دبُورا ھانَ برق
4
اھُود قاضِي رَي مرڻ ݾون پَڇي اِسرائيلي قوم پرميشوَر آگھي ڀڙي پاپ ڪيئو۔ 2 تو پرميشوَر اُوئون نَي ڪنعان مُلڪ رَي بادشاھ يابين رَي حوالي ڪيئا، جڪو حصُور شھر ۾ بادشاھي ڪرتو۔ اُوئي رِي فوج رَي آفيسر رو نون سيسرا ھتو، جڪو غير قومون رَي شھر حروست ۾ ريتو۔ 3 يابين بادشاھ ڪڍي لوھ را نَئو ݾئو گھوڙا گاڏا ھتا ھانَ او بيݾ ݾال اِسرائيليون تي تموم گھڻو ظُلم ڪرتو رھيو۔ اِيئي تي اِسرائيليون پرميشوَر نَي مدد رَي ݾارُو ھيلو ڪيئو۔4 اُوئي ٽيم لفيدوت رِي لُگائِي دبُورا نبيوڻِي ھتِي ھانَ او اِسرائيليون را فيصلا ڪرتِي۔ 5 او اِفرائيم رَي جابلُو علائقَي راما ھانَ بيت ايل شھر رَي بِچ ۾ دبُورا رَي کجِي رَي بَڻ ھيٺا ٻيݾتِي ھانَ اِسرائيلي اُوئي ڪڍي اِنصاف رَي ݾارُو آوتا۔
6 ھيڪ ڏِن دبُورا نفتالي قبيلَي رَي قادس شھر ݾون ابي نوعم رَي ڏيڪرَي برق نَي ھيلو ڪرائي ڪھيو ڪہ، ”پرميشوَر اِسرائيلي رَي ايشوَر ٿنَي حُڪم ڏينو ھَي ڪہ، ’تُو نفتالي ھانَ زبولُون قبيلَي ݾون ڏَݾ ھزار مِنک تبُور جبل تي ڀيڙا ڪر۔ 7 ھُون قيسُون ندِي تي يابين بادشاھ رَي فوج رَي آفيسر سيسرا نَي، اُوئي رِي فوج ھانَ گھوڙَي گاڏون ݾُوڌو ٿَي ڏيݾا لي آئي ٿارَي حوالي ڪرين۔‘“ 8 اِيئي تي برق ڪھيو ڪہ، ”جي تُو مھَي ڀيڙِي ھالِي، تو ھُون جائين، پڻ جي تُو مھَي ڀيڙِي ڪونھي ھالَي، تو ھُون ڀِي ڪونھي جائُون۔“ 9 اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ضرُور ٿَي ڀيڙِي ھالين ھانَ جي ھُون گئِي، تو ٿنَي ڪو ڀِي عِزت ڪونھي ملَي، ڪيونڪہ پرميشوَر سيسرا نَي ھيڪِي لُگائِي رَي حوالي ڪرشَي۔“ پَڇي دبُورا برق ڀيڙِي قادس شھر ڏيݾا گئِي۔ 10 برق زبولُون ھانَ نفتالي قبيلون نَي قادس شھر ۾ ھيلو ڪرايو ھانَ ڏَݾ ھزار مِنک آپ ڀيڙا لي بَئير ھويو ھانَ دبُورا ڀِي اُوئي ڀيڙِي ھتِي۔
11 مُوسيٰ رو ݾاݪو حِبر قيني جڪو حباب رِي پيڙھِي ݾون ھتو، اُوئي قيني قوم ݾون ڌار ھوئي قادس شھر ڪڍي ضعننيم ۾ بلُوط رَي بَڻ نيڙو آپرو تنٻُو لگايو ھتو۔
