنک اُتري ٻنِي رَي بِچ ݾون آوَي پڙيا ھانَ ھيڪ ٽولو ڦال جوئڻ آݪَي بلُوط رَي مارگ ݾون آوَي پڙيو۔“ 38 اِيئي تي زبُول اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ھمَي ٿارَي موٽَي موٽَي باتون ڪيٿ ھَي؟ ڪِي ٿَي اَي ڪونھي ڪھيو ھتو ڪہ، ’ابيملڪ ڪُڻ ھَي، جڪَي رِي مھي شيوا ڪرون؟‘ جا ھانَ اُوئون ݾون جنگ ڪر، ڪيونڪہ ھمَي او مِنک آيا را جڪون تي ٿَي ھاݾا ڪيئا ھتا۔“ 39 پَڇي جعل سِڪم رَي مِنکون آگھي ٻاھر نڪريو ھانَ ابيملڪ ݾون جنگ ڪِي۔ 40 پڻ ابيملڪ اُوئون رو لارو ڪيئو، تو او اُوئي رَي آگھي ݾون ناٺو ھانَ شھر رَي در توڻي تموم گھڻا مِنک زخمي ھوئي کِريا۔ 41 پَڇي ابيملڪ اروما شھر ۾ جائي ريوَڻ لاگو۔ زبُول جعل ھانَ اُوئي رَي ڀايون نَي سِڪم شھر ۾ ريوَڻ ڪونھي ڏينا ھانَ اوٿ ݾون تگڙي ڇوڙيا۔
42 پَڇي ٻيجَي ڏِن ݾاڪݪي تارھي اِيئون ھويو ڪہ سِڪم را مِنک شھر ݾون نڪري ميدون ڏيݾا جاوڻ لاگا۔ جڏي ابيملڪ نَي اِيئي بات رِي خبر پڙِي، 43 تو اُوئي آپرَي مِنکون را تين ٽولا ٺاھيا ھانَ او ميدون ۾ لِڪي ٻيٺا۔ جڏي اُوئون ڏيٺو ڪہ مِنک شھر ݾون نڪرَي پڙيا، تو او اُوئون ݾون جنگ ڪرڻ نڪريا ھانَ ݾجون نَي ماري ڇوڙيا۔ 44 پَڇي ابيملڪ اُوئي ٽولَي ݾُوڌو جڪو اُوئي ڀيڙا ھتا آگھي بڌيو ھانَ شھر رَي در ڪڍي آئي اُڀو ھانَ باقي ٻيئون ٽولون اُوئون تي حملو ڪيئو، جڪو ميدون ۾ ھتا اُوئون نَي قتل ڪيئا۔ 45 ابيملڪ ݾجو ڏِن اُوئي شھر آݪون ݾون جنگ ڪرتو رھيو ھانَ شھر ۾ ريوَڻ آݪا ݾجائِي مِنک قتل ڪري شھر تي قبضو ڪيئو۔ پَڇي شھر نَي برباد ڪري اُوئي ۾ لُوڻ ڇٽيو۔
46 جڏي سِڪم شھر رَي ݾردارون اَي ݾُڻيو، تو او آپرَي ڏيوتا البريت رَي مندر رَي تَھ خونَي ۾ جائي لِڪي ٻيٺا۔ 47 جڏي ابيملڪ نَي اَي خبر پڙِي ڪہ سِڪم شھر را ݾجائِي ݾردار ڀيڙا ھويا ھَي، 48 تو او آپرِي فوج لي ضلمون جبل تي چڙھي گيو۔ اُوئي ڪوھاڙِي لي بَڻون ۾ ھيڪ ٽاݪِي باڍي آپرَي ڪونڌَي تي کڻِي ھانَ آپرَي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”جڪو ھُون ڪرون پڙيو، ٿي ڀِي اِيئوج ڪرو۔“ 49 پَڇي اُوئون ݾجون مِنکون اُوئيج نمُونَي ھيڪ ٽاݪِي باڍي ھانَ ابيملڪ لاري بيوَڻ لاگا۔ اُوئون او ٽاݪَي تَھ خونَي رِي ڇِت تي راکي باݾڏي ڏينو، جڪَي ݾون سِڪم شھر رَي مينار را ݾجائِي مِنک مري گيا۔ اَي ݾجائِي آڏميون ھانَ لُگايون ݾُوڌا اندازن ھيڪ ھزار مِنک ھتا۔
ابيملڪ رِي موت
50 پَڇي ابيملڪ تيبض شھر ڏيݾا گيو ھانَ اُوئي شھر ݾومھو تنٻُو لگائي اوٿ قبضو ڪيئو۔ 51 پڻ شھر رَي بِچ ۾ ھيڪ مضبُوط مينار ھتو۔ شھر را ݾجائِي آڏمي ھانَ لُگائَي ناݾي اُوئي ۾ جائي لِڪيا ھانَ در بند ڪري مينار رِي ڇِت تي چڙھيا۔ 52 ابيملڪ مينار رَي نيڙو آئي اُوئون ݾون جنگ ڪرتو رھيو ھانَ مينار رَي در ڪڍي پُگو ڪہ اُوئي نَي ٻاݪَي۔ 53 اِيئي تي ھيڪِي لُگائِي گھٽِي رو ماٿلو پاٽ ابيملڪ رَي ماٿَي تي نوکيو، جڪَي ݾون اُوئي رو ماٿو ڦاٽي گيو۔ 54 پَڇي ابيملڪ ڇيڪائِي ڪري آپرا جنگِي ھٿيار کڻڻ آݪَي جوان نَي ڪھيو ڪہ، ”آپرِي تلوار ڪاڍ ھانَ مھنَي مار ڪہ مِنک مھارَي بارَي ۾ اَي نِي ڪَي ڪہ، ’ابيملڪ نَي ھيڪِي لُگائِي ماريو ھَي۔‘“ پَڇي اُوئي نوجوان ابيملڪ نَي ماري ڇوڙيو۔ 55 جڏي اِسرائيليون ڏيٺو ڪہ ابيملڪ مُوئو رو، تو ھر ھيڪ مِنک آپرَي گھري پاڇو گيو۔