آپڻَي وِشواس رو بُنياد پرڀُو يسُوع
12
جڏي اِترا گھڻا گواھ آپون نَي گھيري اُڀا ھَي، تو آئو تو آپي ھر ھيڪ رُڪاوٽ ھانَ او پاپ جڪو ݾَوَلائِي ݾون مُجھاوَي ھَي، اُوئي نَي اݪگو ڪري اُوئي ناݾڻ آݪَي مُقابلَي ۾ صبر ݾون ناݾتا رون جڪو آپڻَي ݾارُو راکيوڙو ھَي۔ 2 آپڻو ڌھيون يسُوع تي ھووَي جڪو آپڻَي وِشواس رو بُنياد ھانَ آپڻو وِشواس ڪامل ڪرڻ آݪو ھَي۔ پرڀُو يسُوع اُوئي خُوشِي رَي ڪري جڪو اُوئي نَي پَڇي مِلڻ آݪِي ھتِي، بي عِزتي رِي پرواھ ڪونھي ڪِي ھانَ ݾُولِي را ڏُک برداش ڪيئا ھانَ ايشوَر رَي تخت رَي ݾاجَي پاݾَي جائي ٻيٺو۔ 3 ھاوي، اُوئي تي ڌھيون لگائو جڪَي پاپيون رِي اترِي گھڻِي مُخالفت برداش ڪِي ڪہ ٿي گھٻرائي ھِمت نِي ھارو۔ 4 ٿون پاپ ݾون بِڙھڻ رو اھڙو مُقابلو ڪونھي ڪيئو جڪَي ۾ ٿونرو لوئِي بُوئو ھووَي۔ 5 ٿي او ھدايت پونتريا را جڪو ٿونَي ڏيڪرون آݪِي ڪار ڪِي جاوَي ھَي ڪہ،”اي مھارا ڏيڪرا، پرميشوَر رِي تربيت نَي گھٽ نِي ݾمجھ
جي او ٿنَي سختِي ݾون ݾمجھاوَي،
تو تُو بي دِل نِي ھو۔
6 ڪيونڪہ جڪَي ݾون پرميشوَر پريم ڪرَي ھَي
اُوئي نَي سختِي ݾون ݾمجھاوَي ڀِي ھَي
ھانَ جڪَي نَي ڏيڪرو ٺاوَي ھَي
اُوئي نَي سزا ڀِي ڏَي ھَي۔“
7 جڪو ڏُک ٿون تي آوَي ھَي او برداش ڪرو ڪيونڪہ او ٿونرِي تربيت رَي ݾارُو ھَي۔ ايشوَر ٿون ݾون ڏيڪرون جھڙو سلُوڪ ڪرَي ھَي۔ او ڪيو ڏيڪرو ھَي جڪَي نَي ٻاپ سختِي ݾون ڪونھي ݾمجھاوتو؟ 8 جي ٿونرِي ݾجَي مِنکون آݪِي ڪار سختِي ݾون تربيت نِي ڪِي جاوَي، تو اِيئي رو مطلب اَي ھويو ڪہ ٿي ايشوَر را حقيقي ڏيڪرا نا، پڻ ڪَي ٻيجَي را ھو۔ 9 آپڻا ݾجون را جِسموني ٻاپ آپون نَي سزا ڏيتا، اِيئي رَي ڪري آپي اُوئون رِي عِزت ڪرتا، تو پَڇي ڪِي آپي ايشوَر رِي اِيئي ݾون ڀِي وڌيڪ بات نِي منون جڪو آپڻَي آتمائون رو پِتا ھَي ڪہ آپي جيتا رون؟ 10 آپڻا جِسموني ٻاپ ٿوڙَي ڏِنون رَي ݾارُو آپرِي ݾمجھ ݾون آپون نَي ھدايت ڪري ݾمجھاوتا پڻ جڏي ايشوَر آپون نَي سختِي ݾون ݾمجھاوَي ھَي، تو اُوئي ۾ آپڻو فائدو ھَي ڪہ آپي اُوئي آݪِي ڪار پويتر ھوئون۔ 11 جڏي ڀِي ڪيرِي سختِي ݾون تربيت ھووَي ھَي، تو او خُوش ڪونھي ھوتو پڻ ڏُک ڪرَي ھَي، پڻ جڪو اُوئي نَي برداش ڪري ݾيکَي ھَي اُوئون نَي آخر ۾ ݾچائي ھانَ ݾُک آݪِي زندگِي ملَي ھَي۔
12 اِيئي رَي ڪري سُست ھاٿ ھانَ ڪمزور گوڏا مضبُوط ڪرو 13 ھانَ آپرَي پگون رَي ݾارُو ݾِڌا مارگ تيار ڪرو ڪہ جڪو پونگڙا ھَي اُوئون را جوڙ اُترَي نِي، پڻ او ݾاجا ھوئي جاوَي۔
ايشوَر رِي ڪِرپا
