طُومار تي لاگوڙا ٺَپا کُلڻ
6
پَڇي مھَي ڏيٺو ڪہ گھيٽَي اُوئي ݾات لاگوڙَي ٺَپون ۾ پيلڪو کوليو، تو چارون جيوَو ۾ ھيڪَي رو اھڙو آواز ݾُڻيو جھڙو ڪہ باڏݪ گرجتا ھووَي جڪو ڪيتو پڙيو ڪہ،”آ۔“ ‏2 مھارَي جوتَي جوتَي ھيڪ آڇو گھوڙو نظر آيو۔ جڪو اُوئي تي ݾَوار ھتو اُوئي رَي ھاٿ ۾ تير ڪموڻ ھتو ھانَ اُوئي نَي ھيڪ تاج ڏينو گيو۔ او جنگ جيتڻ آݪَي آݪِي ڪار نڪريو ڪہ اَڃون ڀِي کٽتو جاوَي۔
‏3 جڏي گھيٽَي ٻيجو لاگوڙو ٺَپو کوليو، تو مھَي ٻيجَي جيوَو نَي اَي ڪيتَي ݾُڻيو ڪہ،”آ۔“ ‏4 پَڇي ھيڪ ٻيجو گھوڙو نڪريو جڪَي رو رنگ راتو ھتو۔ جڪو اُوئي ماٿَي ٻيٺو ھتو اُوئي نَي ھيڪ موٽِي تلوار ڏينِي ھانَ اَي اِختيار ڏينو ڪہ ڌرتي ݾون ݾُک کوݾَي ڪہ مِنک ھيڪَي ٻيجَي نَي مارَي۔
‏5 جڏي گھيٽَي تيجو لاگوڙو ٺَپو کوليو، تو مھَي تيجَي جيوَو نَي اَي ڪيتَي ݾُڻيو ڪہ،”آ۔“ پَڇي مھَي ھيڪ ڪاݪَي رنگ رو گھوڙو اُڀوڙو ڏيٺو۔ جڪو اُوئي گھوڙَي ماٿَي ݾَوار ھتو اُوئي رَي ھاٿ ۾ ھيڪ تاڪڙِي ھتِي۔ ‏6 پَڇي مھَي چارون جيوَو رَي بِچ ۾ اَي آواز ݾُڻيو ڪہ، ”ڏُڪاݪ پڙَي ڪہ ھيڪَي ڏِن رِي مزُورِي رَي بدلَي رُگو ھيڪ ݾير ڪڻڪ جون تين ݾير جَئو ملَي پڻ زيتُون رو تيل ھانَ انگُورون رو رس خراب نِي ڪر۔“
‏7 پَڇي جڏي اُوئي چوٿو لاگوڙو ٺَپو کوليو، تو مھَي چوٿَي جيوَو نَي اَي ڪيتَي ݾُڻيو ڪہ،”آ۔“ ‏8 پَڇي مھَي پيڙَي رنگ رو گھوڙو اُڀوڙو ڏيٺو۔ جڪو اُوئي تي ݾَوار ھتو اُوئي رو نون موت ھتو ھانَ مُوئوڙون رو جگت اُوئي لاري لاري آوتو پڙيو۔ ايشوَر موت ھانَ مُوئوڙون رَي جگت نَي اِختيار ڏينو ڪہ اَي جنگ، ڏُڪاݪ، بيمارَي ھانَ جھنگلِي جِنارون ݾون ڌرتي را چوٿَي حِصَي را مِنک ماري ڇوڙَي۔
‏9 جڏي اُوئي پونچوون لاگوڙو ٺَپو کوليو، تو مھَي ٻَليدون رِي جگھا ھيٺا اُوئون رَي آتمائون ڏيٺَي جڪو ايشوَر رَي شُٻڌ ھانَ يسُوع رِي ڏينوڙِي گواھِي تي پڪا ريوَڻ رَي ڪري ماريجا ھتا۔ ‏10 اُوئون زور ݾون تخت تي ٻيٺوڙَي نَي ڪھيو ڪہ،”اي قُدرت آݪا ايشوَر، تُو پويتر ھانَ ݾاچو ھَي۔ تُو ڪترِي توڻي فيصلو ڪونھي ڪرَي ھانَ ڌرتي تي ريوَڻ آݪون ݾون مھورَي لوئِي رو بدلو ڪونھي لَي؟“ ‏11 پَڇي اُوئون ۾ ھر ھيڪ نَي آڇا گاڀا ڏينا ھانَ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ،”ڪئين آروم ڪرو، جترِي توڻي ٿون ڀيڙا شيوا ڪرڻ آݪا ھانَ وِشواسي، جڪون نَي مھارَي نون تي مرڻو ھَي، او ݾجائِي ٿون آݪِي ڪار ماريا نِي جاوَي۔“
‏12 جڏي اُوئي ڇھُون لاگوڙو ٺَپو کوليو، تو مھَي ڏيٺو ڪہ ڌرتي تي موٽو زلزلو آيو۔ ݾُورج آپرو اُجاݪو ڏيوَڻ ڇوڙيو ھانَ ڪاݪو ھوئي گيو ھانَ چندر لوئِي جھڙو راتو ھوئي گيو۔ ‏13 تارا آڪاش ݾون ڌرتي تي اِيئون کِريا جھڙو زور رَي طُوفون ݾون انجير رَي بَڻ ݾون ڪاچا ڦل کِرَي ھَي۔ ‏14 آڪاش اِيئون پاڇو ھٽيو جون طُومار نَي بيڙھي بند ڪيئو جاوَي ھَي ھانَ اِيئي نمُونَي جبل ھانَ ٻيٽ آپرِي آپرِي جگھا ݾون ھٽي گيا۔ ‏15 پَڇي ڌرتي را بادشاھ، شھزادا، فوجي ݾردار، اَمير، طاقت آݪا، غُلوم ھانَ آزاد ݾجائِي مِنک جبلون رَي چُرون ھانَ پٿرون ۾ جائي لِڪيا۔ ‏16 او اُوئون جبلون ھانَ پٿرون نَي ڪيوَڻ لاگا ڪہ،”مھون ماٿَي کِرو ھانَ مھونَي اُوئي رِي نظر ݾون جڪو تخت تي ٻيٺو ھَي ھانَ گھيٽَي رَي ڪھر ݾون بچائو ‏17 ڪيونڪہ اُوئون رَي ڪھر رو موٽو ڏِن آيو رو ھانَ ھمَي ڪو ڀِي ڪونھي بچَي۔“