خاص آکرون رو مطلب
ايٿ اھڙَي ڏُکئي، نُوئَي ھانَ خاص آکرون رَي بارَي ۾ ݾمجھايوڙو ھَي جڪو پويتر شاستر ۾ اِستعمال ھويا ھَي۔ پڻ اِيئون آکرون رَي مطلب رَي بارَي ۾ پڙھڻ ھانَ ݾُڻڻ آݪون نَي ڪو ڀِي خبر ڪونھي۔ ايٿ اھڙَي آکرون رَي بارَي ۾ تفصيل ݾون ݾُڻايوڙو ھَي جڪون رو مطلب ݾمجھڻ ۾ مدد ملشَي۔
آدم: جڏي ايشوَر جگت ٺاھيو، تو اُوئي ݾجون ݾون پيل جڪَي مِنک نَي ٺاھيو، اُوئي رو نون آدم ھتو۔ (جوئو، لُوقا 38:3) ايشوَر آدم نَي مٽِي ݾون ھانَ آپرَي رُوپ تي ٺاھيو۔ اَي او آدم ھتو جڪَي رِي لُگائِي رو نون حوا ھتو۔ اَي ٻيئي ايشوَر رَي حُڪم تي ڪونھي بُوئا ھانَ پاپ ڪيئو۔ اُوئي ڏِن ݾون لي آج توڻي اِنسون پاپ ڪرتو رَي ھَي۔ پيلڪو آدم ݾجَي اِنسون ذات رو ڏاڏو ھَي ڪيونڪہ آپي ݾجائِي اُوئي رِي نسل ݾون ھون۔ ٻيجو آدم پرڀُو يسُوع ھَي ڪيونڪہ جڪو ڀِي اُوئي تي وِشواس راکَي ھَي، او اُوئون ݾجون نَي ايشوَر را ٻاݪ ھوئڻ رو حق ڏَي ھَي۔ (جوئو، يُوحنا 12:1 ھانَ رُوميون 12:5‏-15، 1-ڪِرنٿين 22:15‏، 45‏-47، 1-تيمٿيس 13:2‏-14 ھانَ يھُودا 14)
آڪاش رِي بادشاھي/ايشوَر رِي بادشاھي: نُوئَي وچن شاستر ۾ ايشوَر رِي بادشاھي ھانَ آڪاش رِي بادشاھي اِيئون ٻيئون رو مطلب ھيڪج ھَي۔ ايشوَر رِي بادشاھي اُوئي ٽيم ظاھر ھووَي ھَي جڏي مِنک ايشوَر رِي مرضِي تي بَي ھَي۔ (جوئو، لُوقا 20:17‏-21) پرڀُو يسُوع ايشوَر رِي مرضِي تي بَئي آپرِي موت ھانَ ڀڙي جيتو ھوئڻ رَي وسيلَي ايشوَر رِي بادشاھي ظاھر ڪِي۔ جڪو ڀِي پرڀُو يسُوع لاري بَي ھَي اوج اُوئي رِي بادشاھي ۾ شامل ھَي۔ ”ايشوَر رِي بادشاھي“ اِيئي رو اِشارو ݾُرگ ڏيݾا ھَي جيٿ ايشوَر رَي ھَي يعني ݾُرگ راج ھَي۔
آڪاشِي پِتا: اِيئي رو مطلب ھَي، ايشوَر جڪو آڪاش تي ھَي۔ نُوئَي وچن شاستر ۾ پرڀُو يسُوع، ايشوَر نَي آڪاشِي پِتا ڪھيو جڪَي ۾ او ايشوَر ݾون آپرو خاص واسطو ظاھر ڪرَي ھَي۔ پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکڻ آݪا ڀِي اِيئي واسطَي نَي ظاھر ڪرڻ رَي ݾارُو ايشوَر نَي آپرو آڪاشِي پِتا ڪَي ھَي، ڪيونڪہ پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي اَي ݾيکايو، جھڙَي نمُونَي متِي 9:6 ۾ ھَي ڪہ او ايشوَر نَي ”اي مھورا پِتا“ ڪري ھيلو ڪرَي۔
آمين: اَي عبراني ٻولي رو آکر ھَي، جڪَي رو مطلب ھَي ”اِيئوج ھووَي“ جون ”اِيئون ھوئي ݾگھَي ھَي۔“ اِيئي رو ترجمو ”واقعي“ جون ”بيشڪ“ ھوئي ݾگھَي ھَي۔ (جوئو، رُوميون 25:1، 5:9، 1-ڪِرنٿين 16:14 ھانَ 2-ڪِرنٿين 20:1) ”آمين“ مَسيح رَي ݾارُو ڀِي اِستعمال ھويوڙو ھَي ڪيونڪہ او ھيڪ ݾاچو مارگ ھَي۔ (جوئو، يُوحنا 14:6 ھانَ مُڪاشفو 14:3)
الفا ھانَ اُميگا: اَي يُوناني ٻولِي را آکر ھَي جڪَي رو مطلب ھَي شرُوع ھانَ آکر، يعني پرڀُو يسُوع شرُوع ݾون ھَي ھانَ آخر توڻي ريشَي۔ الفا، يُوناني پٽِي رو پيلڪو آکر ھَي ھانَ اُميگا يُوناني ٻولي رِي پٽِي رو آخري آکر ھَي۔ (جوئو، مُڪاشفو 1‏:8، 6:21 ھانَ 22‏:13)
ايشوَر رَي نون ڪيئوڙَي ٻاٽَي: اَي او ٻاٽَي ھتَي جڪو ايشوَر رَي گھر ۾ راکيوڙَي ھتَي جڪو رُگو ايشوَر را پُوجاري کائي ݾگھتا۔ ھر ھيڪ مِنک نَي اَي ٻاٽِي کاوڻ رِي اِجازت ڪونھي ھتِي۔
ايشوَر رو گھيٽو: پرڀُو يسُوع رو لقب، پرڀُو يسُوع نَي اِنسون را پاپ کڻڻ آݪو گھيٽو ڪھيو گيو ھَي۔ ايشوَر رو اَي گھيٽو پرڀُو يسُوع ھَي جڪو آپ ٻَليدون ھوئي آپڻا پاپ آپ ماٿَي لي آپون نَي پاپون ݾون مُگتي ڏي آزاد ڪرايا۔ يھُودي قوم آݪا فَسح رَي پَرٻ تي گھيٽَي رو ٻَليدون ڪرتا۔ يُوحنا رَي شاستر ۾ پرڀُو يسُوع نَي اُوئي ٽيم ݾُولِي تي چاڙھيو جڏي گھيٽَي نَي فَسح رَي پَرٻ رَي ݾارُو ايشوَر رَي گھر ۾ لي جاوتا۔ اِيئي نمُونَي پرڀُو يسُوع ٻَليدون ھويو ھانَ گھيٽَي رو ٻَليدون ڪرڻ ݾون ھر ھيڪ اِنسون ذات نَي ڇوڙائي آزاد ڪرايو، ھمَي ڪَي ڀِي ٻَليدون رِي ضرُورت ڪونھي۔ (جوئو، يُوحنا 29:1‏-36)
ايشوَر رو پُوجاري/ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار: عبراني ٻولي ۾ ايشوَر رَي پُوجاري نَي ”ڪاھن“ ڪَي ھَي۔ او پُوجاري جڪو ايشوَر رِي شيوا رو ڪوم ڪرتا۔ اَي شيواداري عبراني قوم ۾ لاوِي قبيلَي ݾون چُونڊيا جاوتا۔ شرُوع ۾ لاوِي قبيلَي رو ھر ھيڪ مِنک ايشوَر رو پُوجاري ھوتو۔ پَڇي اَي ضرُوري ڪونھي ھتو ڪہ اِيئون ھووَي۔ ايشوَر رو پُوجاري جڪو يھُودي قوم رَي پُوجاريون ۾ ݾجون ݾون موٽو پُوجاري ھانَ يھُودي ڌرمي پنچائيت رو ݾردار ڀِي ھوتو، او ݾال ۾ ھيڪ گُھمرو ايشوَر رَي گھر ۾ پويتر جگھا ۾ اِسرائيلي قوم رَي پاپون رَي ݾارُو ٻَليدون رو لوئِي لي جاوتو۔ (جوئو، عبرانيون 9‏:6‏-7 ھانَ 10‏:22-21)
ايشوَر را ٻاݪ: پويتر شاستر ۾ اَي نون ايشوَر رَي چُونڊيوڙَي مِنکون رَي ݾارُو اِستعمال ھويو ھَي او جڪو ايشوَر لاري بَي ھَي۔ جڪو ڀِي ايشوَر تي وِشواس راکَي ھَي، او ايشوَر رو ٻاݪ ھَي۔ پرڀُو يسُوع آپرَي مِنکون نَي ايشوَر را ٻاݪ ھوئڻ رو حق ڏينو۔ (جوئو، يُوحنا 12:1)
ايشوَر را حُڪم/ ڏَݾ حُڪم: او حُڪم جڪو ايشوَر آپرَي مِنکون نَي ڏينا ڪہ او اُوئي لاري بيتا رَي ھانَ اُوئي رِي مرضِي تي بَي ھانَ ايشوَر رو ڪيوَڻ ڪرَي۔ حُڪمون ۾ ايشوَر آپرا قانُون آپرِي چُونڊيوڙِي قوم نَي ڏينا جڪَي نَي اِسرائيلي قوم ڪَي ھَي۔ آج اَي حُڪم ھر ھيڪ مِنک تي ڀِي ھَي جڪو اُوئي لاري بَي ھَي۔ (جوئو، 1-يُوحنا 3‏:23 ھانَ خرُوج اَڌيا 20) حُڪمون رو مطلب ھَي، ايشوَر رو مِنکون نَي ݾيکاوڻ، رُگو ايشوَر رِي ڀگتي ڪرڻ، ايشوَر رِي بات منڻ ھانَ ايشوَر لاري بيوَڻ۔
ايشوَر رو ڏيڪرو: پرڀُو يسُوع رو خاص لقب ”ايشوَر رو ڏيڪرو“ ڀِي ھَي۔ ايشوَر پرڀُو يسُوع نَي آپرو ڏيڪرو ڪئي ھيلو ڪيئو ھانَ پرڀُو يسُوع ايشوَر نَي آپرو پِتا ڪَي ھَي۔ اِيئي لقب ݾون پرڀُو يسُوع رو ايشوَر ݾون خاص واسطو ڏيکيجَي ھَي۔ (جوئو، يُوحنا 16:3‏-17)