14 ھر ھيڪ ݾون صُلح ݾون ريوَڻ رِي ڪوشش ڪرو ھانَ پويتر زندگِي گُذارو، جڪَي بِنا ڪو ڀِي پرميشوَر نَي ڏيکي ڪونھي ݾگھَي۔ 15 خيال راکو، ڪو ڀِي ايشوَر رِي ڪِرپا بِنا رَي نِي، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ ڪو بُڇڙائي کارِي پاݪ آݪِي ڪار ڦُوٽَي ھانَ ٿونَي ڏُک ڏَي ھانَ اُوئي رَي ڪري تموم گھڻا مِنک خراب ھوئي جاوَي۔ 16 خيال راکو، ڪو ڀِي زناڪار نِي ھووَي ھانَ نِي عيسُو جھڙو ھووَي جڪَي ايشوَر نَي ڪئين ڪونھي ݾمجھو ھانَ ھيڪَي ٽيم رِي ٻاٽِي رَي بدلَي آپرَي موڀِي ھوئڻ رو حق بيچي ڇوڙيو۔ 17 ٿونَي خبر ھَي ڪہ اُوئي ݾون پَڇي جڏي اُوئي رِي مرضِي ھوئِي ڪہ او برڪت اُوئي نَي ملَي، تو ايشوَر اُوئي نَي قبُول ڪونھي ڪيئو۔ اُوئي نَي توبھون ڪرڻ رو موقعيو ڀِي ڪونھي مِليو، پڻ تو ڀِي اُوئي روئي روئي او برڪت ليوَڻ رِي تموم گھڻِي ڪوشش ڪِي۔
18 ٿي سينا جبل ڪڍي ڪونھي آيا جڪَي نَي ھاٿ لگاوڻ ݾَوَلو ھتو۔ او جبل باݾڏي ݾون ٻَݪتو ھانَ اُوئي ماٿَي گھور انڌارو ھانَ طُوفون ھتو۔ 19 جڏي نَر ݾِينگَي ھانَ ايشوَر رو آواز ݾُڻيجو، تو ݾُڻڻ آݪون مِنٿ ڪِي ڪہ مھون ݾون وڌيڪ بات نِي ڪِي جاوَي۔ 20 ڪيونڪہ اِسرائيلي او حُڪم برداش ڪري ڪونھي ݾگھيا ڪہ،
”جي ڪو جِنار ڀِي اُوئي جبل ڏيݾا جاوَي،
تو او پٿر ھڻي ماريو جاوَي۔“
21 او نظارو اِترو تو خوفناڪ ھتو ڪہ مُوسيٰ ڀِي ڪھيو ڪہ،
”ھُون ٻِي ۾ ڏڪون پڙيو۔“
22 پڻ ٿي صيئون جبل ھانَ جيتَي ايشوَر رَي شھر يعني آڪاشِي يروشلم ڪڍي آيا ھو جيٿ فريشتون را لشڪر خُوشِي ملھاوَي ھَي۔ 23 ٿي ايشوَر رِي اُوئون موڀيون رِي مَنڊلِي را ھو جڪون را نون ايشوَر ڪڍي آڪاش تي لِکيوڙا ھَي۔ ٿي ھر ھيڪ رو اِنصاف ڪرڻ آݪَي ايشوَر ھانَ ڪامل ڪيئوڙَي نيڪ مِنکون رَي آتمائون ڪڍي آيا ھو۔ 24 ٿي نُوئَي وچن رَي بِچاݪُو يسُوع ڪڍي ھانَ اُوئي ڇوٽيوڙَي لوئِي ڪڍي آيا ھو جڪو ھابل رَي لوئِي آݪِي ڪار بدلو ليوَڻ رِي بات ڪونھي ڪرتو پڻ وڌيڪ ݾُٺَي باتون ڪرَي ھَي۔
25 خبردار، ايشوَر رو اِنڪار نِي ڪريا ڪيونڪہ اِسرائيلي قوم آݪا ڌرتي تي ھدايت ڪرڻ آݪَي رو اِنڪار ڪري بچي ڪونھي ݾگھيا، تو پَڇي آپي آڪاش ݾون ھدايت ڪرڻ آݪَي رو اِنڪار ڪري ڪيڪر بچي ݾگھون ھون؟ 26 جڏي ايشوَر سينا جبل تي ٻوليو، تو ڌرتي لُڏِي پڻ ھمَي اُوئي واعدو ڪيئو ھَي ڪہ،
”ھيڪ گُھمرو ڀڙي ھُون، نِي رُگو ڌرتي
پڻ آڪاش نَي ڀِي لوڏي ڇوڙين۔“
27 ”ھيڪ گُھمرو ڀڙي“ ڪيوَڻ رو مطلب اَي ھَي ڪہ جڪو شيون ٺاھيوڙَي ھَي اُوئون نَي لوڏڻ ڪہ او مِٽي جاوَي ھانَ جڪو شيون لُڏتَي ڪونھي او پڪَي رَي۔ 28 اِيئي رَي ڪري آپي شُڪر ڪرون ڪہ آپون نَي اھڙِي بادشاھي ۾ شامل ڪيئا جاوَي ھَي جڪو لُڏڻ آݪِي ڪونھي۔ آئو تو آپي اھڙِي عِزت ھانَ ٻِي ݾون ڀگتي ڪرون جڪو ايشوَر نَي پسند آوَي۔ 29 ڪيونڪہ آپڻو ايشوَر، ٻاݪي راک ڪرڻ آݪو باݾڏي ھَي۔