12 جڏي سيسرا نَي خبر پڙِي ڪہ ابي نوعم رو ڏيڪرو برق تبُور جبل تي چڙھي گيو ھَي، 13 تو اُوئي آپرا نَئو ݾئو لوھ آݪا گھوڙا گاڏا ھانَ آپرِي ݾجِي فوج نَي غير قومون رَي شھر حروست ݾون قيسُون ندِي تي ڀيڙا ڪيئا۔ 14 پَڇي دبُورا برق نَي ڪھيو ڪہ، ”اُٺِي، ڪيونڪہ اَي اوج ڏِن ھَي جڪَي ۾ پرميشوَر سيسرا نَي ٿارَي حوالي ڪيئو ھَي، ڪيونڪہ پرميشوَر ٿارو اَگووڻ ھَي۔“ اِيئي تي برق ھانَ ڏَݾ ھزار مِنک اُوئي ڀيڙا تبُور جبل ݾون ھيٺا اُتريا۔ 15 پرميشوَر برق رِي فوج ݾون سيسرا ھانَ اُوئي رَي ݾجَي گھوڙون گاڏون ھانَ ݾجِي فوج نَي ٻِي ڏينو ھانَ سيسرا گھوڙَي گاڏَي ݾون اُتري پنڌ ناݾي گيو۔ 16 برق گھوڙون گاڏون ھانَ فوج رو غير قومون رَي شھر حروست شھر توڻي لارو ڪيئو۔ اِيئي نمُونَي سيسرا رِي ݾجِي فوج نَي تلوار ݾون قتل ڪيئو ھانَ اُوئون ۾ ھيڪ ڀِي ڪونھي بچيو۔
17 تو سيسرا حِبر قيني رِي لُگائِي ياعيل رَي تنٻُو ڏيݾا پنڌ ناݾي آيو، ڪيونڪہ حصُور رَي بادشاھ يابين ھانَ حِبر قيني رَي خاندان رِي آپت ۾ صُلح ھتِي۔ 18 ياعيل سيسرا ݾون مِلڻ رَي ݾارُو نڪرِي ھانَ اُوئي نَي ڪيوَڻ لاگِي ڪہ، ”اي مھارا مالڪ، مھَي ڪڍي آ، ھانَ پريشون نِي ھو۔“ پَڇي او اُوئي ڪڍي تنٻُو ۾ گيو ھانَ ياعيل اُوئي ماٿَي کٿو ڍاڙيو۔ 19 پَڇي سيسرا اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھنَي ٿوڙيو پوڻي پيئاڙ، ڪيونڪہ تِرݾ لاگوڙِي ھَي۔“ تو اُوئي ڏُوڌ رِي ڏيڙِي کولي اُوئي نَي پيئاڙيو ھانَ پَڇي اُوئي ماٿَي کٿو ڍاڙي ڇوڙيو۔ 20 سيسرا اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو تنٻُو رَي در تي اُڀِي رَي ھانَ جي ڪُڻ ٿَي ݾون پُوڇَي ڪہ، ’ايٿ ڪو آيو ھَي۔‘ تو تُو ڪئي ڪہ، ’ڪو ڀِي ڪونھي آيو۔‘“ 21 جڏي سيسرا اُونگاجوڙو ھتو، تو حِبر رِي لُگائِي ياعيل تنٻُو رو ھيڪ ڪوڪو ھانَ ھٿوڙِي ھاٿ ۾ لي ماٺ ماٺ ۾ سيسرا ڪڍي گئِي ھانَ ڪوڪو اُوئي رَي ڪونَ رَي پاݾَي ۾ راکي اھڙو ھڻيو ڪہ او آر پار ھوئي جائي زمين ۾ لاگو ھانَ او مري گيو۔ 22 جڏي برق سيسرا رو لارو ڪرتو اوٿ پُگو، تو ياعيل اُوئي ݾون مِلڻ رَي ݾارُو نڪرِي ھانَ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”آ، ھُون ٿنَي او مِنک بتائُون، جڪَي رِي ٿنَي تلاش ھَي۔“ پَڇي برق اُوئي رَي تنٻُو ۾ آئي ڏيٺو ڪہ سيسرا تو مُوئو پڙيو ھَي ھانَ ڪوڪو اُوئي رَي ڪونَ ڪڍي لاگوڙو ھَي۔