ٻي جِنار
13
پَڇي مھَي ھيڪ جِنار ݾمُوندر ݾون نڪرتو ڏيٺو جڪَي را ڏَݾ ݾِينگ ھانَ ݾات ماٿا ھتا۔ ھر ھيڪ ݾِينگ تي ھيڪ تاج ھانَ ھر ھيڪ ماٿَي تي ايشوَر رِي گِلا لِکيوڙِي ھتِي۔ 2 او جِنار چيتَي جھڙو ھتو، اُوئي را پگ ريڇ جھڙا ھتا ھانَ مونڏو شينھن جھڙو ھتو۔ پَڇي موٽَي ناگ اُوئي جِنار نَي آپرِي طاقت، آپرو تخت ھانَ آپرو اِختيار ڏينو۔ 3 مھَي ڏيٺو ڪہ اُوئي جِنار رَي ماٿَي تي ھيڪ اھڙو ڦَٽ ھتو جڪَي ݾون اُوئي رَي بچڻ رِي ڪو ڀِي اُميد ڪونھي ھتِي پڻ او ڦَٽ ݾاجو ھويو ھتو۔ ڌرتي تي ريوَڻ آݪا ݾجائِي مِنک اَي جوئي حيرون ھويا ھانَ اُوئي لاري بيوَڻ لاگا۔ 4 مِنکون اُوئي موٽَي ناگ آگھي آپرا شيش نِمايا ڪيونڪہ اُوئي جِنار نَي آپرو اِختيار ڏينو ھتو۔ مِنکون جِنار آگھي ڀِي آپرا شيش نِمايا ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ،”ڪُڻ اِيئي جِنار جھڙو ھَي، ڪُڻ اِيئي ݾون بِڙھي ݾگھَي ھَي؟“5 اُوئي جِنار نَي مگرُورِي آݪَي باتون ڪرڻ ھانَ ايشوَر رَي خلاف باتون ڪرڻ رو مونڏو ڏينو گيو ھانَ اُوئي نَي ٻئيتالي مھيڻون توڻي اَي ڪوم ڪرڻ رو اِختيار مِليو۔ 6 اُوئي جِنار ايشوَر رَي خلاف باتون ڪرڻ رَي ݾارُو آپرو مونڏو کوليو ڪہ او ايشوَر رَي نون، اُوئي رَي گھر، آڪاش ھانَ اوٿ ريوَڻ آݪون رَي خلاف باتون ڪرَي۔ 7 اُوئي نَي اَي اِختيار ڏينو ڪہ او ايشوَر رَي مِنکون ݾون بِڙھَي ھانَ اُوئون نَي ھراوَي۔ اُوئي نَي ھر ھيڪ قبيلَي، مِنکون ھانَ ھر ھيڪ ٻولِي آݪون ھانَ قومون تي اِختيار ڏينوڙو ھتو۔ 8 ڌرتي را ݾجائِي ريوَڻ آݪا جڪون را نون جگت رَي شرُوع ݾون زندگِي رَي ڪِتاب ۾ ڪونھي لِکيوڙا، او اُوئي جِنار آگھي جُھڪشَي۔ زندگِي رو ڪِتاب اُوئي گھيٽَي رو ھَي جڪو مِنکون رَي پاپون رَي بدلَي ٻَليدون ھويو۔
9 ݾُڻڻ آݪو ݾمجَھي رو۔
10 جي ڪينَي قيد ھوئڻو ھَي، تو او قيد ھوئي جاشَي
ھانَ جڪَي نَي تلوار ݾون مرڻو ھَي،
تو او ضرُور تلوار ݾون ماريو جاشَي۔
اَي موقعيو ھَي ڪہ ايشوَر را مِنک صبر ڪرَي ھانَ وفادارِي ݾون آپرَي وِشواس تي پڪا رَي۔
ھيڪ ٻيجو جِنار
11 پَڇي مھَي ھيڪ ٻيجو جِنار ڌرتي ݾون نڪرتو ڏيٺو جڪَي را گھيٽَي جھڙا ٻي ݾِينگ ھتا ھانَ او موٽَي ناگ آݪِي ڪار ٻولتو۔ 12 اِيئي جِنار اُوئي پيلڪَي جِنار رو اِختيار لي جگت رَي ݾجَي مِنکون نَي مجبُور ڪيئا ڪہ او اُوئي جِنار آگھي جُھڪَي جڪَي رو ڦَٽ ݾاجو ھويو ھتو۔ 13 اِيئي ٻيجَي جِنار موٽا موٽا پرچا بتايا، اترِي توڻي ڪہ مِنکون رَي ݾومھو آڪاش ݾون ڌرتي تي باݾڏي ڀِي برݾايو۔ 14 جڪو پرچا بتاوڻ رو اِختيار اُوئي نَي پيلڪَي جِنار ݾون مِليوڙو ھتو، اُوئي ݾون او ݾجِي دُنيا نَي گُھمراھ ڪرتو۔ او ڌرتي تي ريوَڻ آݪون نَي ڪيتو ڪہ اُوئي جِنار رِي مُورتِي ٺائو جڪَي نَي تلوار ݾون زخمي ڪيئو ھتو پڻ تو ڀِي او جيتو ھتو۔ 15 اِيئي ٻيجَي جِنار نَي اَي اِختيار ڏينو ڪہ او پيلڪَي جِنار رِي مُورتِي ۾ دم ڦُوڪَي ڪہ او مُورتِي ٻولَي ھانَ جڪو اُوئي آگھي جُھڪَي ڪونھي، اُوئون نَي او مرائي ڇوڙَي۔ 16 اُوئي ٻيجَي جِنار نِنيون، موٽون، اَمير، غريب، آزاد، غُلوم ݾجون رَي ݾاجَي ھاٿ جون لِلاڙ تي نِشون ھڻايو۔ 17 رُگو اوج مِنک ڪو ڀِي شئي مول لي جون بيچي ݾگھتو جڪَي تي اَي نِشون لاگوڙو ھتو۔ اَي نِشون اُوئي جِنار رو نون جون اُوئي رو نمبر ھتو۔
18 اَي نمبر ݾمجھڻ رَي ݾارُو تموم گھڻِي عقل رِي ضرُورت ھَي۔ جڪَي ڪڍي ݾمجھ ھَي اوج اِيئي جِنار رو نمبر گِڻَي ڪيونڪہ اَي آڏمي رو نمبر ھَي ھانَ او نمبر ھَي ڇَي ݾئو ڇاھٺ۔