مُڪاشفو شاستر
تعارف
اَي شاستر جڪَي نَي ڀيد شاستر جون درشن شاستر ڀِي ڪھيو جاوَي ھَي، سنت يُوحنا اَي شاستر اندازن سن 95 عيسوِي ۾ لِکيو ھتو۔ تموم گھڻا مِنک ڪَي ھَي ڪہ لِکڻ آݪو اوج سنت يُوحنا ھَي جڪو پرڀُو يسُوع رو پيارو ھانَ خاص چيلو ھتو۔ سنت يُوحنا اَي شاستر اُوئي ٽيم لِکيو جڏي وِشواسيون نَي تموم گھڻا ڏُک ھانَ تڪليفون ڏينَي جاوتَي، سنت يُوحنا نَي ڀِي پرچار رَي ڪري پتمُس ٻيٽ ۾ قيد ڪيئو ھتو۔
اَي شاستر لِکڻ رو مقصد وِشواسيون نَي حوصلو ھانَ اُميد ڏيوَڻ ھَي ڪہ او ڏُکون ھانَ مُصيبتون رَي ڏِنون ۾ آپرَي وِشواس تي پڪا رَي۔ ايشوَر اِيئي شاستر ۾ سنت يُوحنا نَي ڀيد رَي باتون درشن ۾ بتائَي ھَي۔ اِيئي شاستر ۾ ݾُڻايوڙو ھَي ڪہ ايشوَر شيطون ھانَ اُوئي رَي مِنکون نَي ھراشَي ھانَ آپرَي مِنکون نَي نُوئَي آڪاش ھانَ نُوئِي ڌرتي رَي برڪتون ڏيشَي۔
خاص مضمُون
شرُوع آݪَي باتون1:1-8
ݾات وِشواسي مَنڊلَي 1:9-3:22
آڪاش تي ايشوَر رِي بکوڻ 4:1-11
ݾات ٺَپا لاگوڙو طُومار 5:1-8:5
ݾات نَر ݾِينگا 8:6-11:19
موٽو ناگ ھانَ ٻي جِنار 12:1-13:18
ٻيجا درشن 14:1-15:8
ايشوَر را ڪھر آݪا پيالا 16:1-21
بابل شھر رِي بربادي، جِنار، ڪُوڙَي نبِي ھانَ شيطون رِي ھار 17:1-20:10
آخري عدالت 20:11-15
نُوئو آڪاش، نُوئِي ڌرتي ھانَ نُوئو يروشلم 21:1-22:5
آخري باتون 22:6-21