وِشواس رو بُنياد پرڀُو يسُوع
2
اِيئي رَي ڪري ٿي ھر نمُونَي رِي بُڇڙائي، ڪُوڙ، ٺَگِي، ݾاݪ ھانَ گِلا ݾون اݪگا رو۔ ‏2 جھڙَي نمُونَي نِنئي ٻاݪ نَي نِج ڏُوڌ رِي ضرُورت ھَي اُوئيج نمُونَي ٿونرِي آتما نَي ڀِي ايشوَر رَي باتون رِي ضرُورت ھَي ڪہ ٿي اَي باتون ݾيکي مُگتي ۾ بڌتا جائو۔ ‏3 ڪيونڪہ ٿونَي خبر ھَي ڪہ پرڀُو ٿون تي تموم گھڻِي مھربونِي ڪِي ھَي۔
‏4 ٿي اُوئي جيتَي پٿر يعني پرڀُو يسُوع ڪڍي آئو جڪَي نَي مِنکون قبُول ڪونھي ڪيئو، پڻ او ايشوَر رو چُونڊيوڙو ھانَ قيمتي ھَي۔ ‏5 ٿي ڀِي اُوئي جيتَي پٿرون آݪِي ڪار ھو جڪون ݾون ايشوَر آپرِي مَنڊلِي ٺاوَي پڙيو۔ نِي رُگو اَي، پڻ ٿي پويتر پُوجاري ھوئي اھڙو ٻَليدون ڏيئو جڪو يسُوع مَسيح رَي وسيلَي ايشوَر نَي پسند آوَي۔ ‏6 ڪيونڪہ شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”جوئو، ھُون صيئون ۾ ھيڪ پٿر راکون ھون،
او چُونڊيوڙو، قيمتي ھانَ خاص پٿر ھَي۔
جڪو ڀِي اُوئي تي وِشواس راکشَي،
او ڪڏي ڀِي شرماوَي ڪونھي۔“
‏7 اِيئي رَي ڪري ٿون جڪون پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو ھَي ٿونرَي ݾارُو اَي پٿر قيمتي ھَي پڻ جڪو اُوئي تي وِشواس ڪونھي راکتا اُوئون رَي ݾارُو شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”جڪَي پٿر نَي ڪاريگرون بيڪار ݾمجھو،
اوج ݾجون ݾون خاص پٿر ھويو۔“
‏8 شاستر ۾ اَي ڀِي لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”ھُون ھيڪ اھڙو پٿر راکين،
جڪَي ݾون مِنک ٿُڏو کائي کرشَي۔“
‏9 ٿي ايشوَر را چُونڊيوڙا مِنک، ايشوَر رِي بادشاھي رَي پُوجاريون رِي مَنڊلِي، پويتر قوم ھانَ اُوئي را خاص مِنک ھو جڪو اُوئي رِي ملڪيت ھويا ھو ڪہ ٿي ايشوَر را ڪوم ٻيجون نَي ݾُڻائي ݾگھو، جڪَي ٿونَي انڌارَي ݾون ڪاڍي آپرَي حيرت آݪَي اُجاݪَي ۾ اَڻايا ھَي۔
‏10 جون شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”پيل ٿي ڪئين ڪونھي ھتا،
پڻ ھمَي ٿي ايشوَر را مِنک ھو۔
پيل ٿون تي ڪَي ڀِي دايا ڪونھي ڪِي ھتِي،
پڻ ھمَي ايشوَر ٿون تي دايا ڪِي ھَي۔“
ايشوَر را شيواداري
‏11 اي پيارَي ڀايون، ٿي اِيئي جگت ۾ پرديسي ھانَ مُسافر ھو، اِيئي رَي ڪري ھُون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ دُنياوِي خواھشون ݾون اݪگا ناݾو، ڪيونڪہ او ٿونرِي آتما ݾون جھيڙو ڪرَي ھَي۔ ‏12 ٻيجَي قومون ۾ نيڪِي ݾون رو ڪہ او ٿون تي غلط باتون رو الزوم نِي لگاوَي۔ او ٿونرا نيڪ ڪوم ڏيکي اُوئي ڏِن ايشوَر رِي بکوڻ ڪرشَي، جڏي پرڀُو يسُوع آئي فيصلو ڪرشَي۔