ايشوَر رو گھر/پويتر تنٻُو: ايٿ ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار مِنکون رَي پاپون رَي بدلَي ايشوَر آگھي ٻَليدون ڪرتو ھانَ اُوئي ٻَليدون رو لوئِي ”ݾجون ݾون پويتر جگھا“ ۾ ڇٽتو۔ اَي جگھا پيل تنٻُو رِي ٺاھيوڙِي ھتِي، پَڇي سُليمون بادشاھ اِيئي نَي پڪِي ٺڙائِي ھتِي، اِيئي نَي ”ھيڪل“ ڀِي ڪَي ھَي۔ اِسرائيلي قوم آݪا ھر ݾال پَرٻ ملھاوڻ رَي ݾارُو ايٿ آئي ڀيڙا ھوتا۔ (جوئو، سنتون را ڪوم 44:7‏)
ايشوَر رو نياپو: مِنکون رَي ݾارُو ايشوَر رِي بات جون خاص پيگوم جڪو ايشوَر اِنسون رَي ݾارُو آپرَي نبيون، ٻونھون، فريشتون جون ڪَي ڀِي نمُونَي ݾون اِنسون توڻي پُگاوڻ، جڪو ھيڪ خاص ايشوَر رو طريقو ھَي ھانَ ھتو ڪہ اِنسون توڻي اُوئي رِي بات جون نياپو پُگَي ھانَ ھر ھيڪ اِنسون، ايشوَر رِي بات ݾُڻَي ھانَ ݾمجَھي۔ (جوئو، مُڪاشفو 9:1)
ايشوَر/پرميشوَر: اِيئي نون رو مطلب ھَي جگت ٺاوڻ آݪو، ھر ھيڪ شئي جڪو جگت ۾ ھَي يعني بَڻ، گاݾ، ݾمُوندر، جيت جِنار، اِنسون، اِيئون ݾجون رو مالڪ ايشوَر ھَي۔ ھر ھيڪ ٻولِي آݪَي اِيئي نون رو ترجمو فرق فرق نون ݾون ڪيئو ھَي۔ اِيئي شاستر ۾ ”ايشوَر“ جون ”پرميشوَر“ آيوڙو ھَي ھانَ پويتر شاستر ۾ ايشوَر رَي ݾارُو فرق فرق نون آيا ھَي، جھڙَي نمُونَي ”پرڀُو“، ”پرميشوَر“، ”مالڪ“ ھانَ ”ھُون ھون۔“
انجيل: انجيل رو مطلب ھَي پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر جون خُوشخبرِي۔
انجير: متِي 18:21‏-22 ۾ اَي ھيڪَي بَڻ رو نون ھَي جڪو مُلڪ فلسطين ۾ ھَي۔ انجير رَي ڦل نَي ڀِي انجير ڪَي ھَي۔ اِيئي بَڻ رو ذِڪر ݾجون ݾون پيل پيدائيش 7:3 ۾ آيوڙو ھَي۔ پويتر شاستر ۾ اَي بَڻ امن ھانَ خُوشحالِي رو نِشون ھَي۔
انڌارو: پاپ، ايشوَر ݾون جُدائِي۔ ٻيجو مطلب رات آݪو انڌارو ڀِي ھَي ھانَ او جگھا جيٿ نرگ رِي کڏ جون جگھا ھَي۔
اَگووڻ: اَي پِروڻَي وچن شاستر ۾ ھيڪ لقب ھَي جڪو ڪَي قبيلَي، قوم جون شھر رَي خاص مِنک نَي اَگووڻ رو لقب ڏينو جاوتو۔ نُوئَي وچن شاستر ۾ تين فرق مِنکون نَي اَگووڻ ڪھيو گيو ھَي۔
(1) نُوئَي وچن شاستر ۾ يھُودي ڌرمي مِنک ڀِي اَگووڻ ھَي، جڪون ۾ ڪئين ڌرمي پنچائيت را ڀِي ميمبر ھتا۔ (جوئو، مرقس 53:14)
(2) سنتون را ڪوم 22:15 ۾ ھانَ خطون ۾ وِشواسي مَنڊلِي را خاص مِنک جڪون نَي اَگووڻ ڪھيوڙو ھَي، جڪون نَي وِشواسي مَنڊلِي رِي ݾنڀال ڪرڻ رِي ذميوارِي ڏينوڙِي ھتِي۔
(3) مُڪاشفو شاستر 4‏:4 ھانَ 16:11 ۾ چووِي اَگووڻ آڪاش تي ايشوَر رِي عدالت رو حِصو ھَي، آڪاش تي او ايشوَر رَي مِنکون را اَگووڻ ھَي۔
اَمر جيوَن: اِيئي رو مطلب ھَي، ھميشا رِي زندگِي، نِي مِٽڻ آݪِي زندگِي۔ جڪو ڀِي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکَي ھَي، اُوئون نَي اَمر جيوَن ملَي ھَي۔ (جوئو، يُوحنا 16:3)
اِسرائيل/ اِسرائيلي: اَي يعقُوب نبِي رو ٻيجو نون ھَي جڪو ايشوَر راکيو ھتو۔ اِيئي نون رو مطلب ھَي اِسرائيل رِي نسل آݪا جون اِسرائيلي قوم آݪا۔ آج اَي مُلڪ رو نون ڀِي ھَي۔ ”اِسرائيلي“ اِيئي رو مطلب ھَي اِسرائيلي قوم آݪا۔ پويتر شاستر ۾ اَي قوم ايشوَر رِي چُونڊيوڙِي ھانَ خاص قوم ھَي۔
اُجاݪو: اِيئي رو اِشارو پرڀُو يسُوع ڏيݾا ڪيئوڙو ھَي ڪيونڪہ او ھيڪ خاص مُگتي ڏيوَڻ آݪو اُجاݪو ھَي جڪو انڌارَي نَي ڌار ڪري اِنسون نَي مُگتي ڏَي ھَي۔ (جوئو، يُوحنا 12:8)
بارݾ: اھڙو مِنک جڪو آپرَي مالڪ جون آپرَي گھر رو خاص اَگووڻ ھووَي ھَي، او جڪو آپرَي ما ٻاپ جون مالڪ رَي مرڻ ݾون پَڇي مال ملڪيت ھانَ گھر رِي ھر ھيڪ شئي رو مالڪ ھووَي ھَي۔ اِيئي نَي وارث ڀِي ڪَي ھَي۔ (جوئو، لُوقا 14:20)
بعل ڏيوتا: ”بعل“ عبراني ٻولِي رو آکر ھَي جڪَي رو مطلب ھَي مالڪ، سائين۔ ڪنعان مُلڪ را مِنک آپرَي ڏيوتا رِي پُوجا رَي ݾارُو اُوئي ڏيوتا رَي نون ڀيڙو ”بعل“ نون لي ھيلو ڪرتا۔ جڏي اِسرائيلي قوم آݪا اوٿ گيا، تو اُوئون جيتَي ايشوَر رِي پُوجا ڪرڻ ڇوڙي ڏينِي ھانَ اُوئون ڏيوتائون رِي پُوجا ڪِي، جڪَي ݾون ايشوَر اُوئون تي تموم گھڻو ناراض ھويو۔ (جوئو، رُوميون 4:11)
بعل زبُول:اَي نون ڀُوتون رَي ݾردار رو نون ھتو۔ اِيئي ڏيوتا رِي پُوجا اُوئي زمونَي را تموم گھڻا مِنک ڪرتا۔ پرڀُو يسُوع ڀُوتون رَي ݾردار نَي شيطون ڪھيو ھَي۔ (جوئو، متِي 24:12‏-26)
بِنا کَمير ٻاٽِي: جڪَي ۾ کَمير مِلايوڙو نِي ھووَي يعني کَمير ݾون ٽاݪ۔ (جوئو، مرقس 12:14) وڌيڪ ݾمجھڻ رَي ݾارُو جوئو کَمير۔
بُڇڙو ڪوم: اھڙا ڪوم جڪَي ۾ زنا، پاپ، ڪِنا ڪوم، نافرمونِي ھانَ اھڙا ڏوھ جڪو ايشوَر رَي حُڪمون رَي خلاف ھووَي۔
ٻاݪڻ آݪو ٻَليدون: اھڙو چڙھائو جڪَي ۾ جِنار نَي پُورَي نمُونَي ٻاݪيو جاوتو، ٻيجَي ٻَليدون ۾ رُگو جِنارون را ڪئين حِصا ٻاݪيا جاوتا۔ اَي ھيڪ ٻَليدون ھَي جڪو ايشوَر رَي ݾارُو ڪيئو جاوتو، اِيئي نَي ٻيجَي ٻوليون ۾ ”سوختنِي قُربونِي“ ڀِي ڪَي ھَي۔
ٻَليدون: پِروڻَي وچن شاستر رَي زمونَي ۾ مِنک ايشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرتا۔ اِيئي ۾ ھيڪ ٻَليدون آپرَي پاپون رِي معافي رَي ݾارُو ڀِي ھوتو۔ پاپون رِي سزا موت ھَي، اِيئي رَي ڪري ھر ھيڪ آپرَي پاپون رِي معافي رَي ݾارُو ھر ݾال ھيڪ جِنار ليتو ھانَ او جِنار ايشوَر رَي پُوجاري نَي ڏيتو جڪو اُوئي رِي جگھا تي ٻَليدون ڪيئو جاوتو ھانَ اِيئي نمُونَي اُوئي نَي پاپون رِي معافي ملتِي۔ شريعت تي ھر ھيڪ شئي لوئِي ݾون پويتر ڪرتا ھانَ ايشوَر آگھي بِنا لوئِي معافي ڪونھي۔ (جوئو، عبرانيون 19:9-22) ھمَي جڏي پرڀُو يسُوع آيو رو، تو ھمَي ڪَي ڀِي ٻَليدون ڏيوَڻ رِي ضرُورت ڪونھي ڪيونڪہ او آپڻَي ݾارُو ھيڪ گُھمرو ٻَليدون ھويو رو۔
ٻَليدون رِي جگھا: يھُودي قوم را مِنک ايشوَر رَي ݾارُو تموم گھڻَي جِنارون جون پکيون رو ٻَليدون ڪرتا، جڪِي جگھا تي ٻَليدون ڪرتا اُوئي نَي مٽِي جون پٿر ݾون ٺاوتا۔ (جوئو، خرُوج 24:20‏-25) ايشوَر رَي گھر ۾ ھيڪ ٻَليدون رِي جگھا ھتِي جيٿ ايشوَر رو پُوجاري ايشوَر آگھي ٻَليدون ڪرتو۔ اَي ٻَليدون رِي جگھا اُونچِي ھانَ پيتل رِي ٺاھيوڙِي ھوتِي۔
