اِسرائيليون ڀيڙا ريوَڻ آݪا ڪنعاني
3
پرميشوَر ڪئينڪہ قومون نَي ڪنعان مُلڪ ۾ ريوَڻ ڏينا ڪہ او ݾجَي اِسرائيليون نَي آزماوَي، جڪون نَي ڪنعان مُلڪ رِي جنگ رو ڪو ڀِي تجربو ڪونھي ھتو۔ ‏2 پرميشوَر رو مقصد اَي ھتو ڪہ اِسرائيليون رِي نُوئِي نسل نَي جنگ ڪرڻ ݾيکاوَي، ڪيونڪہ اُوئون نَي اِيئي ݾون پيل جنگ رو ڪو ڀِي تجربو ڪونھي ھتو۔ ‏3 اِيئون قومون ۾ فلستيون را پونچ ݾردار، ݾجائِي ڪنعاني، صيداني ھانَ حوِي شامل ھتا۔ حوِي قوم لبنان رَي جابلُو علائقَي بعل حرمُون رَي جبل ݾون لي حمات شھر توڻي ريتا۔ ‏4 پرميشوَر اِيئون قومون رَي وسيلَي اِسرائيليون نَي آزمائي جووَي ھَي ڪہ او مھارَي اُوئي حُڪمون تي بَي ھَي جون نا، جڪو مھَي مُوسيٰ رَي وسيلَي اُوئون رَي ٻاپ ڏاڏون نَي ڏينا ھتا۔ ‏5 اِيئي نمُونَي اِسرائيلي مِنک، ڪنعاني، حِتي، اموري، فرزي، حوِي ھانَ يبُوسي قومون رَي بِچ ۾ ريوَڻ لاگا۔ ‏6 اِسرائيليون بيئان رَي ݾارُو اُوئون رَي ڏيڪرون نَي آپرَي ڏيڪرَي ڏينَي ھانَ اُوئون رَي ڏيڪرَي ليئَي۔ پَڇي اِسرائيلي اُوئون رَي ڏيوتائون رِي پُوجا ڪرڻ لاگا۔
غتني ايل قاضِي
‏7 اِسرائيليون پرميشوَر آگھي پاپ ڪيئو ھانَ پرميشوَر آپرَي ايشوَر نَي ڇوڙي بعل ڏيوتائون ھانَ يسيرت ڏيوِي رِي پُوجا ڪرڻ لاگا۔ ‏8 اِيئي رَي ڪري پرميشوَر نَي اِسرائيليون تي تموم گھڻِي ريݾ آئِي ھانَ اُوئي اُوئون نَي مسوپتاميا رَي بادشاھ ڪوشن رسعتيم رَي حوالي ڪيئا، اِيئي نمُونَي او آٺ ݾال اُوئون را غُلوم رھيا۔
‏9 جڏي اِسرائيليون پرميشوَر نَي مدد رَي ݾارُو ھيلو ڪيئو، تو پرميشوَر اُوئون نَي ڇوڙاوڻ رَي ݾارُو ڪالب رَي نِنئي ڀائي قنز رَي ڏيڪرَي غتني ايل نَي ميليو، جڪَي اُوئون نَي آزاد ڪرايا۔ ‏10 پَڇي پرميشوَر رِي آتما غتني ايل تي اُترِي ھانَ او اِسرائيليون رو قاضِي ھويو۔ جڏي غتني ايل جنگ ڪرڻ گيو، تو پرميشوَر مسوپتاميا رَي بادشاھ ڪوشن رسعتيم نَي اُوئي رَي حوالي ڪيئو ھانَ اُوئي ڪوشن رسعتيم نَي ھرايو۔ ‏11 اُوئي مُلڪ ۾ چاليھ ݾال توڻي امن رھيو۔ پَڇي قنز رو ڏيڪرو غتني ايل مري گيو۔
اھُود قاضِي
‏12 جڏي اِسرائيليون ڀڙي پرميشوَر آگھي پاپ ڪيئو، تو پرميشوَر موآب مُلڪ رَي بادشاھ عجلُون نَي اِسرائيليون ݾون وڌيڪ طاقت آݪو ڪيئو، ڪيونڪہ اِسرائيليون پرميشوَر آگھي پاپ ڪيئو ھتو۔ ‏13 عجلُون بادشاھ عمُوني ھانَ عماليقي قومون ڀيڙو ھوئي اِسرائيليون تي حملو ڪيئو ھانَ اُوئون رَي کجيون رَي شھر يريحُو تي قبضو ڪيئو۔ ‏14 اِيئي نمُونَي اِسرائيلي قوم اڍارَي ݾال توڻي موآب مُلڪ رَي بادشاھ عجلُون رِي غُلومي ۾ رھيا۔
