بابل شھر رِي بربادي
18
اِيئي ݾون پَڇي مھَي ھيڪ ٻيجو فريشتو آڪاش ݾون ھيٺو اُترتو ڏيٺو۔ اُوئي نَي تموم گھڻو اِختيار ڏينوڙو ھتو ھانَ اُوئي رِي مھما ݾون ݾجِي ڌرتي چمڪدار ھوئي گئِي۔ ‏2 اُوئي زور ݾون ڪھيو ڪہ،
”برباد ھوئي گيو، موٽو شھر بابل برباد ھوئي گيو۔
ھمَي او شيطون ھانَ ڀُوتون رو گھر ھوئي گيو ھَي
ھانَ اُوئي ۾ ھر نمُونَي را پليت ھانَ بُڇڙا پکي رَي ھَي۔
‏3 ڪيونڪہ تموم گھڻَي قومون آݪا
اُوئي رِي زنا رِي شراب ݾون مَست ھويا ھَي۔
ڌرتي رَي بادشاھون اُوئي ݾون زنا ڪيئو
ھانَ دُنيا را واپاري اُوئي رِي عياشِي رِي ݾِڪ رَي ڪري اَمير ھويا ھَي۔“
‏4 پَڇي مھَي آڪاش ݾون ھيڪ ٻيجو آواز ݾُڻيو ڪہ،
”اي مھارِي قوم آݪون، اُوئي ݾون نڪري آئو،
ڪہ ٿي اُوئي رَي پاپون ۾ شامل نِي ھوئو
ھانَ اُوئي رَي آفتون ٿون ماٿَي نِي آوَي۔
‏5 ڪيونڪہ اُوئي را پاپ آڪاش توڻي پُگا ھَي،
ھانَ ايشوَر اُوئي را بُڇڙا ڪوم ياد ڪرَي ھَي۔
‏6 اُوئي ݾون اوج سلُوڪ ڪرو
جھڙَي نمُونَي اُوئي ٿون ݾون ڪيئو ھَي۔
اُوئي جڪو ڪئين ڪيئو
اِيئي رَي بدلَي اُوئي نَي ٻيڻو ڀري ڏيئو۔
جڪو شراب اُوئي ٻيجون نَي پياڙڻ رَي ݾارُو تيار ڪِي ھَي
اُوئي رو ٻيڻو ڀري اُوئي نَي ڏيئو۔
‏7 جِترو اُوئي آپرو آپنَي مونَ ڏينو ھانَ عياشِي ڪِي
اُوئي نَي اِتروج ڏُک ڏيئو ھانَ پريشون ڪرو
ڪيونڪہ او آپرَي من ۾ ڪَي ھَي ڪہ،
’ھُون تخت تي روڻِي ھوئي ٻيٺِي ھون
ھُون رونڏٻير ڪونھي ھون
ھانَ نَڪو ڪڏي ھُون ماتم ڪرون۔‘
‏8 اِيئي رَي ڪري ھيڪَي ڏِن ۾ اُوئي نَي آفتون رو مُقابلو ڪرڻو پڙشَي۔
موت، ماتم ھانَ ڏُڪاݪ آشَي
ھانَ اُوئي نَي باݾڏي ݾون ٻاݪي ڇوڙشَي
ڪيونڪہ پرميشوَر طاقت آݪو ايشوَر جڪو اُوئي رِي عدالت ڪرَي ھَي۔“
‏9 ڌرتي را بادشاھ جڪون اُوئي ݾون زنا ھانَ عياشِي ڪِي ھَي اُوئي رَي ٻَݪڻ رو ڌُونئو ڏيکي اُوئي تي روشَي ھانَ ماتم ڪرشَي۔ ‏10 اُوئي رَي عذاب رَي ٻِي ݾون اݪگا اُڀي ڪشَي ڪہ،
”اَفسوس، اي موٽا ھانَ مضبُوط شھر بابل،
اَفسوس ھَي ٿَي تي، ٿنَي تموم گھڻِي ڇيڪِي سزا ملشَي۔“
‏11 دُنيا را واپاري اُوئي شھر نَي ڏيکي اُوئي تي روشَي ھانَ ماتم ڪرشَي ڪہ ھمَي اُوئون رو مال ڪو ڀِي ڪونھي لَي۔ ‏12 ھمَي ڪو ڀِي اُوئون رو ݾونو، چوندِي، ھيرا، موتي، قيمتي ݾُوتِي گاڀا، بيڱڻائي گاڀا، ريشمي گاڀا، راتا گاڀا، ھر نمُونَي رِي خُوشبو آݪِي لڪڙِي، ھاٿِي رَي ڏونتون رَي ٺاھيوڙَي شيون، قيمتي لڪڙِي، پيتل رو سيمون، لوھ رو ٺاھيوڙو سيمون، سنگ مَرمَر رو ٺاھيوڙو سيمون، ‏13 دالچينِي، مسالا، خُوشبو آݪو سيمون، عطر، لُوبون، انگُورون رو رس، زيتُون رو تيل، آٽو، ڪڻڪ، ڌڻ مال، رڍون، گھوڙا، گھوڙا گاڏا، غُلوم ھانَ ٻيجا اِنسون مول ڪونھي لَي۔ ‏14 پَڇي واپاري اُوئي شھر نَي ڏيکي ڪشَي ڪہ،