ڀالو: اَي ھيڪ اھڙِي لوھ رِي ٺاھيوڙِي شيک جون ݾُونڀو ھتو جڪَي ݾون مِنکون نَي گُدا ھڻتا ھانَ گُدا ھڻي ماري ڇوڙتا۔ اُوئي زمونَي ۾ فوجيون پرڀُو يسُوع نَي ݾُولِي ماٿَي اُوئي رِي پاݾڙِي ۾ ڀالو ھڻي جويو ڪہ اَي جيتو ھَي جون مري گيو ھَي۔ اَي ھيڪ خاص ھٿيار ڀِي ھتو جڪو جنگ رَي ݾارُو ڀِي اِستعمال ھوتو۔ (جوئو، يُوحنا 34:19‏-37)
توريت شاستر: مُوسيٰ نبِي را لِکيوڙا پويتر شاستر را پيلڪا پونچ ڪِتاب۔
تنٻُوئون آݪو پَرٻ: يھُودي قوم را مِنک اَي پَرٻ لٻارو ڪرڻ رِي خُوشِي ۾ ملھاوتا، اِيئي پَرٻ نَي خيام پَرٻ ڀِي ڪَي ھَي۔ اِيئي ڏِن تي او آپرَي گھرون ݾون نڪري ٻاھر کُلي جگھا تي جائي تنٻُو جون ڇَپرا ٺاوتا ھانَ ݾات ڏِن اوٿ ريتا۔ (جوئو، احبار 33:23‏-39:36‏-43 ھانَ يُوحنا 7‏:2) اھڙَي نمُونَي او آپرَي ٻاپ ڏاڏون نَي ياد ڪرتا جڪو چاليھ ݾال رڻ پَٽ ۾ رھيا ھتا۔
توبھون: غلط ڪوم ڇوڙڻ، پاپ ڇوڙڻ، ڏوھ ڇوڙڻ، ايشوَر ڏيݾا آوڻ (جوئو، متِي 3‏:2) توبھون رو مطلب رُگو آپرا پاپ ڇوڙڻ ڪونھي پڻ آپرو آپنَي بدلاوڻ ڪہ آگھي او ڪو ڀِي پاپ ڪونھي ڪرَي۔ پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا توبھون ڪرڻ رَي بارَي ۾ پرچار ڪيئو ھتو۔
تلوار:تلوار را تموم گھڻا مطلب ھوئي ݾگھَي، پڻ شاستر ۾ ٻيئون نمُونون رِي تلوار رو ذِڪر ھَي، (جوئو، يُوحنا 10:18‏-11) ھيڪ او تلوار جڪو ھٿيار، بچائو ھانَ چوڪِي رَي ݾارُو اِستعمال ھوئِي ھَي۔ ٻيجِي او تلوار جڪَي رو مطلب ھَي ايشوَر رَي باتون، ايشوَر رو شُٻڌ، ايشوَر رو شاستر۔ (جوئو، اِفسيون 17:6 ھانَ عبرانيون 12:4)
پويتر شاستر: ”پِروڻو وچن شاستر“ ھانَ ”نُوئو وچن شاستر“ جڏي اَي ٻيئي ڀيڙا ھَي يعني ٻيئي ھيڪَي جُلد ھانَ ھيڪَي حِصَي ۾ ڇاپيوڙا ھَي، تو اُوئي نَي پويتر شاستر ڪھيو جاوَي ھَي۔ جي اَي ٻيئي ڌار ڌار ڇاپيوڙا ھَي، تو اُوئون نَي آپرَي ڌار ڌار نون ݾون اوݪکيا ھانَ ڪھيا جاوَي ھَي۔ پويتر شاستر ۾ ٽوٽل 66 ڪِتاب يعني شاستر ھَي۔
پرڀُو: اِيئي رو مطلب ھَي ”مالڪ“ جون ”ݾجون ݾون موٽو۔“ تموم گھڻون ترجمون ۾ خُداوند ڪيئوڙو ھَي۔ مارواڙي ۾ اَي لقب يسُوع مَسيح رَي ݾارُو اِستعمال ھويوڙو ھَي۔
پرڀُو رو ڏِن: ايشوَر رِي عدالت رو ڏِن جڪَي ۾ اُوئي فيصلو ڪيئو ھَي ڪہ اُوئي رو پيارو ڏيڪرو پرڀُو يسُوع آشَي ھانَ ھر ھيڪ قوم قبيلو اُوئي آگھي حاضر ڪيئو جاشَي ھانَ اُوئون رو فيصلو ڪرشَي۔ اِيئي ڏِن نَي پرڀُو يسُوع رو مھما آݪو ڏِن ڀِي ڪھيوڙو ھَي جڪَي ۾ پرڀُو يسُوع ݾُرگ ڇوڙي ڀڙي پاڇو ڌرتي تي آشَي ھانَ ھر ھيڪ جڪو اُوئي تي وِشواس راکَي ھَي، اُوئون نَي آپ ڀيڙا ݾُرگ تي لي جاشَي۔ (جوئو، 2-پطرس 10:3‏-13)
پينتيڪوست رو پَرٻ: پينتيڪوست رو مطلب ھَي ”پنجاھ۔“ يھُودي قوم را مِنک ھر ݾال فَسح رَي پَرٻ ݾون پنجاھ ڏِنون ݾون پَڇي پينتيڪوست رو پَرٻ ملھاوتا۔ موٽِي بات اَي ھَي ڪہ پينتيڪوست رَي ڏِن تي وِشواسيون نَي پويتر آتما ڀِي مِليو جڪَي رو واعدو پرڀُو يسُوع آپرَي منڻ آݪون ݾون ڪيئو ھتو۔ (جوئو، سنتون را ڪوم 1:2‏-4)
پرچار: ايشوَر رَي باتون ٻيجون نَي ݾُڻاوڻ، پڙھو ڏيوَڻ، ݾماچار پُگاوڻ، پويتر شاستر رَي باتون ݾُڻاوڻ۔ پرڀُو يسُوع ڀِي پرچار ڪرتو ھانَ اُوئي را چيلا ڀِي پرچار رو ڪوم ڪرتا رھيا۔
پرچو: اِيئي نَي ٻيجَي ٻوليون ۾ معجزو جون چمتڪار ڀِي ڪَي ھَي۔ پرڀُو يسُوع تموم گھڻا پرچا بتايا يعني اُوئي اونڌون نَي اونکَي ھانَ مُوئوڙون نَي جيتا ڪيئا۔ پرچَي رو مطلب ھَي اھڙا ڪوم جڪو رُگو ايشوَر ڪري ݾگھَي جون رُگو اُوئي تي وِشواس راکڻ آݪا ڪري ݾگھَي ھَي۔
پويتر آتما:اَي ايشوَر رِي آتما ھَي جڪَي رَي وسيلَي اَي ظاھر ھووَي ھَي ڪہ او موٽو قُدرت آݪو ھانَ مھما ݾون ڀريجوڙو ھَي۔ پويتر آتما رَي وسيلَي ايشوَر آپرِي قُدرت مِنکون ۾ ظاھر ڪرَي ھَي ھانَ مدد ڪرَي ھَي۔ پرڀُو يسُوع رِي زندگِي ۾ ھر ھيڪ ڪوم پويتر آتما ݾون ھويو۔ پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون رِي مدد رَي ݾارُو پويتر آتما رو واعدو ڪيئو ھتو۔ (جوئو، يُوحنا 16:14‏-17) پرڀُو يسُوع رَي ݾُرگ تي جاوڻ ݾون پَڇي چيلون نَي پويتر آتما مِليو جڪَي ݾون اُوئون نَي ھِمت ھانَ طاقت ملِي۔ آج اَي پويتر آتما ھر ھيڪ وِشواسي ڀيڙو رَي ھَي ھانَ مدد ڪرَي ھَي۔ جڪو ڀِي آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪري پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکشَي، تو اُوئي نَي پويتر آتما اِنوم ۾ ملشَي۔ (جوئو، سنتون را ڪوم 1:2‏-4)
پويتر ڏِن: اَي ھيڪ آروم رو خاص ڏِن ھَي، اِيئي ڏِن نَي سبت رو ڏِن ڀِي ڪَي ھَي۔ پيدائيش 2:2‏-3 ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ، ”ايشوَر ݾاتوين ڏِن نَي برڪت ڏينِي ھانَ اُوئي نَي پويتر ڏِن ڪھيو ڪيونڪہ اُوئي ڏِن او آپرَي ݾجَي ڪوم ݾون ووندو ھويو ھتو۔“ ايشوَر اِيئي ڏِن رَي بارَي ۾ حُڪم ڏينو ڪہ ٿي ڇَي ڏِن ڪوم ڪريا، پڻ ݾاتوين ڏِن ڪو ڀِي ڪوم نِي ڪريا ڪيونڪہ اَي ايشوَر رو پويتر ڏِن ھَي۔ (جوئو، خرُوج 8:20‏-11)
پويتر سِنون: يُوناني ٻولي ۾ اِيئي نَي ”بيپٽيزو“ ڪَي ھَي ھانَ ٻيجَي ٻوليون ۾ يُوناني آݪِي ڪار ”بپتسمو“ ڪھيو جاوَي ھَي۔ بپتسمَي رو مطلب ھَي پوڻي ۾ ٽُٻِي ڏيوَڻ، گوطو لگاوڻ۔
اَي پرڀُو يسُوع رو خاص حُڪم ھَي ڪہ جڪو ڀِي اُوئي تي وِشواس راکَي، او پِتا، پُتر ھانَ پويتر آتما رَي نون ݾون پويتر سِنون لَي۔ جھڙَي نمُونَي متِي 18:28‏-19 ۾ پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي پويتر سِنون ڏيوَڻ رو حُڪم ڏينو ھتو۔
جِبرائيل: ايشوَر رو خاص فريشتو جڪو ايشوَر رَي درٻار ۾ اُڀو رَي۔ ايشوَر رو نياپو مِنکون توڻي پُگاوڻ آݪو۔ (جوئو، لُوقا 19:1-28)
