وچن رِي ݾنڏُوڪ ٺاوڻ
37
پَڇي بضلي ايل ٻَٻڙ رِي لڪڙِي ݾون ھيڪ وچن رِي ݾنڏُوڪ ٺائِي۔ او ݾنڏُوڪ پوڻا چار ڦُٽ ڏيگھِي، ݾَوا ٻي ڦُٽ ويڪرِي ھانَ او ݾَوا ٻي ڦُٽ اُونچِي ھتِي۔ 2 اُوئي ݾنڏُوڪ مئين ھانَ ٻاھر نِج ݾونو چاڙھيو ھانَ اُوئي رَي چوڌاري جھالر ٺائِي۔ 3 پَڇي اُوئي چارون پاگون تي لگاوڻ رَي ݾارُو چار ݾونَي را ڪڙا ٺاھيا، ٻي ڪڙا ھيڪَي پاݾَي ھانَ ٻي ٻيجَي پاݾَي ٺاھيا۔ 4 پَڇي اُوئي ٻَٻڙ رِي لڪڙِي را ٻي ڏنڊا ٺائي اُوئون تي ݾونو چاڙھيو۔ 5 او ڏنڊا ݾنڏُوڪ رَي ٻيئي پاݾَي ڪڙون ۾ لگايا ڪہ ݾنڏُوڪ کڻيجَي۔ 6 پَڇي بضلي ايل نِج ݾونَي ݾون ݾنڏُوڪ رو ڍڪ ٺاھيو جڪَي رِي لونٻائي پوڻا چار ڦُٽ ھانَ ݾَوا ٻي ڦُٽ ويڪرِي ھتِي۔ 7 پَڇي اُوئي ڍڪ رَي ٻيئون ڪِنارون تي ݾونَي را ٻي ڪروبِي گھڙي ٺاھيا۔ 8 ھيڪ ڪروبِي ھيڪَي پاݾَي ھانَ ٻيجو ڪروبِي ٻيجَي پاݾَي ھتو۔ ٻيئي پاݾَي آݪا ڪروبِي ھانَ ڍڪ ݾونَي رَي ھيڪَي ٽُڪڙَي را ٺاھيوڙا ھتا۔ 9 ڪروبيون رَي پونکَي اھڙَي نمُونَي اُونچَي کُليوڙَي ھتَي ڪہ اُوئون ݾون ڍڪ ڍڪيوڙو ھتو، او ڪروبِي اومھا ݾومھا ھتا ھانَ اُوئون را مونڏا ڍڪ ڏيݾا ھتا۔دون رَي ٻاٽيون رو ٽيبل ٺاوڻ
10 پَڇي بضلي ايل دون رَي ٻاٽيون رَي ݾارُو ٻَٻڙ رِي لڪڙِي رو ھيڪ ٽيبل ٺاھيو۔ او تين ڦُٽ لونٻو، ڏوڍ ڦُٽ ويڪرو ھانَ ݾَوا ٻي ڦُٽ اُونچو ھتو۔ 11 اُوئي ٽيبل تي نِج ݾونو چاڙھيو ھانَ اُوئي رَي چوڌاري ݾونَي را ڪِنارا ٺاھيا۔ 12 پَڇي اُوئي ٽيبل رَي چوڌاري تين اِنچ ويڪرا ڪُونگرا ٺاھيا ھانَ اُوئي تي ݾونو چاڙھيو۔ 13 پَڇي اُوئي ٽيبل رَي ݾارُو ݾونَي را چار ڪڙا گھڙي چارون پاگون رَي چارون ڪُنڊون ۾ لگايا۔ 14 اَي ڪڙا ڪِنارَي رَي پاݾَي تي ھتا ڪہ ٽيبل نَي کڻڻ رَي ݾارُو ڏنڊون رِي جگھا ھووَي۔ 15 اُوئي ٽيبل نَي کڻڻ رَي ݾارُو ٻَٻڙ رِي لڪڙِي را ڏنڊا ٺاھيا ھانَ اُوئي تي ݾونو چاڙھيو۔ 16 اُوئي ٽيبل تي راکڻ رَي ݾارُو نِج ݾونَي رَي ٿاݪَي، موٽا موٽا پيالا، موٽا موٽا جَگ ھانَ مگھا ٺاھيا۔
ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي ٺاوڻ
