پويتر تنٻُو ٺاوڻ رَي ݾارُو دون
25
پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، 2 ”تُو اِسرائيلي قوم نَي ڪئي ڪہ او مھارَي ݾارُو دون لي آوَي۔ ھر ھيڪ مِنک آپرِي خُوشِي ݾون جڪو ڀِي دون ڏَي، تُو اُوئون ݾون مھارَي ݾارُو لئي۔ 3 ٿنَي جڪو شيون اُوئون ݾون دون ۾ ليوَڻَي ھَي، او ݾونو، چوندِي، پيتل۔ 4 آسموني، بيڱڻائي ھانَ راتا ڏورا، قيمتي ليلم رو گاڀو ھانَ ٻڪريون را باݪ، 5 گھيٽون رَي راتَي رنگيوڙَي کالون، لُڌڙون رَي کالون ھانَ ٻَٻڙ رِي لڪڙِي۔ 6 ڏِيئون رَي ݾارُو تيل ھانَ پويتر تيل ٺاوڻ رَي ݾارُو مسالا، ڌُوپ ڪرڻ رَي ݾارُو مسالا۔ 7 پُوجاريون رَي ݾردار رَي واسڪوٽَي، سينَي بند ۾ لگاوڻ رَي ݾارُو سُليموني پٿر ھانَ ھيرا موتي۔ 8 او مھارَي ݾارُو ھيڪ پويتر تنٻُو ٺاوَي ڪہ ھُون اُوئون رَي بِچ ۾ رون۔ 9 اُوئي تنٻُو ھانَ اُوئي رَي ݾجَي سيمون رو نمُونو جڪو ھُون ٿنَي بتائين، تُو ھُوبھُو اُوئي جھڙو ٺائي۔“وچن رِي ݾنڏُوڪ ٺاوڻ رو حُڪم
10 پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو مِنکون نَي ڪَي او ٻَٻڙ رِي لڪڙِي رِي ھيڪ ݾنڏُوڪ ٺاوَي، جڪو پوڻا چار ڦُٽ ڏيگھِي، ݾَوا ٻي ڦُٽ ويڪرِي ھانَ ݾَوا ٻي ڦُٽ اُونچِي ھووَي۔ 11 تُو اُوئي رَي اَندر ھانَ ٻاھر نِج ݾونَ لگائي ھانَ اُوئي ماٿَي چوڌاري ݾونَي را ڪِنارا ٺائي۔ 12 پَڇي ݾنڏُوڪ کڻڻ رَي ݾارُو ݾونَي را چار ڪڙا گھڙي ھانَ اُوئي رَي چارون پاگون ۾ لگائي، ٻي ڪڙا ھيڪَي پاݾَي ھانَ ٻي ٻيجَي پاݾَي ھووَي۔ 13 پَڇي ٻَٻڙ رِي لڪڙِي را ٻي ڏنڊا ٺائي ھانَ اُوئون تي ݾونو چاڙھي۔ 14 اَي ڏنڊا ݾنڏُوڪ رَي ٻيئون پاݾون رَي ڪڙون ۾ گھاتي ڪہ اُوئي ݾون ݾنڏُوڪ کڻيجَي۔ 15 او ڏنڊا ݾنڏُوڪ رَي ڪڙون ۾ لاگوڙا رَي ھانَ او ڪڏي ڀِي ڌار نِي ڪريا۔ 16 پَڇي تُو پٿر رَي ٻيئي تڪتَي جڪون تي ھُون آپرا حُڪم لِکي ٿنَي ڏئين، تُو او وچن رِي ݾنڏُوڪ ۾ راکي۔
17 تُو ݾنڏُوڪ نَي ڍڪڻ رَي ݾارُو ايوَزَي رو ڍڪ ٺائي جڪو نِج ݾونَي رو ھووَي، جڪَي رِي لونٻائي پوڻا چار ڦُٽ ھانَ ويڪرائِي ݾَوا ٻي ڦُٽ ھووَي۔ 18 اُوئي ڍڪ رَي ماٿَي ٻيئون ڪِنارون تي ھيڪ ھيڪ آڪاشِي مخلُوق ڪروبِي ݾونَي را گھڙي لگائي۔ 19 ھيڪ ڪروبِي ھيڪَي پاݾَي ھانَ ٻيجو ڪروبِي ٻيجَي پاݾَي۔ تُو ڍڪ ھانَ ٻي ڪروبِي ھيڪَي ٽُڪڙَي ۾ ٺائي۔ 20 اُوئون ڪروبيون رَي پونکَي اھڙَي نمُونَي ماٿَي کُليوڙَي ھووَي جڪَي ݾون ڍڪ نَي آپرَي پونکيون ݾون ڍڪي ڇوڙَي ھانَ اُوئون را مونڏا اومھا ݾومھا ڍڪ ڏيݾا ھووَي۔ 21 تُو اُوئي ڍڪ نَي اُوئي ݾنڏُوڪ ماٿَي لگائي ھانَ او حُڪمون آݪَي تڪتَي جڪو ھُون ٿنَي ڏئين، او وچن رِي ݾنڏُوڪ ۾ راکي۔ 22 ھُون ݾنڏُوڪ رَي ڍڪ ماٿَي ھانَ ڪروبيون رَي بِچ ݾون ٿنَي درشن ڏيتو رئين ھانَ اُوئي ݾجَي حُڪمون رَي بارَي ۾ ٿَي ݾون باتون ڪرتو رئين، جڪو ھُون اِسرائيلي قوم رَي ݾارُو ٿنَي ڏئين۔“
