جدعُون
6
اِسرائيلي قوم پرميشوَر آگھي ڀڙي پاپ ڪيئو ھانَ پرميشوَر اُوئون نَي ݾات ݾال مدياني قوم رَي حوالي ڪيئا۔ 2 مدياني قوم اِسرائيليون ݾون طاقت آݪِي ھتِي، اِيئي رَي ڪري اِسرائيليون آپرَي ݾارُو جبلون ۾ چُرون، مورچا ھانَ ڪوٽ ٺاھيا۔ 3 جڏي ڀِي اِسرائيلي ڪو پوک پوکتا، تو مدياني، عماليقي ھانَ اُوگوڻَي علائقَي را مِنک اُوئون تي حملو ڪرتا۔ 4 او اِسرائيليون ݾومھا تنٻُو لگاوتا ھانَ غزا شھر توڻي اُوئون رِي ٻنِي رِي پوک نَي برباد ڪرتا۔ اِيئي نمُونَي او اِسرائيليون رَي رڍون ٻڪرَي، ڍگَي ڍگا ھانَ گڏا کوݾي لي جاوتا۔ اِسرائيليون رَي کاوڻ پيئڻ رَي ݾارُو ڪو ڀِي شئي ڪونھي ڇوڙتا۔ 5 دُشمن را اَي لشڪر آپ ڀيڙا ڌڻ مال ھانَ تنٻُو لي تيڏون رَي ڌڻ آݪِي ڪار آوتا۔ او تموم گھڻَي اُونٺون ماٿَي آوتا، جڪون نَي گِڻڻ ڏُکيو ھتو ھانَ او اُتري توڻي ريتا جترِي توڻي پوک برباد نِي ھووَي۔ 6 اِسرائيليون رو مديانيون رَي ڪري تموم حال بُرو ھتو ھانَ پَڇي او مدد رَي ݾارُو پرميشوَر نَي پُڪارتا۔7 پَڇي جڏي اِسرائيليون مديانيون ݾون تنگ ھوئي پرميشوَر نَي ھيلو ڪيئو، 8 تو پرميشوَر اِسرائيليون ڪڍي ھيڪ نبِي ميليو۔ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”پرميشوَر اِسرائيل رو ايشوَر اِيئون ڪَي ھَي ڪہ، ’مھَي ٿونَي مِصر مُلڪ ݾون ڇوڙايا ھانَ غُلومي رَي گھر ݾون ٻاھر ڪاڍيا۔ 9 مھَي ٿونَي مِصريون ھانَ اُوئون ݾجون رَي ھاٿ ݾون ڇوڙايا، جڪو ٿون ماٿَي ظُلم ڪرتا۔ مھَي اُوئون نَي ٿون آگھي ݾون تگڙيا ھانَ اُوئون رو مُلڪ ٿونَي ڏينو۔ 10 مھَي ٿونَي ڪھيو ھتو ڪہ ھُون پرميشوَر ٿونرو ايشوَر ھون۔ ٿي اموريون رَي مُلڪ ۾ رئي اُوئون رَي ڏيوتائون رِي پُوجا نِي ڪريا۔ پڻ ٿون مھارِي بات ڪونھي منِي۔‘“
پرميشوَر رو جدعُون نَي ھيلو ڪرڻ
11 پَڇي پرميشوَر رو فريشتو عُفرا شھر ۾ بلُوط رَي بَڻ ھيٺا آئي ٻيٺو۔ اَي بَڻ ابيعزر رَي خاندان يُوآس رو ھتو۔ يُوآس رو ڏيڪرو جدعُون انگُورون رو رس ڪاڍڻ آݪِي ھودِي ۾ ڪڻڪ ڪُوٽي آڇِي ڪرتو پڙيو ڪہ او مديانيون ݾون لِڪائي راکَي۔ 12 اُوئي ٽيم پرميشوَر رَي فريشتَي اُوئي نَي درشن ڏي ڪھيو ڪہ، ”اي جنگِي جوان، پرميشوَر ٿَي ڀيڙو ھَي۔“ 13 جدعُون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اي مھارا مالڪ، جي پرميشوَر مھون ڀيڙو ھَي، تو مھورو اھڙو بُرو حال ڪيئون ھَي؟ اُوئي را او ݾجائِي پرچا ڪيئا گيا، جڪون رَي بارَي ۾ مھورا ٻاپ ڏاڏا ڪيتا ڪہ، ’پرميشوَر مھونَي مِصر مُلڪ ݾون ڪڍي لي آيو ھَي۔‘ ھمَي پرميشوَر مھونَي ڇوڙيا ھَي ھانَ اُوئي مھونَي مديانيون رَي حوالي ڪيئا ھَي۔“ 14 پرميشوَر اُوئي ڏيݾا جوئي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿنَي ميلون ھون، تُو آپرِي اِيئي طاقت ݾون جا ھانَ اِسرائيلي قوم نَي مديانيون رَي ھاٿون ڇوڙا۔