گھيٽو ھانَ اُوئي را مِنک
14
پَڇي مھَي ڏيٺو ڪہ ھيڪ گھيٽو صيئون رَي جبل تي اُڀو ھَي ھانَ اُوئي ڀيڙا ھيڪ لَک چوئيتالي ھزار مِنک ڀِي اُڀوڙا ھَي جڪون رَي لِلاڙ تي گھيٽَي رو ھانَ اُوئي رَي ٻاپ رو نون لِکيوڙو ھَي۔ ‏2 اُوئي ٽيم مھَي آڪاش ݾون ھيڪ موٽو آواز ݾُڻيو جڪو بيتَي تيز پوڻي ھانَ گرجڻ آݪَي باڏݪون جھڙو ھتو۔ او آواز اھڙو ھتو جھڙو ڪو بربط ساز بجاوتو ھووَي۔ ‏3 اَي ھيڪ لَک چوئيتالي ھزار مِنک تخت آگھي، چارون جيوَو ھانَ اَگووڻون آگھي اُڀي ھيڪ نُوئو ڀجن گاوتا پڙيا۔ اَي ڀجن رُگو اِيئون مِنکون ݾيکيو جڪون نَي ايشوَر جگت نَي قيمت ڏي مول ليئا ھتا۔ ‏4 اَي او آڏمي ھَي جڪو ڪنوارا ھَي ھانَ اِيئون ڪڏي ڀِي زنا ڪونھي ڪيئو۔ اَي او ھَي جڪو گھيٽَي لاري بَي ھَي ھانَ جيٿ گھيٽو جاوَي ھَي اَي ڀِي اُوئي لاري بَي ھَي۔ ايشوَر اِيئون نَي آپرَي ھانَ گھيٽَي رَي ݾارُو پيلڪو ڦل ھوئڻ رَي ݾارُو قيمت ڏي اِنسونون ۾ مول ليئا ھَي۔ ‏5 اِيئون ڪڏي ڀِي ڪُوڙ ڪونھي ٻوليو پڻ بي عيب ھَي۔
تين فريشتا
‏6 پَڇي مھَي ھيڪ ٻيجو فريشتو آڪاش ݾون اُڏتو ڏيٺو جڪَي ڪڍي ڌرتي تي ريوَڻ آݪون يعني ݾجَي قومون، قبيلون، ھر ھيڪ ٻولِي ٻولڻ آݪون ھانَ ھر ذات رَي مِنکون نَي ݾُڻاوڻ رَي ݾارُو ھميشا رِي خُوشِي رِي خبر ھتِي۔ ‏7 اُوئي فريشتَي زور ݾون ڪھيو ڪہ،”ايشوَر ݾون ٻيئاجو ھانَ اُوئي رِي بکوڻ ڪرو ڪيونڪہ اُوئي رِي عدالت رو ڏِن آيو رو۔ اُوئي آگھي جُھڪو جڪَي آڪاش، ڌرتي، ݾمُوندر ھانَ پوڻي رَي ندَي ٺاھئَي ھَي۔“
‏8 پَڇي اِيئي فريشتَي ݾون پَڇي ھيڪ ٻيجو فريشتو اَي ڪيتو آيو ڪہ،”کِري گيو، او موٽو شھر بابل کِري گيو جڪَي ݾجَي قومون نَي آپرَي زنا رَي ڪومون رو شراب پياڙيو، اِيئي رَي ڪري ايشوَر رو ڪھر اِيئي شھر تي ڀڙڪيو ھَي۔“
