مشھُور ڀُونڏِي لُگائِي يعني بابل شھر
17
پَڇي ݾات فريشتون ۾ جڪون ڪڍي ݾات پيالا ھتا، اُوئون ۾ ھيڪ مھَي ڪڍي آيو ھانَ ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”آ، تو ھُون ٿنَي اُوئي مشھُور ڀُونڏِي لُگائِي رِي سزا بتائُون جڪو دريائون رَي ڪپ تي ٻيٺِي ھَي۔ 2 ڌرتي رَي بادشاھون اُوئي ݾون زنا ڪيئو ھانَ ڌرتي تي ريوَڻ آݪا اُوئي رَي زنا رِي شراب ݾون مَست ھويا۔“3 پَڇي او فريشتو مھنَي پويتر آتما رِي طاقت ݾون رڻ پَٽ ۾ لي گيو۔ اوٿ مھَي ھيڪ لُگائِي ڏيٺِي جڪو راتَي جِنار تي ٻيٺوڙِي ھتِي۔ اُوئي جِنار رَي پُورَي ݾَرير تي ايشوَر رَي خلاف نون لِکيوڙا ھتا۔ اُوئي را ݾات ماٿا ھانَ ڏَݾ ݾِينگ ھتا۔ 4 اُوئي لُگائِي را بيڱڻائي ھانَ راتا گاڀا پيريوڙا ھتا ھانَ او ݾونَي، ھيرون ھانَ خاص موتيون ݾون ݾينگاريوڙِي ھتِي۔ اُوئي رَي ھاٿ ۾ ݾونَي رو ھيڪ پيالو ھتو جڪو اُوئي رَي بُڇڙَي ڪومون يعني اُوئي رَي زنا رَي ڪومون ݾون ڀريوڙو ھتو۔ 5 اُوئي رَي لِلاڙ تي نون لِکيوڙو ھتو جڪو ھيڪ ڀيد ھَي، ”موٽو شھر بابل، ڀُونڏِي لُگائِي ھانَ ڌرتي ماٿَي بُڇڙائي رِي ما۔“ 6 مھَي ڏيٺو ڪہ او لُگائِي ايشوَر رَي مِنکون ھانَ پرڀُو يسُوع رَي گواھون رو لوئِي پيئي مَست ھوئِي ھتِي۔ اُوئي نَي جوئي ھُون تموم گھڻو حيرون ھويو۔
7 پَڇي اُوئي فريشتَي مھنَي ڪھيو ڪہ، ”تُو حيرون ڪيئون ھَي؟ ھُون ٿنَي او لُگائِي جڪو اُوئي جِنار تي ݾَوار ھَي ھانَ او جِنار جڪَي را ݾات ماٿا ھانَ ڏَݾ ݾِينگ ھَي، اُوئون رو ڀيد ݾُڻائُون ھون۔ 8 جڪو جِنار ٿَي ڏيٺو ھتو، او پيل تو ھتو پڻ ھمَي ڪونھي ھووَي ڪيونڪہ او سزا رِي کڏ ݾون نڪري ھميشا رِي موت مرشَي۔ او مِنک جڪون را نون جگت رَي شرُوع ݾون زندگِي رَي ڪِتاب ۾ ڪونھي لِکيوڙا، اِيئي جِنار رو اَي حال جوئي حيرون ھوشَي، جڪو پيل ھتو ھانَ ھمَي ڪونھي پڻ ڀڙي آشَي۔
9 اَي بات ݾمجھڻ رَي ݾارُو عقل رِي ضرُورت ھَي۔ او جِنار جڪَي تي اَي لُگائِي ٻيٺوڙِي ھَي اِيئي رو مطلب ھَي بابل شھر را ݾات جبل ھانَ اُوئون را ݾات بادشاھ۔ 10 اِيئون بادشاھون ۾ پونچ مري گيا ھَي ھانَ ھيڪ جيتو ھَي پڻ ھيڪ اَڃون توڻي ڪونھي آيو۔ جڏي او آشَي، تو او ڪئينڪہ ٽيم توڻي بادشاھي ڪرشَي۔ 11 او جِنار جڪو پيل ھتو پڻ ھمَي ڪونھي ھَي، او آٺوون بادشاھ ھوشَي۔ او اُوئون ݾات بادشاھون ۾ ھوشَي۔ ايشوَر اِيئي نَي برباد ڪري ڇوڙشَي۔
12 جڪو ڏَݾ ݾِينگ ٿَي ڏيٺا ھتا او ڏَݾ بادشاھ ھَي۔ اَڃون توڻي اُوئون نَي بادشاھي ڪونھي مِلي پڻ اُوئون نَي جِنار ڀيڙو ٿوڙِي دير رَي ݾارُو بادشاھ ھوئڻ رو اِختيار ملشَي۔ 13 اُوئون ݾجون رو ھيڪ مقصد ھوشَي ھانَ او آپرو اِختيار ھانَ طاقت اُوئي جِنار نَي ڏيشَي۔ 14 او گھيٽَي ݾون جنگ ڪرشَي پڻ گھيٽو اُوئون نَي ھراشَي ڪيونڪہ او پرڀُوئون رو پرڀُو ھانَ بادشاھون رو بادشاھ ھَي۔ ايشوَر را اَڻايوڙا، چُونڊيوڙا ھانَ اُوئي را وفادار ڀِي اُوئون بادشاھون نَي ھرائي ڇوڙشَي۔“
15 اُوئي فريشتَي مھنَي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”دريا جڪون رَي ڪپ تي ٿَي ڀُونڏِي لُگائِي ٻيٺوڙِي ڏيٺِي ھتِي، او ذاتون، قومون، قبيلون ھانَ تموم گھڻَي ٻولَي ٻولڻ آݪا مِنک ھَي۔ 16 او جِنار ھانَ اُوئي را ڏَݾ ݾِينگ جڪو ٿَي ڏيٺا ھَي اُوئي ڀُونڏِي لُگائِي ݾون نفرت ڪرشَي۔ او اُوئي رو ݾجون ڪئين کوݾي اُوئي نَي اُگھاڙِي ڪرشَي۔ او اُوئي رو موݾ کاشَي ھانَ اُوئي نَي باݾڏي ۾ ٻاݪي ڇوڙشَي۔ 17 اَي خيال ايشوَر اُوئون بادشاھون رَي من ۾ گھاتيو ھَي ڪہ او ڀيڙا ھوئي اُوئي رو مقصد پُورو ڪرَي ھانَ جترِي توڻي ايشوَر رَي باتون پُورَي نِي ھووَي او آپرِي بادشاھي اُوئي جِنار نَي ڏي ڇوڙَي۔
18 جڪو لُگائِي ٿَي ڏيٺِي ھَي، اَي او موٽو شھر ھَي جڪو دُنيا رَي بادشاھون تي حڪُومت ڪرَي ھَي۔“