مُڪاشفو شاستر
شرُوع آݪَي باتون
1
يسُوع مَسيح ايشوَر رَي طرفون اَي درشن يُوحنا نَي اِيئي رَي ڪري ڏينو ڪہ او آپرَي ٻونھون تي او باتون ظاھر ڪري بتاوَي جڪو ڇيڪَي ھوئڻ آݪَي ھَي۔ يسُوع مَسيح آپرو فريشتو ميلي اُوئي رَي وسيلَي آپرَي شيواداري يُوحنا نَي اَي باتون ݾپنَي ۾ بتائَي۔ 2 يُوحنا جڪو ڪئين ڏيٺو، اُوئي رَي بارَي ۾ گواھِي ڏينِي يعني اُوئي ايشوَر رَي نياپَي ھانَ يسُوع مَسيح رَي طرفون بتايوڙِي ݾچائي رَي بارَي ۾ گواھِي ڏينِي۔ 3 برڪت آݪو ھَي او جڪو اَي اگڪٿِي رو شاستر پڙھي ݾُڻاوَي ھَي ھانَ برڪت آݪا ھَي او جڪو اَي لِکيوڙَي باتون ݾُڻي ھانَ اِيئون تي بَي ھَي ڪيونڪہ اَي باتون ڇيڪَي پُورَي ھوئڻ آݪَي ھَي۔ݾات مَنڊليون رَي ݾارُو پراٿنا
4 ھُون يُوحنا اَي نياپو اُوئون ݾات وِشواسي مَنڊليون رَي نون لِکون پڙيو جڪو آسيا صُوبَي ۾ ھَي۔
ٿون تي ايشوَر رِي ڪِرپا ھانَ ݾُک ھوتو رَي، جڪو ھتو، جڪو ھَي ھانَ جڪو ھميشا ريشَي ھانَ اُوئون ݾات آتمائون رَي طرفون جڪو اُوئي رَي تخت آگھي حاضر رَي ھَي 5 ھانَ يسُوع مَسيح رَي طرفون جڪو اِيئون باتون رو ݾاچو گواھ، مُوئوڙون ۾ ݾجون ݾون پيل جيتو ھوئڻ آݪو، دُنيا رَي بادشاھون تي حڪُومت ڪرڻ آݪو، آپون ݾون پريم ڪرڻ آݪو، جڪَي آپرَي لوئِي رَي وسيلَي آپون نَي پاپون ݾون مُگتي ڏينِي ھَي 6 ھانَ جڪَي آپون نَي ايشوَر رِي بادشاھي ۾ اِختيار ڏي آپرَي پِتا ايشوَر رِي شيوا ڪرڻ رَي ݾارُو پُوجاري ٺاھيا ھَي۔ اُوئي رِي مھما ھانَ قُدرت ھميشا ھوتِي رَي۔ آمين۔
7 جوئو، او باڏݪون تي آوڻ آݪو ھَي ھانَ ھر ھيڪ اُوئي نَي ڏيکشَي۔ او ڀِي اُوئي نَي ڏيکشَي جڪون ݾُولِي تي اُوئي رِي پاݾڙِي ۾ ڀالو ھڻيو ھتو۔ دُنيا رَي ݾجَي قومون اُوئي نَي ڏيکي ماتم ڪرشَي۔ بيشڪ، آمين۔ 8 پرميشوَر قُدرت آݪو ايشوَر ڪَي ھَي ڪہ،”ھُون الفا ھانَ اُميگا يعني اول ھانَ آخر ھون۔ ھُون ھون، ھُون ھتو ھانَ ھُون آوڻ آݪو ھون۔“
يسُوع مَسيح رو درشن ڏيوَڻ