“ 15 جدعُون ڪھيو ڪہ، ”اي مھارا مالڪ، ھُون اِسرائيليون نَي ڪيڪر ڇوڙائُون؟ ڪيونڪہ مُنسي قبيلَي ۾ ݾجون ݾون ڪمزور خاندان مھارو ھَي ھانَ ھُون اِيئي خاندان ۾ ݾجون ݾون نِنيو ھون۔“ 16 پرميشوَر اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿَي ڀيڙو رئين ھانَ تُو مديانيون نَي اِيئون مارِي، جھڙو او ھيڪج مِنک ھووَي۔“ 17 تو جدعُون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”جي مھَي تي ٿارِي دايا رِي نظر ھَي، تو اُوئي رو مھنَي ڪو نِشون بتا، جڪَي ݾون خبر پڙَي ڪہ تُو پرميشوَر ھَي، جڪو مھَي ݾون ٻولَي پڙيو۔ 18 مھربونِي ڪري تُو اُترِي توڻي ايٿ ݾون نِي جائي، جترِي توڻي ھُون پاڇو ٿَي ڪڍي نِي آئُون ھانَ آپرو دون ٿَي آگھي نِي راکون۔“ پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”تُو جترِي توڻي پاڇو ڪونھي آوَي، ھُون ايٿج ھون۔“
19 پَڇي جدعُون جائي ھيڪ ٻڪرِي رو ڦݪيو ھانَ اندازن اَڌ مَڻ آٽو لي بِنا کَمير ٻاٽَي تيار ڪرائَي۔ پَڇي موݾ ھيڪَي ٽوڪرَي ۾ ھانَ پوڻياڪ ٻيجَي ٺون ۾ گھاتي بلُوط رَي بَڻ ھيٺا لائي اُوئي آگھي راکيو۔ 20 پرميشوَر رَي فريشتَي ڪھيو ڪہ، ”موݾ ھانَ بِنا کَمير ٻاٽَي لَي ھانَ اِيئون نَي اِيئي پٿر ماٿَي راکي اُوئون تي پوڻياڪ ڍوڙ۔“ اُوئي اِيئوج ڪيئو۔ 21 پرميشوَر رَي فريشتَي رَي ھاٿ ۾ ھيڪ گيڏِي ھتِي، جڪَي رِي چُونڪ ݾون اُوئي موݾ ھانَ بِنا کَمير ٻاٽيون نَي چُونڪ لگائِي، تو اُوئي پٿر ݾون باݾڏي رِي جاݪ نڪرِي، جڪَي موݾ ھانَ بِنا کَمير ٻاٽيون نَي ٻاݪي ڇوڙئَي۔ پَڇي فريشتو اُوئون رِي نظر ۾ گُم ھوئي گيو۔ 22 پَڇي جدعُون نَي خبر پڙِي ڪہ اَي واقعي پرميشوَر رو فريشتو ھتو۔ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”اي پرميشوَر مھارا مالڪ، مھَي تي اَفسوس، ڪيونڪہ مھَي ٿارو فريشتو رُوبرو ڏيٺو ھَي۔“ 23 پَڇي پرميشوَر اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”دِلجا ڪر، نِي ٻيئاج، ڪيونڪہ تُو ڪونھي مرَي۔“ 24 پَڇي جدعُون اوٿ ھيڪ ٻَليدون رِي جگھا ٺائِي ھانَ اُوئي جگھا رو نون يھووا شالُوم راکيو، جڪَي رو مطلب ھَي ”پرميشوَر رو ݾُک۔“ اَي جگھا اليعزر قبيلَي رَي شھر عُفرا ۾ اَڃون توڻي موجُود ھَي۔
جدعُون رو بعل ڏيوتا رَي ٻَليدون رِي جگھا ڀونگڻ
25 اُوئيج رات پرميشوَر جدعُون نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو آپرَي ٻاپ رَي ٻيئون ڍگون ۾ او ڍگو لي جا، جڪو ݾات ݾال رو ھَي۔ تُو بعل ڏيوتا رَي ٻَليدون رِي جگھا ڀونگي ڇوڙ، جڪو ٿارَي اَبا رِي ھَي ھانَ يسيرت ڏيوِي رِي مُورتِي ڀِي باڍي ڇوڙ۔“ 26 پَڇي پرميشوَر آپرَي ايشوَر رَي ݾارُو ݾجون ݾون پڪِي جگھا تي ٻَليدون ڪرڻ رِي جگھا ٺا ھانَ يسيرت ڏيوِي رِي مُورتِي آݪِي لڪڙِي باڍي ٻيجوڙَي ڍگَي ڀيڙو ٻاݪڻ آݪو ٻَليدون ڪر۔ 27 پَڇي جدعُون آپرَي نوڪرون ݾون ڏَݾ مِنک لي اِيئوج ڪيئو، جون پرميشوَر اُوئي نَي ڪھيو ھتو۔ او اَي ڪوم آپرَي ٻاپ رَي خاندان ھانَ اُوئي شھر رَي مِنکون رَي ٻِي رَي ڪري ڏِن رو ڪونھي ڪري ݾگھتو، اِيئي رَي ڪري اُوئي اَي ڪوم رات رو ڪيئو۔