جَٽا ماسِي: اَي ھيڪَي نمُونَي رو جَڙِي ٻُوٽو ھَي، اِيئي رِي پاݪ ݾون تيل ڪاڍيجَي ھَي۔ اِيئي رو تيل خُوشبو رَي ݾارُو اِستعمال ھووَي ھَي۔ جَٽا ماسِي رو عطر مريم نون رِي لُگائِي پرڀُو يسُوع رَي پگون تي لگايو ھتو۔ (جوئو، يُوحنا 3:12)
جَئي پرڀُو رِي: اِيئي رو مطلب ھَي پرڀُو يسُوع رِي بکوڻ ھووَي جون پرڀُو يسُوع رِي جَئي جَئي ڪار۔ اَي ھيڪ وِشواسي ڀايون ھانَ ٻينون رِي کيکر باجِي ھَي يعني ھيڪَي نمُونَي رو سلوم جون نمسڪار ھَي۔ (جوئو، سنتون را ڪوم 23:15) جَئي پرڀُو رِي وِشواسي مِنک آپرا خط لِکتي بِݪا ھيڪَي ٻيجَي نَي لِکَي ھَي، جون اِيئي شاستر رَي تموم گھڻَي خطون ۾ سنت پولُوس ھانَ ٻيجا سنت وِشواسي ڀايون ھانَ ٻينون نَي خط لِکي اُوئون ݾون بات ڪري ڪَي ھَي ڪہ، ”ٿون ݾجون نَي مھورَي طرفون جَئي پرڀُو رِي۔“
چڙھائو: ھيڪَي نمُونَي رو ٻَليدون۔ ڪَي جِنار، پکي، جون ڪَي ٻيجِي شئي رو ٻَليدون۔ چڙھائو ڪرڻ ۾ چار باتون جون شرطون ھوتَي۔ (1) اَي چڙھائو ھيڪَي مِنک رَي ݾارُو ھوتو نِي ڪہ ݾجِي قوم جون خاندان رَي ݾارُو۔ (2) اَي چڙھائو رُگو ايشوَر رو پُوجاري ڪري ݾگھتو۔ (3) اِيئي چڙھاوَي ۾ پکي جون جِنار باڍي اُوئي رو لوئِي ٻَليدون رَي ݾارُو ڏينو جاوتو۔ (4) اَي چڙھائو ايشوَر رَي ݾارُو ڪيئو جاوتو۔ پڻ ڀُوتون جون ٻيجَي ڪَي آتمائون رَي ݾارُو ڪونھي ھتو۔ (جوئو، لُوقا 24:2)
چيلو: اھڙو مِنک جڪو آپرَي گُرو لاري بَي ھانَ ݾيکَي ھَي۔ نُوئَي وچن شاستر ۾ اَي لقب پرڀُو يسُوع رَي ٻارھَي خاص چيلون يعني سنتون رَي ݾارُو اِستعمال ھويوڙو ھَي۔ پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا لاري بيوَڻ آݪون نِي ڀِي چيلا ڪيتا۔ (جوئو، لُوقا 18:7‏-28)
حوا: جڏي ايشوَر جگت ٺاھيو، تو ايشوَر آدم رِي پاݾڙِي ݾون ھيڪ لُگائِي ٺائِي جڪَي رو نون حوا ھتو۔ ”حوا“ رو مطلب ھَي، ”زندگِي۔“ (جوئو، پيدائيش 20:3، 1-ڪِرنٿين 12:11‏ ھانَ 1-تيمٿيس 2‏:13)
خُوشِي رِي خبر: ڪئينڪہ ترجمون ۾ اِيئي رو مطلب ھَي ”خُوشخبرِي“ جون ”انجيل۔“ اِيئي رو مطلب او خُوشِي رِي خبر ھَي جڪو پرڀُو يسُوع رِي زندگِي، پرچار، پرچا، اُوئي رِي موت ھانَ ڀڙي جِي اُٺڻ رَي بارَي ۾ ھَي۔ متِي رو شاستر، مرقس رو شاستر، لُوقا رو شاستر ھانَ يُوحنا رو شاستر، اَي چارئي شاستر پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ تموم گھڻو ڪئين تفصيل ھانَ ترتيب ݾون خُوشِي رِي خبر رو مقصد ھانَ تفصيل ݾُڻاوَي ھَي۔ جھڙَي نمُونَي مرقس 15:16 ۾ ھَي ڪہ پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي ݾجِي دُنيا ۾ جائو ھانَ ݾجَي قومون ۾ مھارَي نون رِي خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪرو۔“ (جوئو، 1-ڪِرنٿين 3:15‏-4)
خاص پٿر:اِيئي رو اِشارو پرڀُو يسُوع ڏيݾا ڪيئوڙو ھَي۔ اِيئي رو مطلب او خاص پٿر ھانَ ايشوَر رَي گھر يعني ݾُرگ رو مالڪ پرڀُو يسُوع ھَي۔ (جوئو، اِفسيون 20:2)
دون:او رقم جون پَشا جڪو ايشوَر رَي ڪوم ھانَ پرچار رَي ݾارُو ڏينا جاوتا، سنتون رَي ڪوم رَي شاستر ۾ وِشواسي مَنڊلِي آݪا دون ڏي ھيڪَي ٻيجَي رِي مدد ڪرتا ڪہ پرڀُو يسُوع رَي پرچار رو ڪوم آگھي بڌتو رَي ھانَ اَي خُوشِي ݾون ڏينو جاوتو، نِي ڪہ لاچاري ݾون۔
دُنيا: مارواڙي ٻولي ۾ ”دُنيا“ را تين مطلب ھَي۔ 1۔ تموم گھڻا مِنک 2۔ جگت 3۔ مال ملڪيت۔ ”دُنيا“ نَي ݾمجھڻ رَي ݾارُو بات ڪرتِي بِݪا جون لِکيوڙَي متن نَي پڙھڻ ݾون خبر پڙشَي ڪہ اوٿ ڪيرَي بارَي ۾ بات ھووَي پڙِي، پَڇي ݾمجھ لاگشَي ڪہ اَي بات ڪيرَي بارَي ۾ ھَي۔
ڌرمي گُرو: يھُودي قوم رَي ڌرمي قانُون يعني شريعت را ماھر، ڌرمي گُرو، اُستاد۔ اِيئون نَي ”فقِي“ ڀِي ڪيتا۔ ڌرمي گُرو يھُودي قوم آݪون نَي ڌرمي قانُون رِي تعليم ڏيتا ھانَ ݾيکاوتا، ڪيونڪہ اِيئون نَي شريعت رِي خبر ھتِي۔
ڌراڙ: اَي پرڀُو يسُوع رو خاص لقب ھَي جڪَي رو مطلب ھَي ݾنڀال ڪرڻ آݪو۔ اھڙو ڌراڙ جڪو آپرَي رڍون يعني آپرَي مِنکون رِي صحيح نمُونَي ݾنڀال ڪرَي۔ پرڀُو يسُوع آپرَي سنتون، پرچار ڪرڻ آݪون ھانَ ھر ھيڪ جڪو اُوئي رِي گواھِي ٻيجون نَي ݾُڻاوَي ھَي اُوئون نَي ڀِي ڌراڙ ڪھيو ھَي۔ پرڀُو يسُوع آپرَي رڍون رَي ݾارُو آپرِي جان ڏي ݾُٺَي ڌراڙ رو ثبُوت ڏينو ھَي۔ (جوئو، يُوحنا 11:10‏-21)
ڌن: برڪت آݪو، او جڪَي نَي ايشوَر برڪت ڏينِي ھَي۔
ڏھون حِصو: اِيئي رو ذِڪر پِروڻَي وچن شاستر ۾ آيوڙو ھَي۔ اِيئي رو مطلب ھَي آپرِي ڪمائي، مزُورِي، پوک، ڪاروبار جون آپرَي پگھار ۾، ايشوَر رَي ݾارُو جون ايشوَر رَي ڪوم رَي ݾارُو ڪئين ڏيوَڻ۔ اُوئي زمونَي را مِنک ڏھون حِصو ايشوَر رَي گھر ۾ لي آوتا۔
ڏيڙِي: سنڌي ٻولِي ۾ اِيئي نَي ساندار ھانَ اُردو ۾ اِيئي نَي مشڪ ڪَي ھَي۔ ڏيڙِي چوٻڙَي رِي ٺاھيوڙِي ھووَي ھَي جڪو پوڻي ٺاڍو ڪرڻ رَي ݾارُو ھووَي ھَي۔ (جوئو، متِي 17:9، مرقس 22:2 ھانَ لُوقا 37:5)
ڍال: پِروڻَي زمونَي ۾ جڏي فوجي جنگ ڪرتا، تو او دُشمن رَي بچا رَي ݾارُو ھيڪَي نمُونَي رِي لوھ رِي ٺاھيوڙِي گول شئي آپ ڀيڙِي ليتا جڪَي ݾون او ھر نمُونَي رَي تيرون ڀالون ݾون بچي ݾگھتا۔ اَي ھيڪ اھڙِي لوھ رِي ڍال ھتِي جڪَي ݾون ڪو ڀِي نُقصون ڪونھي ھوتو۔ اِيئي ۾ نَڪو تير اَثر ڪرتو ھانَ نَڪو تو گولِي۔ شاستر ۾ ايشوَر رو شُٻڌ، ايشوَر رو پويتر آتما، پرڀُو يسُوع لاري بيوَڻ ھانَ اُوئي را حُڪم منڻ، ھروز پراٿنا ڪرڻ، اَي ݾجائي وِشواسيون رَي ݾارُو ايشوَر رِي ڍال ھَي۔ (جوئو، اِفسيون 16:6)
روزو:آپرِي آتمڪ ترقي ھانَ ڌرمي ڪوم رَي ݾارُو آپرو آپنَي ٿوڙِي دير رَي ݾارُو ايشوَر رَي حوالي ڪرڻ، کاڌَي بِنا ريوَڻ ھانَ خراب باتون ھانَ ڪومون ݾون پرھيز ڪرڻ۔ پويتر شاستر ۾ تموم گھڻَي مِنکون ايشوَر ݾون ميلاپ ھانَ توبھون رَي ݾارُو روزا راکيا، (جوئو، يُونا اَڌيا 3) پرڀُو يسُوع ڀِي روزا راکي ھيڪ ݾُٺو نمُونو ڏينو۔ (جوئو، متِي 2:4 ھانَ متِي 16:6‏-18) پرڀُو يسُوع اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”جڏي ٿي روزو راکو، تو ٺَگ مِنکون آݪِي ڪار نِي ڪرو۔۔۔“