‏15 جڏي اِسرائيلي قوم پرميشوَر نَي مدد رَي ݾارُو ھيلو ڪيئو، تو پرميشوَر اُوئي نَي ڇوڙاوڻ رَي ݾارُو بنيامين قبيلَي ݾون جيرا رَي ڏيڪرَي اھُود نَي چُونڊيو، جڪو کاٻيڙ ھتو۔ اِسرائيليون اھُود نَي موآب مُلڪ رَي عجلُون بادشاھ ڪڍي تحفو ڏي ميليو۔ ‏16 اھُود آپرَي ݾارُو ٻي ڌارِي تلوار ٺائِي، جڪو ڏوڍ ڦُٽ لونٻِي ھتِي۔ اُوئي او تلوار آپرَي گاڀون ھيٺا کاٻِي ݾاٿݪ تي ٻونڌِي۔ ‏17 پَڇي اُوئي موآب مُلڪ رَي بادشاھ عجلُون نَي او تحفو ڏينو۔ عجلُون بادشاھ تموم جاڏو مِنک ھتو۔ ‏18 جڏي اھُود تحفو ڏينو، تو اُوئي اُوئون مِنکون نَي بَئير ڪيئا، جڪو اُوئي ڀيڙا تحفو لي آيا ھتا۔
‏19 پَڇي اھُود جِلجال شھر رَي پٿر رَي مُورتيون ݾون بادشاھ ڪڍي ڀڙي پاڇو آيو ھانَ ڪھيو ڪہ،”اي بادشاھ، مھَي ڪڍي ٿارَي ݾارُو ھيڪ راز رِي بات ھَي۔“ پَڇي بادشاھ حُڪم ڏينو ڪہ،”ݾجائِي ٻاھر جائو۔“ تو او مِنک جڪو اُوئي رَي آݾَي پاݾَي اُڀا ھتا، ݾجائِي ٻاھر گيا۔ ‏20 پَڇي اھُود عجلُون بادشاھ ڪڍي آيو، جڪو اُوئي ٽيم آپرَي بائيرَي آݪَي ماٿلَي ڪمرَي ۾ ھيکلو ٻيٺو ھتو۔ پَڇي اھُود ڪھيو ڪہ، ”ايشوَر رَي طرفون مھَي ڪڍي ٿارَي ݾارُو ھيڪ نياپو ھَي۔“ تو بادشاھ آپرَي تخت ݾون اُٺي اُڀو۔ ‏21 اھُود آپرو کاٻو ھاٿ بِݪايو ھانَ کاٻِي ݾاٿݪ ݾون تلوار ڪاڍي اُوئي رَي پيٽ ۾ کُپئي ڇوڙِي۔ ‏22 تلوار بادشاھ رَي پيٽ ۾ اترِي گئِي ڪہ تلوار رو ھٿيو چرٻِي ݾون ڍڪيجي گيو۔ اھُود او تلوار بادشاھ رَي پيٽ ݾون ڪونھي ڪاڍِي، پڻ آر پار ھوئي گئِي۔ ‏23 اھُود ڪمرَي ݾون ٻاھر نڪريو ھانَ پَڇي ماٿلَي ڪمرون را در بند ڪري تاݪا لگايا۔ ‏24 جڏي او بُوئو گيو، تو بادشاھ را نوڪر آيا ھانَ اُوئون ڏيٺو ڪہ ماٿلَي ڪمرون رَي درون تي تاݪا لاگوڙا ھَي، تو او ݾمجھا ڪہ بادشاھ ضرُور ڪاڪُوس ۾ ھَي۔ ‏25 اِيئي رَي ڪري اُوئون ٿوڙِي دير اِنتظار ڪيئو۔ جڏي ماٿلَي ڪمرَي رو در ڪونھي کُليو، تو اُوئون اُوئي رِي ڪُونچِي لي کوليو ھانَ ڏيٺو ڪہ اُوئون رو مالڪ فرش تي مُوئو پڙيو ھَي۔
‏26 جڏي نوڪر اِنتظار ڪرتا پڙيا، تو اُوئي ٽيم اھُود اوٿ ݾون ناٺو ھانَ پٿر رَي مُورتيون ݾون لنگھي سعيرت شھر ۾ جائي پناھ لِي۔ ‏27 اوٿ ݾون اِفرائيم رَي جابلُو علائقَي ۾ پُگي، اھُود نَر ݾِينگو بجايو، تو اِسرائيلي جبل ݾون اُوئي ڀيڙا ھيٺا اُتريا ھانَ اھُود اُوئون رو اَگووڻِي ڪِي۔ ‏28 پَڇي اُوئي اِسرائيليون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي لاري بو، ڪيونڪہ پرميشوَر ٿونرا موآبي دُشمن ٿونرَي ھاٿ ۾ ڏينا ھَي۔“ اِيئي نمُونَي اُوئون اُوئي لاري جائي دريا ݾون لنگھڻ آݪَي نِنئي گھيڙ آݪَي جگھائون تي قبضو ڪيئو، جڪو موآب مُلڪ ڏيݾا ھتا ھانَ ڪينَي ڀِي دريا لنگھڻ ڪونھي ڏينو۔ ‏29 اُوئي ڏِن اُوئون موآب مُلڪ را اندازن ڏَݾ ھزار دلير جنگِي مِنک ماري ڇوڙيا ھانَ اُوئون ۾ ھيڪ ڀِي ڪونھي بچيو۔ ‏30 اُوئي ڏِن ݾون موآب مُلڪ اِسرائيليون رَي قبضَي ۾ ھتو، اِيئي نمُونَي ݾجَي مُلڪ ۾ اَݾِي ݾال امن رھيو۔
شمجر قاضِي
‏31 اھُود ݾون پَڇي عنات رو ڏيڪرو شمجر اِسرائيلي قوم رو قاضِي ھويو ھانَ اُوئي ڍگا ھاڪلڻ آݪِي گيڏِي ݾون فلستيون را ڇَي ݾئو آڏمي ماري ڇوڙيا۔ اِيئي نمُونَي اُوئي ڀِي اِسرائيليون نَي آزاد ڪرايا۔