ݾات ٺَپا لاگوڙو طُومار
5
پَڇي مھَي جڪو تخت تي ٻيٺو ھتو اُوئي رَي ݾاجَي ھاٿ ۾ ھيڪ طُومار ڏيٺو جڪَي رَي ٻيئون پاݾَي لِکيوڙو ھتو ھانَ اُوئي تي ݾات ٺَپا لاگوڙا ھتا۔ 2 مھَي ھيڪ طاقت آݪو فريشتو ڏيٺو جڪَي زور ݾون ايلون ڪيئو ڪہ، ”ڪُڻ ھَي جڪو اِيئي طُومار تي لاگوڙا ٺَپا کولڻ رَي لائق ھَي؟“ 3 نَڪو اوٿ آڪاش تي، نَڪو ڌرتي تي، نَڪو ڌرتي ھيٺا، ڪو ڀِي اھڙو ڪونھي ھتو جڪو اُوئي طُومار نَي کولڻ جھڙو ھتو جون اُوئي نَي جوئي ݾگھتو۔ 4 ھُون اَي ڏيکي زار زار روئڻ لاگو ڪہ ڪو ڀِي اھڙو ڪونھي ھتو جڪو اُوئي طُومار نَي کولي جون جوئي ݾگھَي۔ 5 پَڇي اُوئون اَگووڻون ۾ ھيڪَي مھنَي ڪھيو ڪہ،”نِي رو۔ جو، يھُودا قبيلَي رو بَبر شير جڪو دائُود بادشاھ رِي نسل ݾون ھَي، او جيتي گيو ھَي ھانَ اوج اُوئي طُومار تي لاگوڙا ݾات ٺَپا کولي ݾگھَي ھَي۔“6 مھَي اُوئي تخت تي چار جيوَو ھانَ اُوئون اَگووڻون رَي بِچ ۾ ھيڪ گھيٽو ڏيٺو۔ اِيئون لاگتو پڙيو جھڙو او ݾِير بايوڙو ھووَي۔ اُوئي را ݾات ݾِينگ ھانَ ݾات اونکَي ھتَي۔ اَي اونکَي ايشوَر رِي شيوا ڪرڻ آݪَي ݾات آتمائون ھَي جڪو ݾجِي ڌرتي تي ميليوڙَي ھَي۔ 7 او گھيٽو آيو ھانَ جڪو تخت تي ٻيٺوڙو ھتو اُوئي رَي ݾاجَي ھاٿ ݾون او طُومار ليئو۔ 8 جڏي اُوئي طُومار ليئو، تو اُوئون چارون جيوَو ھانَ چووِي اَگووڻون اُوئي گھيٽَي آگھي شيش نِمايا ھانَ ھر ھيڪ رَي ھاٿ ۾ لُوبون رِي خُوشبو ݾون ڀريوڙا ݾونَي را پيالا ھانَ بربط ساز ھتو۔ اَي ايشوَر رَي مِنکون رَي پراٿنائون ھَي۔
9 او ݾجائِي اَي نُوئو ڀجن گاوڻ لاگا ڪہ،
”تُوج اَي طُومار ليوَڻ ھانَ اِيئي تي لاگوڙا ٺَپا کولڻ رَي لائق ھَي
ڪيونڪہ ٿَي ٻَليدون ھوئي آپرَي لوئِي ݾون
ھر ھيڪ قبيلَي، ھر ھيڪ ٻولِي ٻولڻ آݪون، ݾجَي مِنکون ھانَ قومون ۾
ايشوَر رَي ݾارُو مِنک مول ليئا ھَي۔
10 ٿَي اُوئون نَي موٽو اِختيار ڏي آپڻَي ايشوَر را پُوجاري ٺاھيا ھَي
ھانَ او دُنيا ۾ بادشاھي ڪرشَي۔“
11 جڏي مھَي ڀڙي ڏيٺو، تو لَکون، ڪروڙون فريشتون رو آواز ݾُڻيو۔ او فريشتا تخت، چار جيوَو ھانَ اَگووڻون رَي چوڌاري اُڀوڙا ھتا۔ 12 او زور ݾون ڪيتا پڙيا ڪہ،
”ٻَليدون ھويوڙو گھيٽو،
قُدرت، ڌن، ݾمجھ، طاقت،
عِزت، بکوڻ ھانَ مھما رَي لائق ھَي۔“
13 پَڇي مھَي آڪاش، ڌرتي ھانَ ڌرتي ھيٺا ھانَ ݾمُوندر رَي ݾجَي شيون نَي اَي ڪيتَي ݾُڻيو ڪہ،
”جڪو تخت تي ٻيٺو ھَي اُوئي رِي ھانَ گھيٽَي رِي
عِزت، بکوڻ، مھما ھانَ بادشاھي ھميشا ھوتِي رَي۔“
14 پَڇي چارون جيوَو آمين ڪھيو ھانَ اَگووڻون جُھڪي شيش نِمايا۔