زبُور: اَي پِروڻَي وچن شاستر رَي ھيڪَي ڪِتاب رو نون ھَي جڪَي نَي زبُور شاستر ڪَي ھَي۔ اِيئي نَي مزمُور، ڀجن جون گيت ڀِي ڪَي ھَي۔ زبُور شاستر نَي دائُود نبِي رو شاستر جون ڀجن شاستر ڀِي ڪَي ھَي۔ اَي ھيڪ آتمڪ شاعرِي ھَي جڪَي ۾ ھيڪ ݾئو پنجاھ زبُور ھَي۔
زُوفا: اَي ھيڪ خُوشبو آݪو بَڻ ھَي۔ اَي بَڻ ڦُودنَي جھڙو ھووَي ھَي۔ اِيئي رَي ٽاݪَي ݾِڌَي ھووَي ھَي ھانَ آڇا گُليا لاگَي ھَي۔ اِيئي را پونَ ھانَ ٽاݪَي پوڻي نَي چُوسي ختم ڪرَي ھَي۔ پويتر شاستر ۾ اِيئي نَي آپنَي جون گھرون نَي پويتر ڪرڻ رَي ݾارُو اِستعمال ڪرتا۔ (جوئو، خرُوج 22:12، يُوحنا 29:19 ھانَ عبرانيون 9‏:19)
ݾاجَي ھاٿ:طاقت ھانَ اِختيار رو نِشون۔ ݾاجَي ھاٿ ٻيݾڻ جون ھوئڻ، اِيئي رو مطلب ھَي ڪہ اُوئي ڪڍي اِختيار، طاقت ھانَ قُدرت ھَي۔ (جوئو، رُوميون 8‏:34 ھانَ 1-پطرس 3‏:22)
ݾُرگ: اھڙِي جگھا جيٿ ايشوَر رَي ھَي يعني ايشوَر رِي درٻار، فِردوس جون ڦُوٽرو باگ۔ جڪو ڀِي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکَي ھَي، پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون ݾُرگ ۾ لي جاوڻ رو واعدو ڪيئو ھَي۔ (جوئو، يُوحنا 1:14‏-4، لُوقا 43:23 ھانَ مُڪاشفو 7:2)
ݾُولِي: پِروڻَي زمونَي ۾ ݾُولِي لڪڙ ݾون ٺاوتا۔ ٻي لڪڙَي آپت ۾ مِلاوڻ ݾون پَڇي او جمع جون ضرب جھڙو نِشون ھوئي جاوتو۔ اِيئي نَي صليب ڀِي ڪَي ھَي۔ پاپي جون ڏوھي مِنک نَي ݾُولِي ماٿَي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ٽونگي ڇوڙتا، ݾُولِي ماٿَي مِنک ڏُک ھانَ ݾُورون ݾون مري جاوتو۔ اَي ھيڪ بي عِزتي، لعنتِي ھانَ موت آݪِي سزا ھتِي۔ پرڀُو يسُوع آپڻَي ڏوھون ھانَ پاپون رَي ڪري ݾُولِي ماٿَي چاڙھيو گيو ھانَ پَڇي او جِي اُٺيو۔ (جوئو، متِي 19:27‏:26)
سنت: ”سنت“ رو مطلب ھَي ميليوڙو، اَڻايوڙو، چُونڊيوڙو جون اھڙو مِنک جڪَي نَي ڌرمي باتون ݾُڻاوڻ ھانَ ݾيکاوڻ رو اِختيار ھَي۔ سنت او ھَي جڪَي نَي ايشوَر جون پويتر آتما چُونڊَي۔ جڪو ڀِي پرڀُو يسُوع رو پرچار ڪرَي ھَي، او اُوئي رو سنت ھَي جڪَي نَي اُوئي چُونڊيو ھَي۔ ٻيجَي ٻوليون ۾ سنت نَي رسُول ڀِي ڪھيو جاوَي ھَي۔ پرڀُو يسُوع آپرا ٻارھَي خاص چيلا چُونڊيا جڪون نَي اُوئي سنت رو لقب ڏينو۔ (جوئو، متِي 2:10، مرقس 14:3، لُوقا 13:6 ھانَ اِفسيون 11:4) اَي سنت پرڀُو يسُوع ڀيڙا رھيا ھانَ اُوئي ݾون ݾيکيا۔ اُوئون آپرَي اونکيون ݾون پرڀُو يسُوع رو مرڻ ھانَ تيجَي ڏِن جِي اُٺڻ ڏيٺو۔ آڪاش ماٿَي جاوتي بِݪا پرڀُو يسُوع آپرَي سنتون نَي ميليا ڪہ جائو ھانَ ݾجَي قومون ۾ خُوشِي رِي خبر رو پرچار ڪرو ھانَ جڪو وِشواس راکشَي، اُوئي نَي اَمر جيوَن ملشَي۔
سامري: پرڀُو يسُوع رَي زمونَي ۾ جڪو مِنک سامريا علائقَي ۾ ريتا، اُوئون نَي سامري ڪيتا۔ سامريا علائقو اِسرائيل مُلڪ رَي ٻيئون صُوبون يعني يھُوديا ھانَ گليل رَي بِچ ۾ ھتو۔ سياست، نسل، ريت رواجون ھانَ ڌرم رَي فرق فرق باتون رَي ڪري يھُودي قوم آݪا سامري علائقَي رَي مِنکون ݾون نفرت ڪرتا۔ پڻ پرڀُو يسُوع اِيئي نفرت نَي ختم ڪري ھيڪ نُوئو پريم بتايو۔ (جوئو، يُوحنا 1:4‏-42)
سزا رِي کڏ: نرگ رِي جگھا، باݾڏي رِي جگھا، زمين ھيٺا اُونڏِي کڏ جيٿ ڀُونڏَي آتمائون نَي اُوئون رَي آخري سزا توڻي قيد ۾ راکئَي جاوَي ھَي۔ (جوئو، مُڪاشفو 8:17 ھانَ 3:20)
شريعت: ”شريعت“ رو مطلب ھَي ايشوَر را ڏينوڙا حُڪم۔ ”شريعت“ او ھَي جڪَي نَي يھُودي قوم آݪون پِروڻَي وچن شاستر رَي پيلڪَي پونچ ڪِتابون نَي شريعت رو نون ڏينو۔ اِيئي نَي ”پويتر ڪِتاب“، ”شريعت“ جون ”مُوسيٰ را لِکيوڙا ڪِتاب“ ڀِي ڪھيو جاوَي ھَي۔ ڪڏي ڪڏي اَي نون پُورَي پويتر شاستر ۾ وچن رَي ݾارُو ڀِي آيوڙو ھَي۔ (جوئو، خرُوج 12:24، متِي 5‏:17‏-18 ھانَ گِلتيون 16:2)
شُٻڌ: پرميشوَر رَي باتون، ايشوَر را ٻول، ايشوَر رَي موڏَي آݪا آکر، لِکيوڙَي ايشوَر رَي باتون جڪو شاستر ۾ ھَي۔ ايشوَر رَي شاستر نَي ڀِي شُٻڌ ڪھيو جاوَي ھَي۔ (جوئو، يُوحنا 1‏:1‏-4 ھانَ ڪُلسيون 3‏:16)
شيواداري:شيواداري او ھَي جڪو شيوا رو ڪوم ڪرَي ھَي جون ڪرڻ آݪو ھَي۔ شيواداري رو مطلب ھَي نِنئي ݾون نِنيو، ٻونھو، غُلوم جون مددگار۔ شيواداري فرق فرق ھووَي ھَي۔ پويتر شاستر ۾ اُوئي شيواداري رَي بارَي ۾ ذِڪر ھَي جڪو پرڀُو پرميشوَر رِي شيوا رو ڪوم ڪرَي ھَي، بيشڪ او لُگائِي ھووَي، آڏمي، اَمير ھووَي، غريب جون غُلوم، اِيئون ݾجون نَي ايشوَر آپرِي شيوا رَي ݾارُو اَڻايا ھَي۔ پرڀُو يسُوع را تموم گھڻا شيواداري ھتا جڪَي ۾ اُوئي را چيلا ھانَ پَڇي پرڀُو يسُوع رو ݾُرگ تي جاوڻ ݾون پَڇي اُوئي را تموم گھڻا شيواداري ھويا جڪو آج پُورِي دُنيا ۾ اُوئي رَي نون رو پرچار ڪرَي پڙيا، جڪَي ۾ آپي ڀِي شامل ھون۔ (جوئو، خرُوج 15:40 ھانَ لُوقا 26:22‏-27)
شيطون:ايشوَر رَي خلاف ڪوم ڪرڻ آݪو، ايشوَر رو مُقابلو ڪرڻ آݪو، ايشوَر رَي مِنکون نَي ڀُلاوڻ آݪو، مِنکون نَي ايشوَر رَي مارگ ݾون ڦيرائي آپرَي خراب مارگ تي ھلاوڻ آݪو۔ اِيئي را تموم گھڻا رُوپ ھَي جڪَي ۾ ناگ رو رُوپ، فريشتَي رو رُوپ، ڪَي ڀِي نمُونَي رو رُوپ جڪَي ۾ اِنسون اُوئي رَي دوکَي ۾ آئي اُوئي لاري بيوَڻ آݪا ھوئي جاوَي۔ شاستر ڪَي ھَي ڪہ اَي ڪُوڙو ھَي ھانَ ڪُوڙون رو ٻاپ ھَي۔ (جوئو، يُوحنا 44:8) اِيئي نَي اِبليس، دُنيا رو ݾردار ھانَ بعل زبُول ڀِي ڪھيو گيو ھَي۔ آپڻِي ٻولِي ۾ اِيئي نَي ڪيتوڻَي ۾ ڪھيو جاوَي ھَي ڪہ،”اَي ݾِينگون آݪو ھَي۔“ جڪَي رو مطلب ھَي ڪہ اَي مِنکون نَي ھانَ خاندانون نَي ڀيٽَي ھڻي برباد ڪري ڇوڙَي ھَي ھانَ اُوئون نَي گُھمراھ ڪرَي ھَي۔
صدُوقي: اَي ھيڪ ڌرمي پَنٿ ھتو جڪو يھُوديون ݾون ھتو۔ اِيئي پَنٿ ۾ تموم گھڻا پُوجاري ھوتا جڪون رو وِشواس شريعت تي ھتو۔ اِيئون رو پَنٿ فريسي پَنٿ ݾون فرق ھتو۔ صدُوقي پَنٿ آݪا رُگو مُوسيٰ رِي شريعت تي بيتا ھانَ فريسي پَنٿ آݪِي ڪار ٻيجَي ڌرمي ريتون رواجون تي ڪونھي بيتا۔ صدُوقيون رو وِشواس ھتو ڪہ مُوئوڙا ڪڏي ڀِي جيتا ڪونھي ھووَي۔ (جوئو، سنتون را ڪوم 6:23‏-8)