دون رَي ٻاٽيون رو ٽيبل ٺاوڻ رو حُڪم
23 پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو تين ڦُٽ لونٻو، ڏوڍ ڦُٽ ويڪرو ھانَ ݾَوا ٻي ڦُٽ اُونچو، ٻَٻڙ رِي لڪڙِي رو ھيڪ ٽيبل ٺائي۔ 24 پَڇي اُوئي تي نِج ݾونو چاڙھي ھانَ اُوئي رَي چوڌاري ݾونَي را ڪِنارا ٺائي۔ 25 اُوئي رَي چوڌاري تين اِنچ ويڪرِي ھيڪ ڪُونگرِي ٺائي ھانَ اُوئي ڪُونگرِي رَي چوڌاري ݾونَي را ڪِنارا ٺائي۔ 26 ٽيبل رَي ݾارُو ݾونَي را چار ڪڙا ٺائي ھانَ او چارون پاگون ماٿَي لگائي۔ 27 او ڪڙا ڪُونگرون رَي پاݾَي ۾ ھووَي ڪہ ٽيبل نَي کڻڻ رَي ݾارُو ڏنڊا لگاوڻ رِي جگھا ھووَي۔ 28 تُو ٻَٻڙ رِي لڪڙِي را ڏنڊا ٺائي ھانَ اُوئون ماٿَي ݾونو چاڙھي ڪہ ٽيبل کڻيجَي۔ 29 تُو ٽيبل تي راکڻ رَي ݾارُو نِج ݾونَي را ٿاݪ، ٿاݪَي، جَگ ھانَ پيالا ٺائي۔ 30 اُوئي ٽيبل ماٿَي مھارَي نون ڪيئوڙَي ٻاٽَي ھميشا راکيوڙَي ھووَي۔“
ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي ٺاوڻ رو حُڪم
31 پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو نِج ݾونَي ݾون ڏِيئا راکڻ آݪِي ھيڪ شئي ٺائي۔ اُوئي را پاگا، ڏنڊَي، گُل، پونَ، گئونچ ھانَ ڏِيئو، اَي ݾجائِي گھڙي ݾونَي رَي ھيڪَي ٽُڪڙَي را ٺائي۔ 32 اُوئي ݾون ڇَي ڏنڊَي ٻاھرلَي پاݾَي نڪرتَي ھووَي، تين ھيڪَي پاݾَي ھانَ تين ٻيجَي پاݾَي۔ 33 ھر ھيڪ ڏنڊِي ۾ بادوم رَي گُلون جھڙَي تين پيالَي، ھيڪ گئونچ ھانَ ھيڪ گُل ھووَي۔ 34 اُوئي را پاگا يعني بِچ آݪِي ڏنڊِي تي ڀِي بادوم رَي گُلون جھڙا چار پيالا، چار گئونچ ھانَ چار گُل ھووَي۔ 35 ٻيئون پاݾون رَي ھر ھيڪ ٻيجِي ڏنڊِي ھيٺا ھيڪ گئونچ ھووَي۔ 36 يعني گئونچ، ٽاݪَي، پاگا ھانَ ݾجو سيمون نِج ݾونَي رَي ھيڪَي ٽُڪڙَي ݾون گھڙي ٺاھيو جاوَي۔ 37 پَڇي تُو ݾات ڏِيئا ٺائي ڏِيئون آݪِي جگھا تي راکي۔ اَي ڏِيئا ٻاݪيا جاوَي ڪہ اُوئون رو اُجاݪو ݾومھو ھووَي۔ 38 ڏِيئي رِي باٽ ڪترڻ آݪِي ڪترڻِي ھانَ اُوئي رِي راک ڀيڙِي ڪرڻ آݪو ٺيڪر نِج ݾونَي رو ھووَي۔ 39 ڏِيئو راکڻ آݪِي ھانَ ݾجو سيمون چوٽِي ݾير نِج ݾونَي رو ٺاھيوڙا ھووَي۔ 40 خيال راکي، تُو اَي ݾجَي شيون ھُوبھُو اھڙَي ٺائي جھڙَي مھَي ٿنَي جبل تي بتائَي ھَي۔“