آڪاش تي ايشوَر رِي بکوڻ
4
اِيئي ݾون پَڇي مھَي ڏيٺو ڪہ آڪاش ۾ ھيڪ در کُليوڙو ھَي ھانَ نَر ݾِينگَي جھڙو آواز جڪو مھَي پيل ݾُڻيو ھتو، اُوئي ڪھيو ڪہ،”ايٿ ماٿَي آ، ھُون ٿنَي او بتائُون جڪو اِيئون باتون ݾون پَڇي ھوشَي۔“ ‏2 پَڇي مھَي اُوئيج ٽيم پويتر آتما ݾون ڏيٺو ڪہ آڪاش ۾ ھيڪ تخت ھتو جڪَي تي ڪو ٻيٺوڙو ھتو۔ ‏3 جڪو اُوئي تخت تي ٻيٺوڙو ھتو او يشب ھانَ عقيق پٿرون آݪِي ڪار چمڪتو پڙيو ھانَ اُوئي تخت رَي چوڌاري ھيڪ ڏونگڙو ھتو جڪو زمرد آݪِي ڪار چمڪتو پڙيو۔ ‏4 اُوئي تخت رَي چوڌاري چووِي تخت ھتا جڪون تي چووِي اَگووڻ ٻيٺوڙا ھتا۔ اُوئون رو آڇو لِباس پيريوڙو ھتو ھانَ ھر ھيڪ رَي ماٿَي تي ݾونَي رو تاج ھتو۔ ‏5 بِچ آݪَي تخت ۾ کيوَڻ رو چمڪو ھانَ باڏݪ گرجڻ رو آواز آوتو پڙيو۔ اُوئي تخت رَي ݾومھو باݾڏي را ݾات ڏِيئا ٻَݪتا پڙيا۔ اَي ايشوَر رِي شيوا ڪرڻ آݪَي ݾات آتمائون ھَي۔ ‏6 تخت ݾومھو بِلور آݪِي ڪار شيشَي رو ݾمُوندر ھتو۔
بِچ آݪَي تخت رَي چوڌاري چار جيوَو ھتا جڪون رَي چوڌاري اونکَي ئِي اونکَي ھتَي۔ ‏7 پيلڪو جيوَو بَبر شير جھڙو ھتو، ٻيجو جيوَو ٽوگھڙَي جھڙو ھتو، تيجَي جيوَو رو مونڏو اِنسون جھڙو ھتو ھانَ چوٿو جيوَو اُڏتَي باز جھڙو ھتو۔ ‏8 اُوئون چار جيوَو رَي ڇَي ڇَي پونکَي ھتَي ھانَ اَندر ٻاھر ھانَ چوڌاري اونکَي ئِي اونکَي ھتَي۔ او ڏِن رات بِنا اُونگ اَي ڪيتا پڙيا ڪہ،
”پويتر، پويتر، پويتر، اي پرميشوَر، تُو قُدرت آݪو ايشوَر ھَي۔
تُو جڪو ھتو، جڪو ھَي ھانَ جڪو آوڻ آݪو ھَي۔“
‏9 جڏي او جيوَو اُوئي رِي بکوڻ، عِزت ھانَ شُڪر ڪرَي ھَي جڪو تخت تي ٻيٺو ھَي ھانَ ھميشا جيتو ريشَي، ‏10 پَڇي اُوئون چووِي اَگووڻون موڏَي توڻي کِري اُوئي آگھي شيش نِمايا جڪو بِچ آݪَي تخت تي ٻيٺو ھتو، جڪو شرُوع ݾون ھَي ھانَ ھميشا ريشَي۔ پَڇي اُوئون آپرا تاج اُوئي رَي تخت آگھي راکي اَي ڪھيو ڪہ،
‏11 ”اي پرميشوَر مھورا ايشوَر،
تُو بکوڻ، عِزت ھانَ قُدرت رَي لائق ھَي
ڪيونڪہ ٿَي ݾجَي شيون ٺاھئَي
ھانَ ݾجَي شيون ٿارِي مرضِي ݾون ھتَي ھانَ ٺئَي۔“