”جڪو ميوات ٿنَي پسند ھتِي
او ٿَي ݾون اݪگِي ھوئِي رِي۔
ٿارو ݾجو مونَ مرتبو ھانَ ڌن ختم ھوئي گيو ھَي،
او ٿنَي ڀڙي ڪڏي ڀِي ڪونھي ملَي۔“
‏15 او واپاري جڪو اُوئي شھر ۾ ڪاروبار ڪري ڌن آݪا ھويا ھتا او اَي بربادي ڏيکي ٻيئاجي جاشَي۔ او اݪگا اُڀي روشَي ھانَ ماتم ڪرشَي۔ ‏16 او ڪشَي ڪہ،
”اَفسوس ھَي ٿَي تي، اي موٽا شھر
تُو جڪو قيمتي ݾُوتِي گاڀا، بيڱڻائي گاڀا
ھانَ راتا گاڀا پيرتو ھانَ ݾونَي، ھيرون
ھانَ موتيون ݾون ݾينگاريوڙو ھتو،
‏17 ٿوڙِي دير ۾ اِيئي شھر رو ݾجو ڌن مال برباد ھوئي گيو۔“
ݾجائِي ٻيڙا ھلاوڻ آݪا، ݾجائِي مُسافر ھانَ ݾمُوندر ۾ ڪوم ڪرڻ آݪا اݪگا اُڀا ريشَي۔ ‏18 جڏي او اُوئي رَي ٻَݪڻ رو ڌُونئو ڏيکشَي، تو ماتم ڪرشَي ھانَ ڪشَي ڪہ،
”ڪو ڀِي شھر اِيئي موٽَي شھر جھڙو ڪونھي ھتو۔“
‏19 پَڇي او آپرَي ماٿَي ۾ مٽِي گھاتي روشَي۔ او ماتم ڪرشَي ھانَ رڙَي ڪري ڪشَي ڪہ،
”اَفسوس ھَي ٿَي تي،
او موٽا شھر جڪَي ݾون ݾجَي ٻيڙون را مالڪ اَمير ھويا ھتا
او شھر تموم گھڻو ڇيڪو برباد ھوئي گيو۔“
‏20 اي آڪاش تي ريوَڻ آݪون،
نيڪ مِنکون، سنتون ھانَ نبيون خُوشِي ملھائو
ڪيونڪہ ايشوَر اِنصاف ڪري اُوئي شھر ݾون ٿونرو بدلو ليئو ھَي۔
‏21 پَڇي ھيڪَي طاقت آݪَي فريشتَي موٽِي گھٽِي جھڙو ھيڪ پٿر کڻيو ھانَ ݾمُوندر ۾ اُڇلائي اَي ڪھيو ڪہ،
”موٽَي شھر بابل نَي ڀِي اِيئون برباد ڪيئو جاشَي
ھانَ اُوئي رو نِشون ڀِي ڪونھي بچَي۔
‏22 ھمَي ٿَي ۾ بربط ساز بجاوڻ آݪون،
گاوڻ بجاوڻ آݪون، بونݾلِي بجاوڻ آݪون، نَر ݾِينگو بجاوڻ آݪون،
اِيئون رو آواز ڀڙي ڪڏي ڀِي ݾُڻڻ ۾ ڪونھي آوَي۔
ڪَي ڀِي ڪوم رو ڪاريگر ٿَي ۾ ڪونھي رَي
ھانَ گھٽِي رو آواز ٿَي ۾ ڀڙي ڪڏي ڀِي ڪونھي ݾُڻيجَي۔
‏23 آج ݾون پَڇي ٿَي ۾ ڪڏي ڀِي ڏِيئا ڪونھي ٻَݪي،
ٿَي ۾ لاڏَي ھانَ لاڏِي رو آواز ڪڏي ڀِي ڪونھي ݾُڻيجَي
ڪيونڪہ ٿارا واپاري دُنيا ۾ ݾجون ݾون وڌيڪ شاھُوڪار ھتا
ھانَ ٿارَي جادُو ݾون ݾجَي قومون گُھمراھ ھوئَي ھتَي۔“
‏24 ايشوَر بابل شھر نَي اِيئي رَي ڪري برباد ڪيئو ڪيونڪہ اُوئي نبيون ھانَ نيڪ مِنکون نَي ماريا ھتا ھانَ ڌرتي ماٿَي اُوئون رو لوئِي بھايو ھتو۔