وِشواس
11
وِشواس ڪِي ھَي؟ وِشواس، شيون مِلڻ رو او ڀروسو ھَي جڪَي رِي آپون نَي رُگو اُميد ھَي پڻ آپون او ڏيٺَي ڪونھي۔ ‏2 وِشواس ݾون پِروڻَي زمونَي رَي مِنکون ايشوَر نَي خُوش راکيو۔ ‏3 وِشواس ݾون آپي ݾمجھون ھون ڪہ ݾجِي دُنيا ايشوَر رَي حُڪم تي ٺئِي ھَي۔ اِيئون ڪونھي ڪہ جڪو ڪئين ڏيکيجَي پڙيو او ظاھري شيون ݾون ٺھيو ھَي۔
‏4 وِشواس ݾون ھابل ايشوَر رَي ݾارُو قائن ݾون ڀِي وڌيڪ ݾُٺو ٻَليدون ڏينو۔ اِيئي رَي ڪري ايشوَر اُوئي رو ٻَليدون قبُول ڪري اَي گواھِي ڏينِي ڪہ او نيڪ ھتو۔ بيشڪ او مُوئو پڻ تو ڀِي آپرَي وِشواس رَي ڪري اَڃون توڻي ٻولَي ھَي۔
‏5 وِشواس ݾون حنُوڪ آڪاش تي کڻيجو ڪہ او مرَي نِي۔ جون شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”اُوئي رِي ڪو ڀِي خبر ڪونھي۔“
ڪيونڪہ کڻيجڻ ݾون پيل اُوئي رَي بارَي ۾ اَي گواھِي ڏينِي ڪہ،
”او ايشوَر نَي پسند آيو۔“
‏6 بِنا وِشواس ڪو ڀِي ايشوَر نَي پسند آئي ڪونھي ݾگھتو۔ اِيئي رَي ڪري ايشوَر ڪڍي آوڻ آݪو ضرُور وِشواس راکَي ڪہ ايشوَر موجُود ھَي ھانَ جڪو اُوئي رِي تلاش ۾ ھَي اُوئون نَي ايشوَر اَجر ڏَي ھَي۔
‏7 وِشواس ݾون نُوح او باتون منئَي جڪو اَڃون توڻي نظر ڪونھي آوتَي جڪون رَي بارَي ۾ ايشوَر اُوئي نَي ݾُڻايو ھتو۔ اُوئي ايشوَر رو ٻِي راکي آپرو خاندان بچاوڻ رَي ݾارُو ٻيڙو ٺاھيو، اِيئي نمُونَي نُوح جگت نَي ڏوھي ڪيئو ھانَ اُوئي ݾچائي رو حقدار ھويو جڪو وِشواس ݾون ملَي ھَي۔
‏8 جڏي ايشوَر، اڀراھيم نَي ھيلو ڪيئو، تو وِشواس ݾون اُوئي ايشوَر رو حُڪم منيو ھانَ اُوئي جگھا ڏيݾا گيو جڪو پَڇي اُوئي نَي وِراثت ۾ مِلڻ آݪِي ھتِي۔ بيشڪ اُوئي نَي ڪو ڀِي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ او ڪيئا جاوَي پڙيو، تو ڀِي او بُوئو۔ ‏9 وِشواس ݾون او ايشوَر رَي واعدَي ڪيئوڙَي مُلڪ ۾ پرديسي آݪِي ڪار رھيو۔ اضحاق ھانَ يعقُوب جڪو اُوئي را اولاد ھتا ايشوَر رَي اُوئي واعدَي ۾ اُوئي ڀيڙا بارݾ ھتا، او ڀِي اڀراھيم آݪِي ڪار تنٻُو ۾ ريتا۔ ‏10 اڀراھيم اُوئي شھر رَي اِنتظار ۾ ھتو جڪَي رو بُنياد ھميشا ريوَڻ آݪو ھَي ھانَ جڪَي رو نقشو ٺاوڻ آݪو ھانَ اَڏڻ آݪو ايشوَر آپ ھَي۔
‏11 وِشواس ݾون بونجڪِي ھانَ ڏوڪرِي ݾارون نَي طاقت ملِي ھانَ اُوئي ٻاݪ جِڻيو۔ اُوئي وِشواس راکيو ڪہ ايشوَر آپرو واعدو پُورو ڪرشَي۔ ‏12 اِيئي نمُونَي اڀراھيم جڪو تموم گھڻو بُوڍو ھتو، آڪاش رَي تارون ھانَ ݾمُوندر رِي بيݪُو رَي ذرون جِترا تموم گھڻا اولاد ڏينا۔