28 جڏي اُوئي شھر را مِنک ݾاڪݪي تارھي اُٺيا، تو اُوئون ڏيٺو ڪہ بعل ڏيوتا رَي ٻَليدون رِي جگھا بِکري پڙِي ھَي ھانَ اُوئي ڪڍي يسيرت ڏيوِي رِي لڪڙِي رِي مُورتِي را ٽُڪڙا پڙيا ھَي۔ اوٿ ھيڪ نُوئِي ٺاھيوڙِي ٻَليدون رِي جگھا تي ٻيجَي ڍگَي رو ٻَليدون ڪيئوڙو ھَي۔ 29 پَڇي او ھيڪَي ٻيجَي ݾون پُوڇڻ لاگا ڪہ، ”اَي ڪوم ڪَي ڪيئو ھَي؟“ جڏي اُوئون جانچ پڙتال ڪِي، تو خبر پڙِي ڪہ اَي ڪوم يُوآس رَي ڏيڪرَي جدعُون ڪيئو ھَي۔ 30 پَڇي شھر رَي مِنکون يُوآس نَي ڪھيو ڪہ، ”آپرو ڏيڪرو ٻاھر ڪاڍ، تو مھَي اُوئي نَي مارون، ڪيونڪہ اُوئي بعل ڏيوتا رَي ٻَليدون رِي جگھا ڀونگِي ھَي ھانَ يسيرت ڏيوِي رِي مُورتِي نَي باڍي ٽُڪڙا ٽُڪڙا ڪيئا ھَي۔“ 31 يُوآس اُوئون ݾجون نَي جڪو اُوئي آگھي اُڀا ھتا ڪھيو ڪہ، ”ٿي ڪيئون بعل ڏيوتا رَي ڪري مھَي ݾون جھيڙو ڪرڻ آيا ھو ھانَ ڪِي ٿي بعل ڏيوتا نَي بچاشو؟ جڪو ڀِي بعل ڏيوتا رَي ڪري جھيڙو ڪرشَي، تو اُوئي نَي ݾاڪݪي ھوئڻ توڻي ماريو جاشو۔ جي او ڏيوتا ھَي، تو اُوئي ݾون او آپ جائي بدلو لَي، جڪَي اُوئي رِي ٻَليدون رِي جگھا ڀونگِي ھَي۔“ 32 اِيئي رَي ڪري اُوئيج ڏِن جدعُون رو نون اَي ڪئي يربعل راکيو ڪہ، ”بعل آپ اُوئي ݾون بدلو ليشَي۔“ ڪيونڪہ جدعُون اُوئي رِي ٻَليدون رِي جگھا ڀونگِي ھتِي۔
33 پَڇي مدياني، عماليقي ھانَ اُوگوڻَي را مِنک ڀيڙا ھويا ھانَ يردن دريا پار ڪري يزرعيل رِي وادِي ۾ تنٻُو لگايا۔ 34 پَڇي پرميشوَر رِي آتما جدعُون تي اُترِي ھانَ اُوئي نَر ݾِينگو بجائي اليعزر رَي خاندان نَي آپ لاري بيوَڻ رَي ݾارُو ھيلو ڪيئو۔ 35 پَڇي اُوئي مُنسي، آشر، زبولُون ھانَ نفتالي قبيلون ڪڍي نياپو ڏيوَڻ آݪا ميليا۔ تو او ڀِي آيا ھانَ جدعُون رَي خاندان ڀيڙا شامل ھويا۔ 36 پَڇي جدعُون ايشوَر نَي ڪھيو ڪہ، ”جي تو ݾاچيلي آپرَي ڪيوَڻ تي اِسرائيليون نَي مھارَي وسيلَي ڇوڙائِي، 37 تو جو، ھُون رڍ رِي اُون زمين تي راکون ھون ھانَ جي ماڪ رُگو اُون ماٿَي پڙَي ھانَ آݾَي پاݾَي رِي زمين ݾُوڪوڙِي ھووَي، تو مھنَي خبر پڙشَي ڪہ تُو آپرَي ڪيوَڻ تي مھارَي وسيلَي اِسرائيليون نَي ڇوڙائِي۔“ 38 پَڇي اِيئوج ھويو۔ ٻيجَي ڏِن ݾاڪݪي تارھي جدعُون اُٺيو ھانَ اُوئي اُون نَي نِپوڙِي، تو اُوئي ۾ ھيڪ پيالو پوڻي رو نڪريو۔ 39 اِيئي تي جدعُون ايشوَر نَي ڪھيو ڪہ، ”جي تُو مھَي تي ريݾ نِي ڪرَي، تو ھُون ھيڪ گُھمرو ڀڙي عرض ڪرون ھون ڪہ اِيئي اُون ݾون ھيڪ گُھمرو ڀڙي ٿارِي مرضِي جوڻي ݾگھون۔ ھمَي رُگو اُون ݾُوڪِي رَي، باقي ݾجِي زمين تي ماڪ پڙَي۔“ 40 ايشوَر اُوئيج رات اِيئوج ڪيئو۔ رُگو اُون ݾُوڪِي رئِي ھانَ باقي ݾجِي زمين تي ماڪ ھتِي۔