ايشوَر رَي ڪھر را پيالا
16
پَڇي مھَي ايشوَر رَي گھر ݾون ھيڪ موٽو آواز ݾُڻيو جڪَي اُوئون ݾات فريشتون نَي ڪھيو ڪہ،”جائو، ايشوَر رَي ڪھر را ڀريوڙا ݾات پيالا ڌرتي ماٿَي اُونڌا ڪرو۔“
‏2 پَڇي پيلڪَي فريشتَي آپرو پيالو ڌرتي ماٿَي اُونڌو ڪيئو۔ جڪون مِنکون تي اُوئي جِنار رو نِشون ھتو ھانَ جڪو اُوئي رِي مُورتِي آگھي جُھڪتا اُوئون رَي ݾَرير تي ڪِنا ھانَ ݾُور ڏيوَڻ آݪا گَڙ نڪريا۔
‏3 ٻيجَي فريشتَي آپرو پيالو ݾمُوندر ۾ اُونڌو ڪيئو ھانَ ݾمُوندر رو پوڻي لاش رَي لوئِي جھڙو ھوئي گيو جڪَي ݾون ݾمُوندر را ݾجائِي جيوَو مري گيا۔
‏4 تيجَي فريشتَي آپرو پيالو دريا ھانَ پوڻي رَي نديون ماٿَي اُونڌو ڪيئو جڪَي ݾون اُوئون رو پوڻي لوئِي ھوئي گيو۔ ‏5 مھَي پوڻي رَي فريشتَي نَي اَي ڪيتَي ݾُڻيو ڪہ،
”اي پويتر ھستِي، تُو جڪو ھَي ھانَ ھتو،
ٿَي اِنصاف ݾون فيصلو ڪيئو ھَي،
‏6 ڪيونڪہ اُوئون ٿارَي پويتر مِنکون ھانَ نبيون نَي ٺُپ ماريا
اِيئي رَي ڪري ٿَي اُوئون خُونيون نَي لوئِي پياڙيو
ڪيونڪہ او اِيئي لائق ھتا۔“
‏7 پَڇي مھَي ٻَليدون رِي جگھا ݾون اَي آواز ݾُڻيو ڪہ،
”ھاوي، اي پرميشوَر تُو جڪو قُدرت آݪو ايشوَر ھَي،
بيشڪ تُو اِنصاف ھانَ ݾچائي ݾون فيصلو ڪرَي ھَي۔“
‏8 پَڇي چوٿَي فريشتَي آپرو پيالو ݾُورج ماٿَي اُونڌو ڪيئو ھانَ ݾُورج نَي اَي اِختيار ڏينو ڪہ مِنکون نَي باݾڏي ݾون ٻاݪَي۔ ‏9 مِنک ݾُورج رَي تپ ݾون ٻَݪي گيا ھانَ اِيئون آفتون تي اِختيار راکڻ آݪا ايشوَر رَي خلاف باتون ڪرڻ لاگا۔ اُوئون توبھون ڪونھي ڪِي ھانَ نَڪو ايشوَر رِي بکوڻ ڪِي۔
‏10 پونچوين فريشتَي آپرو پيالو اُوئي جِنار رَي تخت ماٿَي اُونڌو ڪيئو جڪَي ݾون اُوئي رِي بادشاھي ۾ انڌارو ھوئي گيو۔ مِنکون ڏُکون رَي ڪري آپرَي زِبونون ڏونتون ھيٺا دٻائي ڇوڙئَي ‏11 ھانَ آپرَي ڏُکون ھانَ ڦٽون رَي ڪري آڪاشِي ايشوَر رَي خلاف باتون ڪرڻ لاگا پڻ اُوئون آپرَي ڪومون ݾون توبھون ڪونھي ڪِي۔
‏12 پَڇي ڇَوين فريشتَي آپرو پيالو موٽَي دريا يعني فرات دريا ماٿَي اُونڌو ڪيئو جڪَي ݾون اُوئي رو پوڻي ݾُوڪي گيو ڪہ اُوگوڻَي ݾون آوڻ آݪَي بادشاھون رَي ݾارُو مارگ ٺَي۔ ‏13 پَڇي مھَي ڏيٺو ڪہ موٽَي ناگ، پيلڪَي جِنار ھانَ ڪُوڙَي نبِي رَي موڏَي ݾون تين ڀُوت نڪريا جڪو ڏيڏر جھڙا ھتا۔ ‏14 اَي تين ڀُوت شيطون رَي آتمائون ھَي جڪو پرچا بتاوَي ھَي۔ او نڪري ݾجِي دُنيا رَي بادشاھون ڪڍي جاوَي ھَي ڪہ اُوئون نَي قُدرت آݪَي ايشوَر رَي خلاف اُوئي جنگ رَي ݾارُو ڀيڙا ڪرَي جڪو عدالت آݪَي ڏِن ھوشَي۔
‏15 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جوئو، ھُون چور آݪِي ڪار اوچتو آئين۔ برڪت آݪو ھَي او جڪو جاگتو رَي ھَي ھانَ آپرو لِباس پيري ٻيٺو ھَي، جڏي او ڪيئا جاوَي، تو اُگھاڙو نِي ڏيکيجَي ھانَ مِنکون آگھي شرميدو نِي ھووَي۔“
‏16 اُوئون آتمائون جڪِي جگھا تي بادشاھون نَي ڀيڙا ڪيئا ھتا، اُوئي جگھا رو نون عبراني ٻولِي ۾ ھرمجدُون ھَي۔
‏17 پَڇي ݾاتوين فريشتَي آپرو پيالو بائيرَي تي ڍوڙيو جڪَي ݾون ايشوَر رَي گھر ۾ اُوئي رَي تخت ݾون ھيڪ زور ݾون آواز آيو ڪہ،”پُورو ھويو۔“ ‏18 پَڇي کيوَڻ چمڪڻ لاگِي، زور ݾون آواز ھوئڻ لاگا، باڏݪ گرجڻ لاگا ھانَ اھڙو زور رو زلزلو آيو جڪو اِنسون رَي شرُوع ݾون لي آج توڻي ڪڏي ڀِي ڪونھي آيو۔ ‏19 اُوئي موٽَي شھر يعني بابل را تين ٽُڪڙا ھوئي گيا ھانَ دُنيا را شھر برباد ھوئي گيا۔ ايشوَر موٽَي شھر بابل نَي پونتريو ڪونھي ھانَ اُوئي نَي آپرَي ڪھر آݪَي انگُورون رَي رس رو ڀريوڙو پيالو پياڙيو۔ ‏20 پَڇي ݾجائِي ٻيٽ ݾمُوندر ۾ ٻُوڏي گيا ھانَ جبلون رو ڪو ڀِي نِشون ڪونھي بچو۔ ‏21 مِنکون ماٿَي آڪاش ݾون مَڻ مَڻ را گَڙا پڙيا۔ اَي آفت تموم گھڻِي سخت ھتِي اِيئي رَي ڪري مِنک ايشوَر رَي خلاف ٻولڻ لاگا۔