17 پَڇي بضلي ايل نِج ݾونَي رِي ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي ٺائِي۔ او ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي، اُوئي را پاگا، اُوئي رَي ڏونڏَي، اُوئي را گُل، پونَ ھانَ گئونچ ھيڪَي ٽُڪڙَي را ٺاھيا۔ 18 ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي را پاگا يعني بِچ آݪِي ڏونڏِي رَي ٻيئي پاݾَي تين تين ڏونڏَي نڪريوڙَي ھتَي۔ 19 ھيڪِي ڏونڏِي ۾ بادوم رَي گُلون جھڙَي تين پيالَي، ھيڪ گئونچ ھانَ ھيڪ گُل ھتو ھانَ ٻيجِي ڏونڏِي ۾ ڀِي بادوم را گُل جھڙا تين پيالا، ھيڪ گئونچ ھانَ ھيڪ گُل ھتو، يعني او ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي رَي ڇھون ڏونڏيون ۾ ݾجو ڪئين ھيڪ جھڙو ھتو۔ 20 ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي را پاگا يعني بِچ آݪِي ڏونڏِي تي ڀِي بادوم رَي گُلون جھڙا چار پيالا ھانَ گئونچ ٺاھيا۔ 21 ٻيئي پاݾَي ھر ھيڪ ٻيجِي ڏونڏِي ھيٺا ھيڪ ھيڪ گئونچ ھتو۔ 22 اُوئون را گئونچ ھانَ ڏونڏا ݾجائِي ھيڪَي ٽُڪڙَي ݾون ٺاھيا۔ ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي نِج ݾونَي رَي ھيڪَي ٽُڪڙَي ݾون گھڙي ٺائِي۔ 23 بضلي ايل اُوئي رَي ݾارُو ݾات ڏِيئا ھانَ ڏِيئي رِي باٽ ڪترڻ رَي ݾارُو ڪترڻِي ھانَ اُوئي رِي راک ڀيڙِي ڪرڻ رَي ݾارُو ٺيڪر نِج ݾونَي را ٺاھيا۔ 24 پَڇي او ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي ھانَ اُوئي رو ݾجو سيمون چوٽِي ݾير نِج ݾونَي رو ٺاھيو۔
ڌُوپ ڪرڻ رِي جگھا ٺاوڻ
25 پَڇي اُوئي ٻَٻڙ رِي لڪڙِي ݾون ڌُوپ ڪرڻ رِي جگھا ٺائِي۔ او چوڪُنڊِي ھتِي ھانَ اُوئي رِي لونٻائي ھانَ ويڪرائِي ڏوڍ ڏوڍ ڦُٽ ھتِي ھانَ او تين ڦُٽ اُونچِي ھتِي۔ اُوئي ماٿَي چارون کُوڻون تي ݾِينگ ٺاھيا۔ اَي ݾجِي جگھا ٻَٻڙ رِي لڪڙِي رَي ھيڪَي ٽُڪڙَي ݾون ٺاھيا۔ 26 پَڇي بضلي ايل اُوئي رَي ماٿَي ھانَ چوڌاري ھانَ اُوئي رَي ݾِينگون تي نِج ݾونو چاڙھيو ھانَ اُوئي رَي چوڌاري ݾونَي را ڪِنارا ٺاھيا۔ 27 پَڇي اُوئي ݾونَي رَي ڪِنارون ھيٺا اُوئي رَي ٻيئي پاݾَي ݾونَي را ٻي ٻي ڪڙا ٺاھيا ڪہ ڪڙون ۾ ڏنڊا گھاتي کڻيجَي۔ 28 اُوئي او ڏنڊا ٻَٻڙ رِي لڪڙِي را ٺاھيا ھانَ اُوئون تي ݾونو چاڙھيو۔
29 پَڇي اُوئي ايشوَر رَي پُوجاريون نَي پويتر ڪرڻ رو تيل ھانَ ڌُوپ ڪرڻ رَي ݾارُو ݾُرا مسالا اِيئوج ٺاھيا جون عطر ٺاوڻ آݪا ڪاريگر ٺاوَي ھَي۔