‏9 پَڇي اِيئون ݾون پَڇي تيجو فريشتو اَي ڪيتو آيو ڪہ،”جڪو اُوئي جِنار جون اُوئي رِي مُورتِي آگھي شيش نِماوَي ھَي ھانَ آپرَي لِلاڙ جون ھاٿ تي اُوئي رو نِشون لگاوَي ھَي۔ ‏10 او ايشوَر رَي ڪھر رو انگُورون رو رس پيشَي يعني اھڙو رس جڪو رُگو اُوئي رَي ڪھر ݾون ڀريوڙو ھَي۔ او ݾجائِي پويتر فريشتون ھانَ گھيٽَي آگھي نرگ رَي باݾڏي ھانَ گندرف رَي عذاب ۾ نوکيا جاشَي۔ ‏11 او اِيئي عذاب ۾ ھميشا پڙيا ريشَي۔ جڪو اُوئي جِنار ھانَ اُوئي رِي مُورتِي آگھي جُھڪَي ھَي ھانَ اُوئي رَي نون رو نِشون لگاوَي ھَي، اُوئون نَي نَڪو تو ڏِن رو ݾُک ملَي ھانَ نَڪو رات رو۔“
‏12 ايشوَر را مِنک جڪو اُوئي رَي حُڪمون تي بَي ھَي ھانَ يسُوع ݾون وفادار ھَي، اُوئون رَي ݾارُو اَي موقعيو ھَي ڪہ او صبر ڪري برداش ڪرَي۔
‏13 پَڇي مھَي آڪاش ݾون اَي آواز ݾُڻيو ڪہ،”لِک، برڪت آݪا ھَي او جڪو مرتَي دم توڻي پرڀُو يسُوع لاري بَي ھَي۔“
پويتر آتما ڪَي ھَي ڪہ،”بيشڪ اَي برڪت آݪا ھَي ڪيونڪہ اِيئون ڏُک ھانَ مُصيبتون برداش ڪيئَي ھَي ھانَ ھمَي اِيئون نَي ݾُک ملشَي۔“
پوک رو لٻارو
‏14 پَڇي مھَي ھيڪ آڇو باڏݪ ڏيٺو جڪَي تي مُنش پُتر جھڙو ڪو ٻيٺو ھتو۔ اُوئي رَي ماٿَي تي ݾونَي رو تاج ھانَ ھاٿ ۾ تِکو ڏاترو ھتو۔ ‏15 پَڇي ھيڪ ٻيجو فريشتو ايشوَر رَي گھر ݾون نڪريو ھانَ اُوئي باڏݪ تي ٻيٺوڙَي مِنک نَي زور ݾون ڪھيو ڪہ،”آپرو ڏاترو با، لٻارو ڪر ڪيونڪہ ڌرتي رِي پوک تيار ھَي ھانَ لٻارَي رو ٽيم آيو رو۔“ ‏16 پَڇي جڪو مِنک باڏݪ تي ٻيٺو ھتو، اُوئي آپرو ڏاترو ڌرتي تي بايو، تو ݾجِي پوک بڍيجي گئِي۔
‏17 پَڇي ھيڪ ٻيجو فريشتو ايشوَر رَي گھر ݾون نڪريو جڪو آڪاش تي ھَي ھانَ اُوئي ڪڍي ڀِي ھيڪ تِکو ڏاترو ھتو۔
‏18 پَڇي ھيڪ ٻيجو فريشتو ٻَليدون رِي جگھا ݾون نڪريو جڪَي رو باݾڏي تي اِختيار ھتو۔ اُوئي تِکَي ڏاترَي آݪَي فريشتَي نَي زور ݾون ڪھيو ڪہ،”آپرو تِکو ڏاترو با ھانَ ڌرتي رَي انگُورون رِي بيل آݪا ڇُگا باڍ ڪيونڪہ انگُور ݾَڦا تيار ھَي۔“ ‏19 پَڇي اُوئي فريشتَي آپرو ڏاترو ڌرتي تي بايو ھانَ انگُورون را ڇُگا باڍيا ھانَ ايشوَر رَي ڪھر آݪَي انگُورون رَي رس ڪاڍڻ آݪَي موٽَي ھود ۾ نوکيا۔ ‏20 شھر ݾون ٻاھر اُوئي ھود ۾ انگُور لتاڙيجا ھانَ ھود ݾون اِترو تو لوئِي نڪريو ڪہ لوئِي گھوڙون رَي لگومون توڻي پُگو ھانَ تين ݾئو ڪِلو ميٽر توڻي بيتو گيو۔