10
شريعت، آوڻ آݪَي ٽيم ۾ مِلڻ آݪَي ݾُٺَي شيون رِي رُگو ڇان ھَي پڻ اُوئون شيون رو اَصلي رُوپ ڪونھي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري شريعت تي ھر ݾال اوج ٻَليدون ڪرڻ ݾون شريعت، ڀگتي ڪرڻ آݪون نَي ڪڏي ڀِي ڪامل ڪري ڪونھي ݾگھِي۔ ‏2 جي شريعت اِيئون ڪري ݾگھتِي، تو پَڇي اُوئي ٻَليدونون رِي ڪو ڀِي ضرُورت ڪونھي ھتِي۔ جي ڀگتي ڪرڻ آݪا ھيڪ گُھمرو پويتر ھوئي جائُون تو، تو پَڇي او آپنَي ڪڏي ڀِي پاپي ڪونھي ݾمجھون تو۔ ‏3 پڻ او ٻَليدون ھر ݾال مِنکون را پاپ ياد ڏيراوَي ھَي۔ ‏4 ڪيونڪہ اَي نامُمڪن ھَي ڪہ ڍگون ھانَ ٻڪرون رو لوئِي پاپ مِٽاوَي۔
‏5 اِيئي رَي ڪري جگت ۾ آوڻ رَي ٽيم مَسيح، ايشوَر نَي ڪھيو ڪہ،
”ٿَي ٻَليدون ھانَ ڀيٽا پسند ڪونھي ڪيئا،
پڻ ٿَي مھارَي ݾارُو ھيڪ ݾَرير ٺاھيو۔
‏6 ٻاݪڻ آݪَي ٻَليدونون ھانَ
پاپون ݾون پويتر ھوئڻ آݪَي ٻَليدونون ݾون
تُو خُوش ڪونھي ھويو۔
‏7 اُوئي ٽيم مھَي ڪھيو ڪہ،
جون شاستر ۾ مھارَي بارَي ۾ لِکيوڙو ھَي،
’اي ايشوَر، جو ھُون حاضر ھون
ڪہ ٿارِي مرضِي پُورِي ڪرون۔‘“
‏8 پيل اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ٻَليدون، ڀيٽائون، ٻاݪڻ آݪا ٻَليدون ھانَ پاپون ݾون پويتر ھوئڻ آݪا ٻَليدون ٿنَي پسند ڪونھي ھانَ اُوئون ݾون تُو خُوش ڪونھي ھويو۔“ جڏي ڪہ او ٻَليدون، شريعت تي ڪيئا جاوَي ھَي۔ ‏9 پَڇي اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ھُون حاضر ھون ڪہ ٿارِي مرضِي پُورِي ڪرون۔“ اِيئي نمُونَي ايشوَر پيلڪو طريقو ختم ڪري نُوئو طريقو پڪو ڪرَي ھَي۔ ‏10 ايشوَر رِي اِيئي مرضِي رَي ڪري آپي يسُوع مَسيح رَي ݾَرير رو ھيڪ گُھمرو ٻَليدون ھوئڻ رَي وسيلَي ھميشا رَي ݾارُو پويتر ڪيئوڙا ھون۔
‏11 ھر ھيڪ ايشوَر رو پُوجاري ھروز اُڀي آپرِي شيوا رو ڪوم ڪرَي ھَي ھانَ گھڙِي گھڙِي او ٻَليدون چاڙھَي ھَي جڪو ڪڏي ڀِي پاپ مِٽاوتا ڪونھي۔ ‏12 پڻ مَسيح ھميشا رَي ݾارُو پاپ مِٽاوڻ رَي ݾارُو ھيڪ گُھمرو ٻَليدون ھوئي ايشوَر رَي ݾاجَي پاݾَي جائي ٻيٺو۔ ‏13 اُوئي ٽيم ݾون او اِيئي اِنتظار ۾ ھَي ڪہ ايشوَر اُوئي را دُشمن اُوئي رَي پگون ھيٺا ڪرَي۔ ‏14 ڪيونڪہ اُوئي ھيڪ گُھمرو ٻَليدون ڏي اُوئون نَي ھميشا رَي ݾارُو ڪامل ڪيئا، جڪو پويتر ڪيئا جاوَي ھَي۔
‏15 پويتر آتما ڀِي گواھِي ڏي آپون نَي اَي ڪَي ھَي ڪہ،
‏16 ”پرميشوَر ڪَي ھَي ڪہ اُوئون ڏِنون ݾون پَڇي
جڪو نُوئو وچن ھُون آپرِي قوم ݾون ڪرين، او اَي ھَي ڪہ
ھُون آپرِي شريعت اُوئون رَي من ۾ راکين
ھانَ اُوئون رَي من تي لِکين۔“
‏17 پَڇي او ڪَي ھَي ڪہ،
”اُوئون را پاپ ھانَ بُڇڙائي،
ھُون ڀڙي ڪڏي ڀِي ياد ڪونھي ڪرون۔“
‏18 ھمَي جڏي پاپون رِي معافي ملِي ھَي، تو پَڇي پاپون رَي ݾارُو ڪَي ڀِي ٻَليدون رِي ضرُورت ڪونھي رئِي۔
وِشواس رو پُورو ڀروسو