طُومار: پِروڻَي زمونَي ۾ لِکڻ آݪا ڪاگڏ ڪِتابون جھڙا ڪونھي ھتا جھڙا آج ھَي، پڻ اُوئي زمونَي را مِنک چوٻڙَي جون پپائرس رَي بَڻون رَي ڇوڏون نَي ڪُوٽي اُوئي ݾون چادر ٺاوتا ھانَ پَڇي اُوئي تي لِکتا۔ طُومار او ھَي جڪو گول نمُونَي بيڙھيوڙو ھيڪَي نمُونَي رو ڪاگڏ ھووَي ھَي۔ (جوئو، 2-تيمٿيس 13:4 ھانَ مُڪاشفو 5-6)
عبراني: اَي ھيڪ قوم ھَي جڪو مُلڪ فلسطين ۾ رَي ھَي۔ اِيئي قوم رِي ٻولِي نَي ڀِي عبراني ٻولِي ڪَي ھَي۔ (جوئو، سنتون را ڪوم 14:26) پِروڻو وچن شاستر ڀِي اَصل عبراني ٻولي ۾ لِکيوڙو ھَي۔
عجيب ڪوم: اھڙا ڪوم، پرچا جون اھڙِي قُدرت جڪو ڪَي اِنسون ݾون نا، پڻ ايشوَر رَي طرفون ھووَي۔ اَي قُدرت پرڀُو يسُوع ڪڍي ھتِي جڪَي ݾون اُوئي اونڌون نَي اونکَي ڏينَي، مُوئوڙا جيتا ڪيئا ھانَ اُوئي پوٺَي ۾ پونچ ھزار مِنکون نَي ٻاٽِي کݪائي ڍئو ڪرايو۔ (جوئو، متِي 15:21 ھانَ سنتون را ڪوم 2‏:22)
عِمانُوايل: اَي نون پرڀُو يسُوع رَي ݾارُو اِستعمال ھويو ھَي يعني اَي ھيڪ پرڀُو يسُوع رو خاص لقب ھَي۔ اِيئي نون رو مطلب ھَي ”ايشوَر آپون ڀيڙو ھَي۔“ (جوئو، متِي 23:1)
غير ٻولِي:اھڙِي ٻولِي جڪو ڌارِي ھَي جون آپرَي قبيلَي جون قوم رِي ڪونھي۔ اِيئي نَي غير ٻولِي ڀِي ڪھيو جاوَي ھَي۔ نُوئَي وچن شاستر ۾ اَي ھيڪ اھڙِي ٻولِي ھَي جڪَي رَي ٻولڻ ݾون وِشواسي مَنڊلِي رِي ترقي، ݾُڻڻ آݪون رِي ترقي ھانَ وِشواسي ڀايون ٻينون رِي ترقي رَي ݾارُو ٻولِي جاوَي ھَي۔ اَي ٻولِي ٻولڻ رِي طاقت ايشوَر رَي پويتر آتما رَي وسيلَي مُمڪن ھَي۔ اَي اھڙِي ٻولِي ھَي جڪَي رَي ٻولڻ ݾون ݾُڻڻ آݪو ݾمجَھي ھَي ڪہ اَي مھارِي ٻولِي ھَي۔ (جوئو، سنتون را ڪوم اَڌيا 2) اِيئي نمُونَي ايشوَر آپرو ڪوم غير ٻولِي رِي نعمت ڏي ڪَي ݾون ڀِي ھانَ ڪڏي ڀِي ڪرائي ݾگھَي ھَي جڪو اُوئي رَي ميليوڙَي مُگتي داتا پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکَي ھَي۔ (جوئو، 1-ڪِرنٿين 1:14-28)
فريسي:پرڀُو يسُوع رَي زمونَي ۾ اَي ھيڪ يھُوديون رو ڌرمي پَنٿ ھتو۔ اِيئون نَي ايشوَر رِي شريعت رِي خبر ھتِي ھانَ اَي مِنکون نَي ݾيکاوتا ڪہ او ايشوَر رَي حُڪمون تي بَي، پڻ او آپ اُوئون باتون ماٿَي ڪونھي بيتا ھانَ آپنَي ٻيجون ݾون وڌيڪ ݾمجھتا۔ (جوئو، متِي 2:23‏-7) فريسي پَنٿ آݪا اھڙَي ريتون ݾيکاوتا جڪو توريت شاستر ۾ ڪونھي ھتَي۔ اَي آپرو آپنَي ٻيجون ݾون وڌيڪ ݾمجھتا۔
فرعُون: مِصر مُلڪ رَي بادشاھ نَي فرعُون ڪيتا۔ مِصر مُلڪ رو ھر ھيڪ بادشاھ فرعُون ھوتو ھانَ اَي ھيڪ لقب ھتو۔ (جوئو، سنتون را ڪوم 10:7، رُوميون 17:9 ھانَ عبرانيون 24:11)
فَسح رو پَرٻ: اَي ڏِن يھُودي قوم رَي ݾارُو ھيڪ موٽو پَرٻ رو ڏِن ھتو، ڪيونڪہ ايشوَر اُوئون رَي ٻاپ ڏاڏون نَي مِصر مُلڪ رِي غُلومي ݾون آزاد ڪرايا ھانَ اُوئون نَي آپرَي واعدَي ڪيئوڙَي مُلڪ ۾ آباد ڪيئا ھتا۔ اِيئي رِي خُوشِي ۾ يھُودي قوم آݪا ھر ݾال فَسح رو پَرٻ ڪري ملھاوَي ھَي۔ (جوئو، خرُوج 1:12‏-14 لُوقا 7:22 ھانَ يُوحنا 55:11)
قيامت: او ڏِن جڪَي ڏِن تي پرڀُو يسُوع ھر قبيلَي جون اِنسون رو فيصلو ڪري اِنصاف ڪرشَي۔ جڪون ڀلا ڪوم ڪيئا ھوشَي، تو اُوئون نَي اُوئي ڏِن ݾُرگ ۾ لي جاشَي ھانَ جڪون بُڇڙا ڪوم ڪيئا ھوشَي، تو اُوئون نَي نرگ ۾ نوکشَي۔ اِيئي ڏِن نَي حِساب ڪِتاب رو ڏِن ڀِي ڪَي ھَي۔
ڪامل: ”ڪامل“ رو مطلب ھَي پُورو، مُڪمل، ڪو ڀِي ڪَمِي جون گھٽتائِي رو نِي ھوئڻ۔ اھڙو مِنک جون ھستِي جڪَي ۾ ڪو ڀِي پاپ جون نُڪس نِي ھووَي يعني او جڪو پويتر ھَي۔ پرڀُو يسُوع ڪامل ھَي، اِنسون ڪڏي ڀِي ڪامل ڪونھي۔ جڪو ڀِي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکَي ھَي، تو او پويتر آتما رِي مدد ھانَ ايشوَر رِي ڪِرپا ݾون ڪامل ھوئي ݾگھَي ھَي۔ (جوئو، متِي 5‏:48 ھانَ ڪُلسيون 28:1)
ڪروبِي: يعني آڪاشِي مخلُوق۔ (جوئو، پيدائيش 24:3 ھانَ عبرانيون 5:9) اھڙو پونکيون آݪو آڪاشِي مخلُوق جڪو ايشوَر رَي تخت، اُوئي رَي رَٿ ھانَ وچن رِي ݾنڏُوڪ ماٿَي ھووَي۔ (جوئو، خرُوج 25 ھانَ 37 اَڌيا)
ڪُوڙو نبِي: ڪُوڙو پرچار ڪرڻ آݪو، ايشوَر رَي خلاف ڪُوڙِي تعليم ڏيوَڻ آݪو، شيطون رو چيلو۔ اَي او مِنک ھوشَي جون ھَي جڪو آپرَي ڪُوڙَي پرچار ݾون مِنکون نَي ݾِڌَي مارگ تي بيوَڻ ڪونھي ڏَي۔ اھڙا ڪُوڙا پرچا بتاشَي جڪَي ݾون مِنک ڦِري جاشَي ھانَ ايشوَر را اِنڪاري ھوئي جاشَي۔ (جوئو، مُڪاشفو 20:19) او ڪُوڙو نبِي جڪو ڪَي ڪہ ھُون ايشوَر رو پرچار ڪرون ھون پڻ حقيقت ۾ او باتون ايشوَر رَي طرفون ڪونھي ھوتَي۔ (جوئو، متِي 11:24‏-24) پرڀُو يسُوع ھر ھيڪ نَي اھڙَي مِنکون ݾون ھوشيار ڪيئا ھَي۔
ڪوڙھ: اَي ھيڪَي نمُونَي رِي خراب بيمارِي ھتِي ھانَ ھَي جڪَي ݾون مِنکون رِي چوٻڙِي خراب ھووَي ھَي۔ اِيئي بيمارِي نَي چَم رِي بيمارِي ڀِي ڪھيو جاوَي ھَي۔ اِيئي بيمارِي ݾون ݾجو ڏيل گَڙي ھَي ھانَ ڏيل تي آڇا پيݪا داگ نڪرَي ھَي۔ پِروڻَي زمونَي ۾ اِيئي بيمارِي رو ڪو ڀِي علاج ڪونھي ھتو۔ اَي بيمارِي ھيڪَي ݾون ٻيجَي نَي لاگتِي۔ مُوسيٰ نبِي رَي ڏينوڙَي حُڪمون تي اھڙِي بيمارِي آݪو مِنک پليت ھتو۔ اھڙو مِنک گون، شھر ھانَ مِنکون ݾون ٻاھر ريتو ھانَ اَي خاص حُڪم ھتو ڪہ ٻيجا اِيئي ݾون پليت ھوئي نِي جاوَي۔ (جوئو، متِي 8‏:1‏-4، مرقس 1‏:40 ھانَ لُوقا 5‏:12‏-16)
کَتنو: اَي خاص رسم ھتِي جڪَي رو حُڪم ايشوَر اڀراھيم نبِي نَي ڏينو ھتو۔ اَي اِسرائيلي قوم ھانَ ايشوَر رَي بِچ ۾ وچن رو خاص نِشون ھتو ڪہ اِسرائيلي قوم رَي ڇوڪرون را کَتنا ڪيئا جاوَي، جڏي او آٺون ڏِنون را ھووَي۔ (جوئو، پيدائيش 9:17‏-14)
کَمير: ”کَمير“ ميٺِي ݾوڍا جھڙِي ھووَي ھَي۔ اَي اھڙِي شئي ھَي جڪو ڊبل روٽيون ھانَ آٽَي ۾ مِلاوڻ ݾون آٽو اُڀڻي گھڻو ھوئي جاوَي ھَي۔ يھُودي قوم آݪا گھڻو ڪري کَمير مِلايوڙِي ٻاٽِي کاوتا۔ ڪڏي ڪڏي بِنا کَمير آݪِي ٻاٽِي ڀِي کاوتا۔ جوئو، بِنا کَمير۔
