دبُورا ھانَ برق رو گيت
5
پَڇي اُوئيج ڏِن دبُورا ھانَ ابي نوعم رَي ڏيڪرَي برق اَي گيت گايو ڪہ،
‏2 ”پرميشوَر رِي بکوڻ ڪرو،
جڏي قاضيون اِسرائيليون رِي اَگووڻِي ڪِي،
تو مِنک خُوشِي ݾون جنگ ۾ شامل ھويا۔
‏3 اي بادشاھون، ݾُڻو۔
اي حاڪمون، مھارِي بات تي ڌھيون ڏيئو۔
ھُون پرميشوَر را گيت گائين،
ھُون پرميشوَر، اِسرائيل رَي ايشوَر رِي بکوڻ را گيت گائين۔
‏4 اي پرميشوَر جڏي تُو شعير شھر ݾون نڪريو
ھانَ ادُوم رَي ميدون ݾون آگھي بڌيو،
تو زمين ڌُٻڻ لاگِي ھانَ آڪاش ݾون پوڻي برݾيو،
ھاوي، باڏݪون ݾون مي برݾيو۔
‏5 جبل پرميشوَر آگھي ھِلڻ لاگا
ھانَ سينا جبل پرميشوَر،
اِسرائيل رَي ايشوَر آگھي ڏڪڻ لاگو۔
‏6 عنات رَي ڏيڪرَي شمجر رَي زمونَي ۾
ھانَ ياعيل رَي زمونَي ۾ مارگ ويرون ھتا
ھانَ مُسافر نِنئي مارگون ۾ آوتا جاوتا۔
‏7 اِسرائيليون را گون ويرون ھويا
ھانَ گون ۾ ريوَڻ مُشڪل ھتو،
جترِي توڻي ھُون دبُورا،
اِسرائيليون رِي ما ھوئي ڪونھي آئِي ھتِي۔
‏8 اِسرائيليون آپرَي ݾارُو نُوئا ڏيوتا چُونڊيا،
تو شھر رَي درون تي جنگ ھوئڻ لاگِي۔
اِسرائيليون رَي چاليھ ھزار مِنکون ڪڍي،
ڪو ڀِي ڍال ھانَ ڀالو ڪونھي ھتو۔
‏9 مھارو من اِسرائيليون رَي جنگِي اَگووڻون ڀيڙو ھَي،
جڪو آپرِي خُوشِي ݾون جنگ رَي ݾارُو نڪريا۔
پرميشوَر رِي بکوڻ ڪرو۔
‏10 ٿي ݾجائِي جڪو آڇَي گڏون تي ݾَوار ھو
ھانَ ٿي جڪو قيمتي گِلم تي ٻيݾو ھو
ھانَ ٿي ݾجائِي جڪو پنڌ بو ھو،
اِيئون باتون رو ايلون ڪرو۔
‏11 ݾُڻو، کُوھون ڪڍي گاوڻ آݪون رو آواز ݾُڻو،
او پرميشوَر رِي ݾچائي ݾُڻاوَي ھَي،
جڪو جيت اِسرائيل رَي گون آݪون نَي ملِي،
او جيت پرميشوَر آپرَي مِنکون نَي ڏينِي ھَي،
جڏي او شھر ݾون نڪري درون ݾون ھيٺا آيا۔
‏12 جاگ دبُورا جاگ،
جاگ ھانَ گيت گا،
اي ابي نوعم را ڏيڪرا برق،
اُٺ ھانَ آپرا قيدي ٻونڌي لي جا۔
‏13 اُوئي ٽيم باقي مِنک اُتري آپرَي ݾردارون ڪڍي آيا۔
پَڇي پرميشوَر را مِنک جنگِي مِنکون ڀيڙا مھَي ڪڍي آيا۔
‏14 اِفرائيم قبيلَي ݾون ڪئين مِنک آيا،
جيٿ پيل عماليقي ريتا۔
پَڇي مڪير قبيلَي ݾون ڪئين ݾردار آيا
ھانَ زبولُون قبيلَي ݾون فوج را آفيسر آيا۔
‏15 اشڪار قبيلَي را ݾردار ڀِي دبُورا ڀيڙا ھتا،
جھڙو اشڪار اھڙو برق ڀِي ھتو۔
او مِنک وادِي ۾ پنڌ گيا،
پڻ اي روبن قبيلَي آݪون، ٿي ڪھڙِي ݾوچ ۾ ھتا؟
‏16 ٿي او ݾيٽَي ݾُڻڻ رَي ݾارُو
رڍون رِي باڙ ۾ ڪيئون ٻيٺا ھتا،
جڪو رڍون ٻڪريون رَي ݾارُو بجاوَي ھَي؟
اي روبن قبيلَي آݪون، ٿي ڪھڙِي ݾوچ ۾ ھتا؟