‏19 اِيئي رَي ڪري اي وِشواسيون، آپون نَي پُورو ڀروسو ھَي ڪہ آپي يسُوع رَي لوئِي رَي وسيلَي آڪاش ۾ ݾجون ݾون پويتر جگھا ۾ جائي ݾگھون ھون۔ ‏20 يسُوع آپرَي ݾَرير رَي ٻَليدون ݾون آپڻَي ھانَ ݾجون ݾون پويتر جگھا رَي بِچ آݪَي پڙدَي نَي ھٽائي آپڻَي ݾارُو نُوئو ھانَ زندگِي ڏيوَڻ آݪو مارگ کوليو ھَي۔ ‏21 او آپڻو اھڙو موٽو ايشوَر رو پُوجاري ھَي جڪَي رو ايشوَر رَي گھر تي اِختيار ھَي۔ ‏22 ھمَي جڏي آپڻو من پاپون ݾون آڇو اُوجݪو ھويو رو ھانَ آپڻو ݾَرير آڇَي پوڻي ݾون ڌويوڙو ھَي، اِيئي رَي ڪري آئو تو آپي ݾاچَي من ھانَ پُورَي وِشواس ݾون ايشوَر رَي نيڙا ھالون۔ ‏23 آئو تو آپي جڪَي اُميد رو اِقرار ڪرون ھون اُوئي تي پڪا رون ڪيونڪہ جڪَي اِيئي اُميد رو واعدو ڪيئو ھَي او وفادار ھَي۔ ‏24 آئو تو آپي پريم ھانَ نيڪ ڪوم رَي ݾارُو ھيڪَي ٻيجَي ۾ شوق پيدا ڪرڻ تي ڌھيون ڏيئون۔ ‏25 آپي آپت ۾ مِلڻ جُلڻ پونترون نِي، جون ڪئينڪہ مِنکون رِي عادت ھَي۔ اِيئي ݾون ٽاݪ اِيئي بات تي ڌھيون لگائو ڪہ ھيڪَي ٻيجَي نَي حوصلو ڏيئو ڪہ پرڀُو يسُوع رَي پاڇَي آوڻ رو ڏِن نيڙو ھَي۔
‏26 جي آپي ݾچائي اوݪکڻ ݾون پَڇي ڀِي ھرُوڀرُو پاپ ڪرون، تو پَڇي پاپ مِٽاوڻ رَي ݾارُو باقي ڪو ڀِي ٻيجو ٻَليدون بچوڙو ڪونھي۔ ‏27 پَڇي رُگو تموم گھڻو ٻِي ھوشَي ڪہ ايشوَر ڪڏي عدالت ڪرشَي ھانَ جڪو ايشوَر را دُشمن ھَي اُوئون نَي او نرگ رَي باݾڏي ۾ نوکشَي۔ ‏28 جڏي ڪو مِنک مُوسيٰ رِي ڏينوڙِي شريعت ڪونھي منتو، تو بِنا ڪَي دايا رَي ٻي جون تين مِنکون رِي گواھِي تي او ماريو جاوتو۔ ‏29 تو پَڇي خيال ڪرو ڪہ او مِنک ڪترِي گھڻِي سزا رو حقدار ھوشَي جڪَي ايشوَر رَي ڏيڪرَي رو قدر ڪونھي ڪيئو، وچن رَي لوئِي نَي گھٽ ݾمجھو، جڪَي ݾون او پويتر ھويو ھتو ھانَ ڪِرپا ڪرڻ آݪِي آتما رِي بي عِزتي ڪِي ھتِي؟ ‏30 ڪيونڪہ آپي اُوئي نَي اوݪکون ھون جڪَي ڪھيو ڪہ،
”بدلو ليوَڻ مھارو ڪوم ھَي۔
بدلو ھُونج لئين۔“
پَڇي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ،
”پرميشوَر آپرِي قوم رو فيصلو ڪرشَي۔“
‏31 اَي ڪترِي خطرناڪ بات ھَي، جي جيتو ايشوَر آپون نَي سزا ڏيوَڻ رَي ݾارُو جھالَي۔
‏32 او پيلڪا ڏِن ياد ڪرو جڏي ايشوَر ٿونرا من چمڪايا ھتا ھانَ ٿون سخت ڏُک برداش ڪري اُوئون رو مُقابلو ڪيئو ھتو۔ ‏33 ڪڏي بي عِزتي ھانَ ڏُکون رَي ڪري ٿونرو تماشو ھويو ھانَ ڪڏي ٿون اُوئون مِنکون رِي مدد ڪِي جڪو اِيئي نمُونَي ڏُکيا ھتا۔ ‏34 ٿون قيديون رِي ھمدردِي ڪِي ھانَ آپرِي ملڪيت رو لُٽيجڻ خُوشِي ݾون قبُول ڪيئو ڪيونڪہ ٿونَي خبر ھتِي ڪہ ٿون ڪڍي اَڃون ڀِي ݾُٺِي ھانَ ھميشا ريوَڻ آݪِي ملڪيت ھَي۔ ‏35 اِيئي رَي ڪري ايشوَر ۾ اُميد راکو ڪيونڪہ اِيئي رو موٽو اَجر ھَي۔ ‏36 ٿونَي صبر ڪرڻ کپَي ڪہ ٿي ايشوَر رِي مرضِي پُورِي ڪري ݾگھو ھانَ ٿونَي او ݾجو ڪئين ملَي جڪَي رو واعدو ايشوَر ڪيئو ھَي۔ ‏37 ڪيونڪہ شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
”تموم ٿوڙو ٽيم بچو ھَي،
آوڻ آݪو آشَي ھانَ دير ڪونھي ڪرَي۔
‏38 نيڪ مِنک ايشوَر ݾون وفادار ريوَڻ ݾون جيتو ريشَي،
جي او پاڇو ھٽشَي،
تو مھارو من اُوئي ݾون خُوش ڪونھي ھووَي۔“
‏39 پڻ آپي، جڪو پاڇا ھٽَي ھَي اُوئون مئيلا ڪونھي ھون ڪہ برباد ھوئي جائُون، پڻ وِشواس راکي آپرِي جان بچاوڻ آݪا ھون۔