پرڀُو يسُوع ھيڪَي ٻيجَي کَمير رَي بارَي ۾ ھيڪ مِثال ڏي ݾمجھايو ڪہ ھيڪ اھڙو کَمير ڀِي ھَي جڪو اِنسون نَي پليت ھانَ خراب ھَي اُوئي ݾون بچڻ کپَي۔ (جوئو، متِي 33:13، 6:16) اھڙَي کَمير رو مطلب ھَي پليت جون ڀُونڏَي باتون جڪو اِنسون رَي من ݾون نڪرَي ھَي۔
گَبتا: عبراني ٻولِي رو آکر جڪَي رو مطلب ھَي پٿر آݪو فرش۔ (جوئو، يُوحنا 13:19)
گُلگُتا: اَي ارامي ٻولِي رو آکر ھَي جڪَي رو مطلب ھَي ”کوپڙِي۔“ اَي ھيڪ جگھا ھتِي۔ گُلگُتا رَي بارَي ۾ تفصيل ڪونھي ڏينوڙِي پڻ اِيئي رَي بارَي ۾ عام خيال اَي ھَي ڪہ جون تو اَي جگھا کوپڙِي آݪِي ڪار ھتِي جون اِيئي جگھا تي تموم گھڻَي کوپڙَي پڙئَي ھتَي۔ (جوئو، متِي 33:27)
گُھمراھ: اِيئي رو مطلب ھَي ڪينَي برگلاوڻ، مارگ ݾون ھٽاوڻ، وِشواس خراب ڪرڻ، صحيح مارگ ݾون ھٽائي غلط مارگ تي لي جاوڻ۔ پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ،” تموم گھڻا ڪُوڙا مِنک آشَي ھانَ او ٿونَي صحيح مارگ ݾون گُھمرا ڪرشَي۔“ (جوئو، متِي 24 اَڌيا)
گُھمرا: اِيئي رو مطلب ھَي دفعا، ٽيم جون ڪِترا۔ مِثال گھڻا گُھمرا گيو، گھڻا گُھمرا آيو۔
لاوِي: اِسرائيلي قوم ݾون لاوِي قبيلَي رو ڪو ھيڪ مِنک۔ اھڙو مِنک جڪَي ڌرمي ڪوم پُورا ڪرڻ رَي ݾارُو ايشوَر رَي پُوجاريون رِي مدد ڪِي ھووَي۔ (جوئو، خرُوج 2‏:1 ھانَ عبرانيون 5:7‏-23) لاوِي يعقُوب نبِي رَي ٻارھون ڏيڪرون ۾ ھيڪ ڏيڪرو ھتو، اِيئي رَي قبيلَي نَي لاوِي ڪَي ھَي۔
لنگر:وزنِي ھانَ ڀارِي شئي جڪَي ݾون موٽا موٽا ٻيڙا اُڀاڙڻ رَي ݾارُو اِستعمال ڪيئو جاوَي ھَي۔ اَي ڀارِي شئي لوھ ݾون ٺاھيوڙِي ھووَي ھَي۔ اَي ݾونڪڙ ݾون ٻيڙَي ݾون ٻاڌوڙِي ھووَي ھَي۔ جڏي ٻيڙَي نَي اُڀاڙڻ رَي ݾارُو ݾونڪڙ ݾون ٻاڌوڙِي وزنِي شئي يعني لنگر نَي پوڻي ۾ نوکَي ھَي، تو او ڀارِي شئي ݾمُوندر جون دريا رَي تݪَي ۾ جاوَي ھَي ھانَ مٽِي ۾ ڦاݾي جاوَي ھَي، جڪَي ݾون ٻيڙو اُڀي رَي ھَي۔ (جوئو، سنتون را ڪوم 13:27‏-40 ھانَ عبرانيون 19:6)
لُوبون: ھيڪَي نمُونَي رِي خُوشبو ڪرڻ رَي ݾارُو خُوشبو ڪرڻ آݪِي شئي، اِيئي شئي نَي باݾڏي ۾ گھاتڻ ݾون پَڇي خُوشبو ھووَي ھَي۔ اِسرائيلي قوم را مِنک اِيئي نَي ايشوَر رِي ڀگتي رَي ݾارُو اِستعمال ڪرتا۔ جڏي پرڀُو يسُوع جنم ليئو، تو نجُومي پرڀُو يسُوع نَي ڀيٽا ڏيوَڻ رَي ݾارُو لُوبون لي آيا ھتا۔ (جوئو، خرُوج 34:30، متِي 2‏:11 ھانَ مُڪاشفو 5‏:8)
مُڪاشفو: مُڪاشفَي رو مطلب ھَي ايشوَر رو ڀيد جڪو ايشوَر آپ رُوبرو، ݾپنَي ۾، درشن جون کولي ڪَي مِنک نَي ݾُڻايو ھووَي۔ ايشوَر آپرا ݾُرگ را ڀيد آپرَي سنت يُوحنا نَي درشن رَي وسيلَي ݾُڻايا۔ مُڪاشفَي رو اَي ڀِي مطلب ھَي ڪہ ايشوَر رَي طرفون ݾُڻايوڙَي خاص باتون جڪو کولي بتايوڙَي ھووَي، يعني آڪاش ۾ ايشوَر رو تخت، ايشوَر رِي بادشاھي، اِنسون ذات رَي ݾارُو ايشوَر رو آڪاشِي منصُوبو ھانَ ٻيجَي اھڙَي باتون جڪو ايشوَر رَي طرفون ھووَي جڪو ݾُرگ ۾ ھَي، جڪون نَي ݾمجھڻ رُگو ايشوَر رَي ھاٿ ۾ ھَي، جترِي توڻي پرڀُو يسُوع نِي آوَي۔ جڏي پرڀُو يسُوع آشَي، تو مُڪاشفَي شاستر رَي ݾجَي باتون پُورَي ھوشَي۔ ھالي رُگو آپون نَي آريݾِي ۾ ڌُنڌ ڏيکيجَي ھَي۔ (جوئو، مُڪاشفو اَڌيا 1)
مُر: يھُودي قوم آݪا لاش نَي ٻُورڻ رِي تياري رَي ݾارُو مُر نون رِي خُوشبو لگاوتا۔ اَي ھيڪَي نمُونَي رَي گُوند ݾون ٺاوتا جڪو تموم گھڻو قيمتي ھَي ھانَ اَي دوا رَي ݾارُو ڀِي اِستعمال ھووَي ھَي۔ (جوئو، متِي 11:2، مرقس 23:15 ھانَ يُوحنا 39:19)
مَسيح: اَي عبراني ٻولي رو آکر ھَي، جڪَي رو مطلب ھَي ”چُونڊيوڙو۔“ پرڀُو يسُوع نَي ”مَسيح“ ڪھيو گيو ھَي، ڪيونڪہ ايشوَر اُوئي نَي چُونڊي مُگتي داتا ڪري جگت ۾ ميليو۔ ”مَسيح“ رو اَي ڀِي مطلب ڪہ او بچاوڻ آݪو، آزاد ڪراوڻ آݪو ھانَ آپرَي مِنکون را ڏُک ڏيکڻ آݪو ھانَ مددگار ھَي۔
مَسيحي: پرڀُو يسُوع نَي منڻ آݪا، وِشواسي مِنک، پرڀُو يسُوع لاري بيوَڻ آݪا۔ او ڀائي ھانَ ٻين جون خاندان جڪون رو واسطو پرڀُو يسُوع ݾون ھَي۔ (جوئو، سنتون را ڪوم 26:11، 28:26 ھانَ 1-پطرس 16:4)
مُگتي/مُگتي داتا:پاپون ݾون بچڻ، نڪرڻ، نُوئَي وچن شاستر ۾ اِنسون نَي پاپ رَي قبضَي ݾون ڪاڍڻ ڇوڙاوڻ ھانَ ايشوَر رِي مرضِي تي بيوَڻ ھَي۔ مُگتي ڏيوَڻ آݪو، ڇوڙاوڻ آݪو، بچاوڻ آݪو۔ اَي نون پرڀُو يسُوع رَي ݾارُو اِستعمال ھويوڙا ھَي، ڪيونڪہ اُوئي ݾُولِي ماٿَي آپرِي جان ڏي آپون نَي موت ھانَ پاپ رِي غُلومي ݾون بچايا۔ (جوئو، لُوقا 2‏:11 ھانَ سنتون را ڪوم 30:5‏-31)
من (آڪاشِي ڌون): ”من يعني آڪاشِي ڌون“ اَي ڌوڻون جھڙو ھانَ موتي جھڙو ھتو ھانَ اَي آڇو ھانَ چمڪيلو ھتو، اَي ٻيج جھڙو نِنيو ھتو۔ ”من يعني آڪاشِي ڌون“ جڪو اِسرائيلي قوم آݪون رڻ پَٽ ۾ ايشوَر رَي طرفون کاڌو۔ (جوئو، خرُوج 16‏:14‏-21، گِنتي 7:11-9 ھانَ يُوحنا 6‏:49،31)
مَنڊلِي/وِشواسي مَنڊلِي: مِنکون رو ٽولو، وِشواسي مِنکون رو گرُوپ، خاندان، پرڀُو يسُوع نَي منڻ آݪا، جون تموم گھڻا مِنک۔ اھڙَي مِنکون نَي وِشواسي مَنڊلِي ڪھيو گيو ھَي جڪو پرڀُو يسُوع لاري بَي ھَي، اُوئي رِي بات منَي ھَي ھانَ اُوئي تي وِشواس راکَي ھَي، يعني وِشواسي ڀائي ھانَ ٻينون۔
مُنش پُتر: جڪو اِنسون ݾون جايو، او مُنش پُتر ھَي، جڪَي رو مطلب ھَي ڪہ او آدم رو اولاد ھَي۔ پِروڻَي وچن شاستر ۾ اَي نون اُوئي مِنک رَي ݾارُو اِستعمال ھويو ھَي جڪَي ݾون اَي اُميد ھتِي ڪہ ايشوَر اُوئي مُنش پُتر نَي ميلشَي جڪو جگت رو اِنصاف ڪرشَي ھانَ اُوئون تي حڪُومت ڪرشَي۔