9 ھُون يُوحنا ٿونرو وِشواسي ڀائي ھانَ پرڀُو يسُوع رو ھوئڻ رَي ڪري ٿون آݪِي ڪار ايشوَر رِي بادشاھي رَي ݾارُو صبر ݾون ڏُک مُصيبت برداش ڪرون پڙيو۔ ھُون ايشوَر رو نياپو ݾُڻاوڻ ھانَ پرڀُو يسُوع رِي گواھِي ڏيوَڻ رَي ڪري پتمُس نون رَي ٻيٽ ۾ ميليوڙو ھتو۔ 10 پرڀُو رَي ڏِن يعني آچر رو مھَي پويتر آتما رَي وسيلَي آپ لاري نَر ݾِينگَي جھڙو زور ݾون آواز ݾُڻيو ڪہ، 11 ”جڪو ڪئين تُو ڏيکَي پڙيو، او ڪِتاب ۾ لِک ھانَ اُوئي ݾات وِشواسي مَنڊليون ڏيݾا ميل جڪو اِفسِس، سمُرنا، پرگُمن، ٿواتيرا، سرديس، فِلدلفيا ھانَ لوديڪيا شھرون ۾ ھَي۔“
12 جڏي مھَي ٻولڻ آݪَي نَي جوئڻ رَي ݾارُو لاري پاڇل ڦورِي، تو اوٿ ݾونَي رَي ݾات ڏِيئا راکڻ آݪَي شيون ڏيٺَي۔ 13 اُوئون ڏِيئا راکڻ آݪَي شيون رَي بِچ ۾ ھيڪ مِنک اُڀو ھتو جڪو مُنش پُتر جھڙو ھتو، اُوئي رو پگون توڻي موٽو جُبو پيريوڙو ھتو ھانَ سينَي تي ݾونَ رو پَٽو ٻاڌوڙو ھتو۔ 14 اُوئي را ماٿَي آݪا باݪ اھڙا آڇا ھتا جھڙو اُون جون برف ھانَ اُوئي رَي اونکَي باݾڏي رَي جھاݪ آݪِي ڪار ھتَي۔ 15 اُوئي را پگ اِيئون چمڪتا پڙيا جھڙو نِج پيتل چَر ۾ چمڪَي ھَي ھانَ اُوئي رو آواز ݾمُوندر رَي شور جھڙو ھتو۔ 16 اُوئي رَي ݾاجَي ھاٿ ۾ ݾات تارا ھتا ھانَ اُوئي رَي موڏَي ݾون ٻي ڌارِي تيز تلوار نڪرتِي پڙِي۔ اُوئي رو مونڏو اِيئون چمڪتو پڙيو جھڙو ݾُورج ٻيپار رو چمڪَي ھَي۔ 17 اُوئي نَي ڏيکي ھُون مُوئوڙَي مِنک آݪِي ڪار اُوئي رَي پگون ۾ کِريو۔ پَڇي اُوئي آپرو ݾاجو ھاٿ مھَي ماٿَي راکي ڪھيو ڪہ،”ٻيئاج نِي، ھُونج اول ھانَ آخر ھون۔ 18 ھُون مُوئو ھتو پڻ ھمَي جيتو ھون ھانَ جو ھُون ھميشا جيتو رئين۔ موت ھانَ مُوئوڙون رَي جگت رو اِختيار مھَي ڪڍي ھَي۔ 19 اِيئي رَي ڪري ٿَي جڪو ڪئين ڏيٺو ھَي يعني جڪو ھڻون ھَي ھانَ پَڇي ھوشَي، اَي ݾجَي باتون لِک۔
20 مھارَي ݾاجَي ھاٿ ۾ ݾات تارون ھانَ ݾونَي رَي ݾات ڏِيئا راکڻ آݪَي شيون رَي ڀيد رو مطلب اَي ھَي، ݾات تارا آسيا صُوبَي رِي وِشواسي مَنڊليون را ݾات فريشتا ھَي ھانَ ݾات ڏِيئا راکڻ آݪَي شيون اَي ݾات وِشواسي مَنڊلَي ھَي۔“