‏13 اَي ݾجائِي مرڻ توڻي وِشواس تي پڪا رھيا۔ بيشڪ اُوئون نَي ايشوَر رَي واعدَي ڪيئوڙِي وِراثت ڪونھي مِلي، تو ڀِي اُوئي نَي اݪگِي ڀون ݾون ڏيکي خُوش ھويا ھانَ اِقرار ڪيئو ڪہ، ”مھي اِيئي ڌرتي تي پرديسي ھانَ مُسافر ھون۔“ ‏14 جڪو مِنک اھڙَي باتون ڪرَي ھَي او ظاھر ڪرَي ھَي ڪہ او آپرَي وطن رِي تلاش ۾ ھَي۔ ‏15 جڪَي مُلڪ ݾون او نڪري آيا ھتا جي اُوئون رِي اوٿ پاڇا جاوڻ رِي مرضِي ھوئِي ھووَنت، تو او پاڇا جائي ݾگھتا۔ ‏16 پڻ حقيقت ۾ او اُوئي جگھا ݾون وڌيڪ ݾُٺِي جگھا يعني آڪاشِي مُلڪ رَي اِنتظار ۾ ھتا۔ اِيئي رَي ڪري ايشوَر، اُوئون رو ايشوَر ھوئڻ ݾون شرماوتو ڪونھي ھانَ ايشوَر اُوئون رَي ݾارُو ھيڪ شھر تيار ڪيئو ھَي۔
‏17 وِشواس ݾون اڀراھيم آزمُوتَي رَي ٽيم اضحاق نَي ٻَليدون رَي ݾارُو ڏينو۔ اڀراھيم، ايشوَر رو واعدو ݾاچو ݾمجھي قبُول ڪيئو اِيئي رَي ڪري او آپرَي پيارَي ڏيڪرَي رو ٻَليدون ڏيوَڻ رَي ݾارُو تيار ھويو، ‏18 جڪَي رَي بارَي ۾ ايشوَر ڪھيو ھتو ڪہ،
”اضحاق ݾون ٿارِي نسل آگھي بڌشَي۔“
‏19 اِيئي رَي ڪري او ݾمجھو ڪہ ايشوَر مُوئوڙا جيتا ڪري ݾگھَي ھَي ھانَ اُوئي نَي اضحاق ݾاچيلي اِيئون پاڇو مِليو جھڙو او مُوئوڙون ݾون جيتو ھويو ھووَي۔
‏20 وِشواس ݾون اضحاق آوڻ آݪَي ٽيم رَي باتون رَي بارَي ۾ آپرَي ٻيئون ڏيڪرون يعقُوب ھانَ عيسُو نَي برڪت ڏينِي۔
‏21 وِشواس ݾون يعقُوب مرڻ رَي ٽيم آپرَي ڏيڪرَي يُوسف رَي ٻيئون ڏيڪرون نَي برڪت ڏينِي ھانَ آپرِي گيڏِي رِي چوٽِي تي ماٿو راکي ايشوَر آگھي شيش نِمايو۔
‏22 وِشواس ݾون يُوسف جڏي مرڻ آݪو ھتو، تو اِسرائيلي قوم رو مِصر مُلڪ ݾون نڪرڻ رو ݾُڻايو ھانَ اَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”مھارَي ھاڏکَي ڀِي ڀيڙَي لي جايا۔“
‏23 وِشواس ݾون مُوسيٰ را ما ٻاپ اُوئي رَي جنم ݾون پَڇي تين مھيڻا اُوئي نَي لِڪائي راکيو ڪيونڪہ اُوئون ڏيٺو ڪہ ڇوڪرو ڦُوٽرو ھَي ھانَ او بادشاھ رو حُڪم توڙڻ ݾون ٻيئاجا ڪونھي ڪہ، ”نُوئا جايوڙا ڇوڪرا ماريا جاوَي۔“ ‏24 وِشواس ݾون مُوسيٰ موٽو ھوئي فرعُون بادشاھ رِي ڏيڪرِي رو ڏيڪرو ھوئڻ رو اِنڪار ڪيئو، ‏25 ڪيونڪہ اُوئي پاپ رِي عياشِي رَي بدلَي ايشوَر رِي قوم ڀيڙو رئي بُڇڙا سلُوڪ برداش ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪيئو۔ ‏26 اُوئي مَسيح رَي ڪري بي عِزتو ھوئڻ، مِصر رِي ملڪيت ݾون وڌيڪ موٽِي ملڪيت ݾمجِھي ڪيونڪہ اُوئي رِي نظر مِلڻ آݪَي اَجر تي ھتِي۔ ‏27 وِشواس ݾون اُوئي بادشاھ رِي ريݾ رِي پرواھ ڪونھي ڪِي ھانَ مِصر مُلڪ ڦِٽو ڪيئو۔ اِيئي نمُونَي اُوئي نظر نِي آوڻ آݪَي ايشوَر تي اھڙو وِشواس راکيو ڪہ جھڙو اُوئي ايشوَر نَي آپ ڏيٺو ھووَي ھانَ آپرَي وِشواس تي پڪو رھيو۔ ‏28 وِشواس ݾون اُوئي اِسرائيليون نَي حُڪم ڏينو ڪہ او فَسح رو ٻَليدون ڪرَي ھانَ اُوئي رو لوئِي در رَي چوکٽون تي لگاوَي، اِيئي ݾون موت رو فريشتو اُوئون را موڀِي ڏيڪرا ڦِٽا ڪرشَي۔
‏29 وِشواس ݾون اِسرائيلي قوم قُلزم ݾمُوندر ݾون اِيئون نڪريا جھڙا ڪو ݾُوڪوڙِي ڌرتي تي بَي ھَي پڻ جڏي مِصريون اُوئون رو لارو ڪري اِيئون ڪيئو، تو او ٻُوڏي مُوئا۔
‏30 وِشواس ݾون جڏي اِسرائيليون يريحُو شھر رَي چوڌاري ݾات ڏِن چڪر لگايا، تو شھر رِي ڀيت کِري گئِي۔
‏31 وِشواس ݾون خراب لُگائِي راحب بچي گئِي۔ جڏي ايشوَر اُوئي شھر را نافرمون مِنک ماريا، تو راحب اِسرائيلي قوم را جاچُوس خُوشِي ݾون آپ ڪڍي لِڪايا ھتا۔
‏32 ھمَي ھُون وڌيڪ ڪِي ڪونھ؟ اِترو ٽيم ڪونھي ڪہ ھُون جدعُون، برق، سيمسُون، اِفتاھ، دائُود، سيموئيل ھانَ ٻيجَي نبيون را حال ݾُڻائُون۔ ‏33 اُوئون وِشواس رَي ڪري بادشاھون نَي ھرايا، ڪئينڪہ مِنکون ݾچائي ݾون بادشاھي ڪِي، ڪئينڪہ مِنکون نَي او برڪتون مِلئَي جڪون رو ايشوَر اُوئون ݾون واعدو ڪيئو ھتو ھانَ ڪئينڪہ اھڙا ھتا جڪون شينھون را مونڏا بند ڪري ڇوڙيا۔ ‏34 اُوئون ۾ ڪئينڪہ مِنک اھڙا ھتا جڪون ٻَݪتو باݾڏي ٺاڍو ڪيئو ھانَ ڪئينڪہ تلوار ݾون مرڻ ݾون بچي گيا۔ اُوئون ۾ جڪو ڪمزور ھتا او طاقت آݪا ھويا، ڪئينڪہ جنگ ۾ ھِمت آݪا ھويا ھانَ ٻيجَي قوم را لشڪر ناݾاڙي ڇوڙيا۔
‏35 وِشواس ݾون لُگايون نَي آپرا مُوئوڙا جيتا مِليا، ڪئينڪہ مار کائي مري گيا پڻ تو ڀِي آزادي قبُول ڪونھي ڪِي ڪہ ڀڙي جيتا ھوئي اَڃون ڀِي ݾُٺِي زندگِي حاصل ڪرَي۔ ‏36 ڪئينڪہ تي ٺٺولَي ھوئَي ھانَ اُوئون نَي چاٻڪ ھڻيا، ڪئينڪہ ݾونڪڙون ݾون ٻونڌيجي جيل ۾ گيا۔ ‏37 ڪئينڪہ پٿر کائي ٺُپ ماريجا، ڪئينڪہ ڪروت ݾون چيريجا ھانَ ڪئين تلوار ݾون ماريجا۔ ڪئينڪہ رڍون ھانَ ٻڪريون رَي کالون پيري مُحتاجِي، مُصيبت ھانَ بي عِزتي ۾ اِيئا اُوئا ڀٽڪتا رھيا۔ ‏38 اَي دُنيا اُوئون رَي ريوَڻ جھڙِي ڪونھي ھتِي اِيئي رَي ڪري او رڻ پَٽ، جبلون، چُرون ھانَ کڏون ۾ رھيا۔
‏39 اُوئون رَي وِشواس رَي ڪري اُوئون ݾجون رِي بکوڻ ھوئِي، تو ڀِي اُوئون نَي ايشوَر رَي واعدَي ڪيئوڙَي شيون ڪونھي مِلئَي، ‏40 ڪيونڪہ ايشوَر آپڻَي ݾارُو پيل ݾون ݾُٺو بندوبست ڪيئو ھتو۔ ايشوَر رِي مرضِي ھتِي ڪہ او ݾجائِي آپون بِنا ڪامل نِي ڪيئا جاوَي۔