پويتر تنٻُو ٺاوڻ آݪا ڪاريگر
31
پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ‏2 ”ڌھيون ڏي ݾُڻ، مھَي يھُودا رَي قبيلَي ۾ اُورِي رو ڏيڪرو ھانَ حُور رَي پوترَي بضلي ايل نَي چُونڊيو ھَي۔ ‏3 مھَي اُوئي نَي پويتر آتما رِي ڀرپُوري، ݾمجھ، عِلم ھانَ ھر نمُونَي رِي ڪاريگرِي ڏينِي ھَي ‏4 ڪہ او ݾونَي، چوندِي ھانَ پيتل رَي شيون ݾُٺِي ڪاريگرِي ݾون ٺاوَي۔ ‏5 او ھيرا موتي مڙھڻ رَي ݾارُو گھڙَي ھانَ لڪڙِي رو ڪوم ڪاريگرِي ݾون ڪرَي۔ ‏6 ڌھيون ڏي ݾُڻ، مھَي دان رَي قبيلَي ۾ اخيسمڪ رَي ڏيڪرَي اھلياب نَي اُوئي ڀيڙو ڪوم ڪرڻ رَي ݾارُو چُونڊيو ھَي۔ مھَي ݾجون رَي ھاٿ ۾ ڪاريگرِي ڏينِي ھَي ڪہ او ݾجَي شيون ٺائي ݾگھَي، جڪون رو مھَي ٿنَي حُڪم ڏينو ھَي۔ ‏7 يعني پويتر تنٻُو، وچن رِي ݾنڏُوڪ، اُوئي رو ڍڪ ھانَ تنٻُو رو ݾجو سيمون، ‏8 ٽيبل ھانَ اُوئي را ٺيڪر، نِج ݾونَي رِي ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي ھانَ اُوئي را ݾجائِي ٺيڪر، ڌُوپ ڪرڻ رِي جگھا، ‏9 ٻاݪڻ آݪَي ٻَليدون رِي جگھا ھانَ اُوئي را ݾجائِي ٺيڪر، ھودِي ھانَ اُوئي رِي ڪُرسِي، ‏10 ڀرت ڀريوڙا گاڀا، ھارُون پُوجاري را پويتر گاڀا ھانَ اُوئي رَي ڏيڪرون را گاڀا ڪہ او پُوجاري ھوئڻ رو ڪوم ڪرَي۔ ‏11 پويتر ڪرڻ رو تيل ھانَ پويتر تنٻُو ۾ ڌُوپ ڪرڻ رَي ݾارُو مسالا۔ اَي ݾجائِي اِيئوج ٺائي، جون مھَي ٿنَي حُڪم ڏينو ھَي۔“
پرميشوَر رو پويتر ڏِن
‏12 پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ‏13 ”تُو اِسرائيلي قوم نَي اَي ڀِي ڪئي ڪہ ٿي مھارو پويتر ڏِن ضرُور منيا، اَي مھارَي ھانَ ٿونرَي بِچ ۾ پيڙھِي ݾون پيڙھِي توڻي ھيڪ نِشون ھوشَي، جڪَي ݾون ٿونَي خبر پڙشَي ڪہ ھُون ٿونَي پويتر ڪرڻ آݪو پرميشوَر ھون۔ ‏14 اِيئي رَي ڪري ٿي مھارو ڏِن ياد راکيا، ڪيونڪہ او ٿونرَي ݾارُو پويتر ڏِن ھَي۔ جڪو ڀِي اِيئي پويتر ڏِن رِي عِزت ڪونھي ڪرَي، تو او ضرُور ماريو جاوَي ھانَ جڪو اِيئي ڏِن تي ڪوم ڪرشَي، تو او آپرِي قوم ݾون ڪاڍيو جاشَي۔ ‏15 ٿي ڇَي ڏِن آپرو ڪوم ڪريا، پڻ ݾاتوون ڏِن خاص آروم رو ڏِن ھَي، جڪو مھَي پرميشوَر رو پويتر ڏِن ھَي۔ جڪو ڀِي مھارَي پويتر ڏِن تي ڪوم ڪرشَي، تو او ضرُور ماريو جاشَي۔ ‏16 اِيئي رَي ڪري اِسرائيلي قوم پويتر ڏِن نَي منَي ھانَ پيڙھِي ݾون پيڙھِي توڻي مھارَي اِيئي وچن نَي ھميشا ياد راکَي۔ ‏17 مھارَي ھانَ اِسرائيلي قوم رَي بِچ ۾ اَي ھيڪ ھميشا رو نِشون ھوشَي، ڪيونڪہ مھَي ڇَي ڏِنون ۾ آڪاش ھانَ ڌرتي ٺاھيا ھانَ ݾاتوين ڏِن ووندو ھويو ھتو۔“
‏18 جڏي ايشوَر سينا جبل تي مُوسيٰ ݾون باتون ڪري ھئو ڪيئو، تو اُوئي مُوسيٰ نَي وچن رَي ٻي تڪتَي ڏينَي، جڪو پٿر رَي ٺھيوڙَي ھتَي ھانَ اُوئون تي ايشوَر آپرَي ھاٿون ݾون حُڪم لِکيا ھتا۔