‏13 پرميشوَر رَي ڪري ھر ھيڪ اِختيار آݪَي را وفادار رو، ڀلي او بادشاھ ھووَي جڪو ݾجون ݾون موٽو اِختيار آݪو ھَي۔ ‏14 اِيئي نمُونَي ٿي حڪُومت را ڀِي وفادار رو، جڪون نَي بادشاھ اِيئي رَي ڪري راکَي ھَي ڪہ او بُڇڙا ڪوم ڪرڻ آݪون نَي سزا ڏَي ھانَ ݾُٺا ڪوم ڪرڻ آݪون رِي بکوڻ ڪرَي۔ ‏15 ايشوَر رِي مرضِي اَي ھَي ڪہ ٿي نيڪ ھوئي رو ڪہ بِنا عقل آݪون را مونڏا بند ھوئي جاوَي۔ ‏16 ٿي آزاد مِنکون آݪِي ڪار آزاد ھوئي رو پڻ اِيئي آزادي رو ناجائز فائدو نِي ليئو، پڻ ٿي آپرو آپنَي ايشوَر را شيواداري ݾمجھو۔ ‏17 ݾجون رِي عِزت ڪرو، وِشواسي ڀايون ݾون پريم راکو، ايشوَر ݾون ٻيئاجو ھانَ بادشاھ رِي عِزت ڪرو۔
مَسيح آپڻَي ڏُکون رو نمُونو
‏18 اي نوڪرون، ھميشا آپرَي مالڪ رِي عِزت ڪرو ھانَ اُوئون را وفادار رو۔ نِي رُگو نيڪ مالڪ ݾون پڻ جڪو ظُلمي ھَي اُوئون را ڀِي وفادار رو۔ ‏19 ڪيونڪہ جي ڪُڻ بي اِنصافي ݾون ڏُک ڏيکي ايشوَر رَي ڪري صبر ݾون برداش ڪرَي ھَي، تو اُوئي تي ايشوَر رِي ڪِرپا ھَي۔ ‏20 جي ڪينَي خراب ڪوم رَي بدلَي سزا ملَي، تو اَي ڪھڙِي موٽِي بات ھَي؟ پڻ جي ڪُڻ ݾُٺا ڪوم ڪري ڏُک برداش ڪرَي، تو ايشوَر اُوئي نَي برڪت ڏيشَي۔ ‏21 ايشوَر ٿونَي اِيئي رَي ڪري ھيلو ڪيئو ھَي ڪيونڪہ مَسيح ڀِي ٿونرَي ڪري ڏُک ڏيٺا ھانَ ٿونَي ھيڪ نمُونو ڏينو ڪہ ٿي ڀِي اُوئيج نمُونَي بو۔ ‏22 جون پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”نَڪو اُوئي پاپ ڪيئو
ھانَ نَڪو اُوئي رَي موڏَي ݾون ڪو ڀِي ٺَگِي آݪِي بات نڪرِي۔“
‏23 جڏي مِنکون اُوئي نَي گاݪون ڏينَي، تو اُوئي گاݪون رَي بدلَي، گاݪون ڪونھي ڏينَي۔ جڏي اُوئي ڏُک ڏيٺا، تو ڪينَي ڀِي ڌمڪَي ڪونھي ڏينَي، پڻ آپرو آپنَي ݾاچَي اِنصاف ڪرڻ آݪَي ايشوَر رَي حوالي ڪيئو۔ ‏24 او آپ آپڻا پاپ ݾَرير تي کڻي ݾُولِي تي چڙھيو ڪہ آپي پاپون نَي ڇوڙي نيڪ ھوئي رون۔ ڪيونڪہ اُوئي رو مار کائي زخمي ھوئڻ ݾون آپون نَي شفا ملِي ھَي۔ ‏25 پيل ٿي رڍون آݪِي ڪار ڀٽڪيوڙا ھتا پڻ ھمَي آپرَي ڌراڙ يعني پرڀُو يسُوع ڪڍي پاڇا آيا ھو، جڪو ٿونَي ھيڪَي ݾُٺَي ڌراڙ آݪِي ڪار ݾنڀالَي ھَي۔