پرڀُو يسُوع آپرَي بارَي ۾ مُنش پُتر اِستعمال ڪيئو ڪہ مِنکون نَي خبر پڙَي ڪہ اَي اوج مُگتي داتا ھَي جڪَي نَي ميلڻ رو واعدو پرميشوَر ڪيئو ھتو۔ پرڀُو يسُوع رَي آوڻ ݾون پيل يھُودي قوم را مِنک مُنش پُتر رَي اِنتظار ۾ ھتا، جڪَي رو نون مَسيح ھَي۔ جھڙَي نمُونَي مرقس 2‏:10 ۾ پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ،”۔۔۔ ھُون مُنش پُتر ھون ھانَ مھنَي جگت ۾ پاپ معاف ڪرڻ رِي اِختياري ھَي۔“
مھما: ڪئينڪہ ٻوليون ۾ اِيئي نَي جلال، جلالِي، شانَ، شانَ شوڪت، جلوو ھانَ اُجاݪو ڀِي ڪھيو جاوَي ھَي۔ پڻ اِيئي شاستر ۾ ”مھما“ رو مطلب ھَي اُجاݪو، جلوو، جلال، چمتڪار، قُدرت، طاقت، اِختياري، ايشوَر رِي بکوڻ، ايشوَر رِي جَئي جَئي ڪار۔ (جوئو، مرقس 37:10 ھانَ يُوحنا 10:17)
ميڪائيل: اَي ھيڪ فريشتون رو موٽو ݾردار ھَي جڪو پرميشوَر رو خاص فريشتو ھَي۔ (جوئو، يھُودا 9:1 ھانَ مُڪاشفو 12‏:7)
مينار:اِيئي رو ذِڪر پِروڻَي وچن شاستر ۾ پيدائيش 4:11 ۾ آيوڙو ھَي۔ ”مينار“ رو مطلب ھَي موٽَي ݾون موٽو ٿونڀو، بنڀُو، اھڙِي ڏيگھِي جگھا جڪو ݾجون ݾون موٽِي ھانَ لونٻِي ھووَي۔ (جوئو، لُوقا 14‏:28‏-30)
نبِي: ”نبِي“ رو مطلب ھَي ايشوَر رَي باتون ݾُڻاوڻ آݪو، ايشوَر رو نياپو پُگاوڻ آݪو۔ او مِنک جڪو ايشوَر رَي نياپَي رو پرچار مِنکون ۾ ڪرَي ھَي۔ ايشوَر آپرَي نبيون رَي وسيلَي آپرَي اگڪٿَي ظاھر ڪيئَي، نبيون ايشوَر رَي باتون شاستر ۾ لِکئَي۔ ايشوَر نبيون نَي اَي ڀِي ݾُڻايو ڪہ پرڀُو يسُوع ڪِي ڪرشَي ھانَ اُوئي ݾون ڪِي ھوشَي۔ انجيل شاستر ۾ پويتر آتما رِي قُدرت ݾون پرچار ڪرڻ آݪون نِي ڀِي نبِي ڪھيوڙو ھَي۔
نرگ: باݾڏي رِي جگھا، پاپي مِنکون رِي جگھا، جيٿ ڪيڙا ھوشَي اوٿ اِنسون تڙپتا ريشَي۔ (جوئو، مرقس 44:9)
نَر ݾِينگو: اِيئي نَي ڪئينڪہ مِنک ڪَي ھَي ڪہ اَي ݾَنک جون ڪو تُوتالِي ھَي۔ پويتر شاستر رَي زمونَي ۾ اِيئي نَي نَر گھيٽَي رَي ݾِينگ جون ڪَي ڀِي نَر جِنار رَي ݾِينگون ݾون ٺاوتا۔ اَي ھيڪَي نمُونَي رو بجاوڻ آݪو ساز ھَي جڪَي نَي ݾجائِي مِنک ݾُڻتا۔ يھُودي قوم آݪا خاص ايلون ڪرڻ رَي ݾارُو، مِنکون نَي ڀيڙا ڪرڻ رَي ݾارُو بجاوتا۔
پِروڻَي وچن شاستر رَي زمونَي ۾ نُوئَي چندر رو ايلون ڪرڻ ھانَ نُوئَي بادشاھ نَي چُونڊڻ رو ايلون ڪرڻ رَي ݾارُو نَر ݾِينگون بجاوتا۔
نُوئَي وچن شاستر ۾ آيوڙو ھَي ڪہ جگت رِي پڇاڙِي ۾ جڏي پرڀُو يسُوع پاڇو آشَي، تو نَر ݾِينگون بجايو جاشَي ھانَ پُورِي دُنيا را مِنک ݾُڻشَي۔ (جوئو، متِي 24‏:29‏-31، 1-ڪِرنٿين 15‏:52، 1-ٿيسلينڪيُون 4‏:16 ھانَ جوئو، مُڪاشفو 8‏:6‏ ݾون 11‏:19‏)
ݾَنک ۾ تُوتالِي ۾ ھانَ نَر ݾِينگَي ۾ ڪئين فرق ھَي، اِيئي رَي ڪري اِيئي نَي ݾَنک ڪيوَڻ صحيح ڪونھي، بيشڪ ݾَنک ھيڪ ڌرمي ساز ھَي پڻ سائيز، نمُونو ٻيئون رو فرق فرق ھَي۔
وچن: پويتر شاستر ۾ ايشوَر اِنسون ݾون جِترا ڀِي واعدا ڪيئا اُوئون نَي ”وچن“ ڪھيو جاوَي ھَي۔ ڪئينڪہ ترجمون ھانَ ٻولِي ۾ اِيئي نَي ”عھد“ ڀِي ڪَي ھَي۔
پِروڻَي وچن شاستر ۾ ايشوَر نُوح نبِي ھانَ اڀراھيم نبِي ݾون وچن ڪيئو ھتو۔ (جوئو، پيدائيش 8:9-17 ھانَ پيدائيش 1:17-8) ايشوَر آپرو اَي وچن پُورو ڪرڻ رَي ݾارُو اِسرائيلي قوم نَي چُونڊيو ھانَ اُوئون نَي آپرا حُڪم ڏينا۔ مُوسيٰ نبِي رَي زمونَي ۾ اِسرائيلي قوم ٻَليدون رو لوئِي آپرَي گھرون رَي چوکٽون تي لگايو جڪو اِيئي وچن رو نِشون ھَي۔ (جوئو، خرُوج 8:24 ھانَ يرميا 33:31)
ايشوَر رو نُوئو وچن اُوئي رَي پِروڻَي وچن نَي پُورو ڪرَي ھَي۔ اَي وچن پرڀُو يسُوع رَي وسيلَي پُورو ھويو ھانَ اَي وچن پُورِي دُنيا رَي ݾجَي مِنکون رَي ݾارُو ھَي، جڪو پرڀُو يسُوع ماٿَي وِشواس راکَي ھَي۔ (جوئو، متِي 26‏:27‏-28، لُوقا 22‏:20‏، 1-ڪِرنٿين 11‏:23‏-26)
وِشواسي:”وِشواسي“ رو مطلب ھَي پرڀُو يسُوع نَي منڻ آݪو، پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکڻ آݪو۔ جڪو ڀِي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکَي ھَي اُوئي نَي وِشواسي ڪھيو جاوَي ھَي۔ (جوئو، سنتون را ڪوم 2‏:1 ھانَ مُڪاشفو 1‏:9)
وصيت: جڏي ڪو مِنک مرڻ آݪو ھووَي ھَي جون مرَي ھَي، تو او آخري ٽيم تي جون پيل آپرَي اولاد، آپرِي لُگائِي، جون نيڙَي عزيزون نَي آپرِي مرضِي ھانَ آپرَي دِل رو حال ݾُڻاوَي ھَي، جڪَي ۾ مال ملڪيت، ٻنِي، پِلاٽ، مُڪوم رِي جگھا ھانَ ڪو ڀِي خاص بات، اِيئي نَي وصيت ڪھيو جاوَي ھَي۔ ”وصيت“ رو اَي ڀِي مطلب ھَي ڪيرَي مرڻ ݾون پيل اُوئي رَي موڏَي را آخري ڪھيوڙا آکر جون ٻول۔
ھُون ھون: اَي لقب پرميشوَر آپرَي ݾارُو اِستعمال ڪيئو ھَي۔ جڏي ايشوَر، مُوسيٰ نبِي نَي ٻݪتَي ٻُوٺَي ۾ درشن ڏينو، تو مُوسيٰ نبِي پُوڇو ڪہ ھُون اِسرائيلي قوم نَي ڪِي ݾُڻائُون ڪہ مھنَي ڪَي ميليو ھَي۔ ايشوَر اُوئي نَي آپرو نون ”ھُون ھون جڪو ھون۔“ ݾُڻايو۔ (جوئو، خرُوج 14:3)
اَي لقب پرڀُو يسُوع آپرَي بارَي ۾ ڀِي ڪھيو ڪہ، ”ٻاٽِي ھُون ھون، اُجاݪو ھُون ھون، زندگِي ھُون ھون، در ھُون ھون، ݾُٺو ڌراڙ ھُون ھون۔“ (جوئو، يُوحنا 35:6، 48 ھانَ يُوحنا 58:8)
ھاليلُويا: اِيئي رو مطلب ھَي ايشوَر رِي بکوڻ جون ايشوَر رِي بڏائي۔ (جوئو، مُڪاشفو 1:19‏-6) اَي بکوڻ آڪاش تي ھوئِي۔ آج رَي زمونَي ۾ پِروڻا وِشواسي ڀِي اِيئي نَي رُوحاني يعني آتمڪ نعرو ݾمجھي اِستعمال ڪرَي ھَي۔
يادگيرِي آݪِي ٻاٽِي: پرڀُو يسُوع ݾُولِي تي آپرِي جان ڏيوَڻ ݾون پيل آپرَي چيلون ڀيڙِي آخري ٻاٽِي کاڌِي ھانَ اُوئون نَي ݾيکائي حُڪم ڏينو ڪہ،” ٿي مھارِي ياد ۾ اَي رسم ڪرتا رھيا۔“ (جوئو، متِي 26:26-30، مرقس 14‏:22‏-26، لُوقا 22‏:14‏-20‏، 1-ڪِرنٿين 11‏:23‏-26) پرڀُو يسُوع را ݾجائِي منڻ آݪا اُوئي رِي ياد ۾ اَي رسم ڪرتا رَي ھَي۔
يسُوع: اَي نون عبراني ٻولي رَي نون ”يشُوع“ ݾون آيو ھَي، جڪَي رو مطلب ھَي ”پرميشوَر مُگتي داتا۔“ پرڀُو يسُوع رو اَي نون ايشوَر رَي طرفون فريشتَي رَي ڪيوَڻ تي راکيو ھانَ جھڙَي نمُونَي متِي 21:1 ۾ ھَي ڪہ، ”او ڏيڪرو جِڻشَي ھانَ تُو اُوئي رو نون يسُوع راکي ڪيونڪہ او آپرَي مِنکون نَي اُوئون رَي پاپون ݾون مُگتي ڏيشَي۔“