‏17 جِلعاد رو قبيلو يردن دريا پار رھيو
ھانَ دان رو قبيلو ٻيڙيون ۾ ڪيئون رھيو؟
آشر رو قبيلو ݾمُوندر رَي ڪپ تي ٻيٺو رھيو
ھانَ او ٻيڙا اُڀڻ آݪَي جگھائون تي ٻيٺا رھيا۔
‏18 زبولُون ھانَ نفتالي قبيلَي آݪون،
آپرِي جان رِي پرواھ ڪونھي ڪِي
ھانَ او جنگ ۾ شامل ھويا۔
‏19 ڪنعان مُلڪ رَي بادشاھون آئي
مھون ݾون جنگ ڪِي۔
تعناڪ علائقَي ۾ مجدو ندِي ڪڍي،
اُوئون اِسرائيليون ݾون جنگ ڪِي۔
پڻ اُوئون نَي اوٿ ݾون کوݾيوڙو مال ڪونھي مِليو۔
‏20 آڪاش ݾون ڀِي جنگ ھوئِي،
تارا آپرِي جگھا ݾون آيا ھانَ سيسرا ݾون بِڙھڻ لاگا۔
‏21 قيسُون ندِي اُوئون نَي لوڙھي گئِي،
اَي اوج پِروڻِي ندِي ھَي، جڪو قيسُون ندِي ھَي۔
اي مھارِي جان، تُو مضبُوط ھوئي بيتِي جا۔
‏22 پَڇي گھوڙون رَي ناݾڻ رو گوڙ ݾُڻجيو،
دُشمن رَي گھوڙون رَي ناݾڻ رو آواز آوڻ لاگو۔
‏23 پرميشوَر رَي فريشتَي ڪھيو ڪہ،
’ٿي ميروز شھر تي لعنت ڪرو،
اُوئي ۾ ريوَڻ آݪون نَي تموم گھڻا پِٽو،
ڪيونڪہ او پرميشوَر رِي مدد ڪرڻ ڪونھي آيا،
جنگِي مِنکون رَي خلاف،
پرميشوَر رِي مدد رَي ݾارُو ڪونھي آيا۔‘
‏24 حِبر قيني رِي لُگائِي ياعيل،
ٻيجَي لُگايون ݾون تموم گھڻِي برڪت آݪِي ھوشَي،
جڪو لُگائَي تنٻُوئون ۾ رَي ھَي،
اُوئون ݾون او وڌيڪ برڪت آݪِي ھوشَي۔
‏25 سيسرا اُوئي ݾون پوڻي مونگيو،
تو اُوئي نَي ڏُوڌ ڏينو۔
ݾُٺَي پيالَي ۾ او اُوئي رَي ݾارُو موکڻ لي آئِي۔
‏26 اُوئي آپرَي کاٻَي ھاٿ ۾ ڪوڪو
ھانَ ݾاجَي ھاٿ ۾ ھٿوڙو ليئو
ھانَ اُوئي ݾون اُوئي سيسرا نَي ماريو،
اُوئي سيسرا رو ماٿو ڦاڙي ڇوڙيو
ھانَ ڪوڪو اُوئي رِي ڪونَ رَي پاݾَي ۾،
آر پار ڪيئو۔
‏27 او اُوئي رَي پگون توڻي جُھڪيو،
او کِريو ھانَ پڙيو رھيو،
اُوئي رَي پگون توڻي جُھڪيو ھانَ کِريو،
جيٿ او جُھڪيو، او اوٿج مري کِريو۔
‏28 سيسرا رِي ما درِي ݾون جوئي رَڙ ڪِي،
اُوئي درِي رِي ڄارِي ݾون رَڙ ڪِي ڪہ،
’اُوئي رو گھوڙا گاڏو آوڻ ۾ اترِي دير ڪيئون لاگِي؟
اُوئي رَي گھوڙَي گاڏون رو آواز ڪيئون ڪونھي آوتو؟‘
‏29 اُوئي رَي ݾمجھدار لُگايون بݪتِي ڏينِي،
پڻ اُوئي آپرو آپنَي ڪھيو ڪہ،
‏30 ’لاگَي ھَي ڪہ او کوݾيوڙو مال بِݪاوَي پڙيا،
ڪِي ھر ھيڪ مڙد نَي ھيڪ ھيڪ نا،
پڻ ٻي ٻي ڪنوارَي ڪونھي مِلئَي؟
ڪِي سيسرا نَي رنگين گاڀا،
پڻ ٻيئي پاݾا ڀرت ڀريوڙا رنگين گاڀا ڪونھي مِليا؟‘
‏31 اي پرميشوَر، ٿارا ݾجائِي دُشمن مِٽي جاوَي،
پڻ ٿَي ݾون پريم ڪرڻ آݪا،
ݾُورج آݪِي ڪار چمڪتا رَي،
جڏي او پُورَي زور ݾون نڪرَي ھَي۔“
اِيئي ݾون پَڇي مُلڪ ۾ چاليھ ݾال توڻي امن رھيو۔