ٻي گواھ
11
پَڇي مھنَي ماپ ڪرڻ رَي ݾارُو ھيڪ ڏونگو ڏينو جڪو ڪَي گز جھڙو ھتو ھانَ مھنَي ڪھيو ڪہ،”جا، ايشوَر رَي گھر ھانَ ٻَليدون رِي جگھا رِي ماپ ڪر ھانَ ايشوَر رَي گھر ۾ ڀگتي ڪرڻ آݪون نَي ڀِي گِڻ۔ ‏2 پڻ ايشوَر رَي گھر آݪَي ٻاھر آݪَي اوڱڻَي رِي ماپ نِي ڪري ڪيونڪہ او ٻيجَي قومون نَي ڏينوڙو ھَي جڪو ٻئيتالي مھيڻون توڻي پويتر شھر نَي ڏُک ڏيتا ريشَي۔ ‏3 پَڇي ھُون آپرا ٻي گواھ اِختياري ݾون ميلين جڪو کٿا اوڍي ھيڪ ھزار ٻي ݾئو سٺ ڏِنون توڻي ايشوَر رو پرچار ڪرتا ريشَي۔“
‏4 اَي ٻيئي نبِي زيتُون را ٻي بَڻ ھانَ ٻي ڏِيئا راکڻ آݪَي شيون ھَي ھانَ اَي ايشوَر آگھي اُڀا رَي ھَي جڪو جگت رو مالڪ ھَي۔ ‏5 جي ڪُڻ اُوئون رو نُقصون ڪرڻ رِي ڪوشش ڪرشَي، تو اُوئون رَي موڏَي ݾون باݾڏي نڪرشَي ھانَ اُوئون را دُشمن ختم ڪري ڇوڙشَي۔ جڪو ڀِي اُوئون نَي نُقصون ڏيوَڻ رِي ڪوشش ڪرشَي، او ماريا جاشَي۔ ‏6 اُوئون ڪڍي اِختيار ھَي ڪہ نياپو ڏيوَڻ آݪَي ٽيم تي او آڪاش نَي بند ڪرَي ڪہ مي نِي آوَي۔ اُوئون نَي پوڻي تي اِختيار ھَي ڪہ او اُوئي نَي لوئِي ۾ بدلائي ڇوڙَي ھانَ اُوئون نَي اَي ڀِي اِختيار ھَي ڪہ او جڏي مرضِي پڙَي، تو ڌرتي تي ھر نمُونَي رِي آفت ميلي ݾگھَي ھَي۔
‏7 جڏي نياپَي را ڏِن پُورا ھوشَي، تو سزا رِي کڏ ݾون او جِنار نڪرشَي ھانَ اُوئون گواھون ݾون جنگ ڪرشَي۔ او اُوئون نَي ھراشَي ھانَ ماري ڇوڙشَي۔ ‏8 اُوئون را لاش اُوئي موٽَي شھر يعني يروشلم شھر رَي بازار ۾ پڙيا ريشَي جيٿ اُوئون رَي پرڀُو نَي ݾُولِي تي چاڙھيو ھتو۔ اُوئي شھر رو مِثال سدُوم شھر ھانَ مِصر مُلڪ جھڙو ھوشَي۔ ‏9 ھر ھيڪ ذات، ھر ھيڪ قبيلو، ھر ھيڪ قوم ھانَ ھر ھيڪ ٻولِي آݪا اُوئون ٻيئون را لاش ݾاڍِي تين ڏِن توڻي جوتا ريشَي ھانَ اُوئون نَي ٻُورڻ ڪونھي ڏَي۔ ‏10 ڌرتي را ݾجائِي مِنک اُوئون رِي موت تي خُوشِي ملھاشَي، ناچشَي ھانَ ھيڪَي ٻيجَي نَي تحفا ڏيشَي ڪيونڪہ اِيئون ٻيئون نبيون ݾجَي اِنسونون نَي تموم گھڻا ڏُک ڏينا ھتا۔
‏11 پڻ ݾاڍِي تينون ڏِنون ݾون پَڇي ايشوَر اُوئون نبيون نَي ڀڙي جيتا ڪيئا ھانَ او اُٺي اُڀا۔ اَي جوئي ݾجائِي مِنک تموم گھڻا ٻيئاجا۔ ‏12 اُوئي ٽيم نبيون نَي آڪاش ݾون زور ݾون آواز ݾُڻڻ ۾ آيو ڪہ،”ايٿ ماٿَي آئو۔“ پَڇي او باڏݪ تي ݾَوار ھوئي آڪاش تي چڙھيا ھانَ اُوئون را دُشمن اُوئون نَي جوتا رھيا۔ ‏13 پَڇي اُوئيج ٽيم ڌرتي تي موٽو زلزلو آيو ھانَ اُوئي موٽَي شھر رو ڏھون حِصو کِري برباد ھوئي گيو۔ اُوئي زلزلَي ۾ ݾات ھزار مِنک ماريجا۔ جڪو باقي بچا او تموم گھڻا ٻيئاجا ھانَ آڪاشِي ايشوَر رِي مھما رِي بکوڻ ڪرڻ لاگا۔
‏14 ٻيجِي مُصيبت ختم ھوئي گئِي۔ جوئو، تيجِي مُصيبت ڇيڪِي آوڻ آݪِي ھَي۔
ݾاتوون نَر ݾِينگو ھانَ تيجِي مُصيبت
‏15 جڏي ݾاتوين فريشتَي نَر ݾِينگو بجايو، تو آڪاش تي فريشتا نارا ھڻڻ لاگا ڪہ، ”جگت رِي بادشاھي آپڻَي پرميشوَر ھانَ مَسيح رِي ھوئِي ھَي ھانَ ھمَي اَي بادشاھي ھميشا توڻي ريشَي۔“ ‏16 پَڇي چووِي اَگووڻ جڪو ايشوَر آگھي آپرَي آپرَي تخت تي ٻيٺا ھتا اُوئون موڏَي توڻي کِري ايشوَر آگھي شيش نِمايو ‏17 ھانَ ڪھيو ڪہ،
”اي ايشوَر قُدرت آݪا پرميشوَر،
تُو جڪو ھتو ھانَ ھَي،
مھي ٿارو شُڪر ڪرون ھون
ڪيونڪہ ٿَي آپرو اِختيار ليئو ھَي
ھانَ بادشاھي ٿارِي ھوئِي ھَي۔
‏18 ٻيجَي قومون نَي ريݾ آئِي ھَي
پڻ تُو اُوئون تي ڪھر ڪرِي۔
مُوئوڙون رو اِنصاف ڪرڻ رو ٽيم آيو رو
ڪہ ٿارَي ٻونھون، نبيون، نيڪ مِنکون
ھانَ ٿارَي نون ݾون ٻيئاجڻ آݪَي نِنئي موٽَي نَي اَجر ملَي۔
ھمَي او ٽيم آيو رو
ڪہ ڌرتي را برباد ڪرڻ آݪا مِٽايا جاوَي۔“
‏19 پَڇي آڪاش ۾ ايشوَر رو گھر کوليو گيو ھانَ اُوئي ۾ وچن رِي ݾنڏُوڪ نظر آئِي۔ پَڇي تموم گھڻو ھاڪو ھويو، بجلي چمڪڻ لاگِي، باڏݪ گرجڻ لاگا، زلزلو آيو ھانَ موٽا موٽا گَڙا برݾڻ لاگا۔