ڌرتي رَي پويتر جگھائون
9
پيلڪَي وچن ۾ ڀگتي را قانُون ھتا ھانَ ڌرتي تي ڀگتي رَي ݾارُو پويتر جگھا ڀِي ھتِي ‏2 يعني ھيڪ تنٻُو لگايو۔ اُوئي رَي پيلڪَي حِصَي ۾ ڏِيئا راکڻ آݪِي شئي ھانَ ھيڪ ٽيبل ھتو جڪَي ماٿَي ايشوَر رَي نون رَي ڪيئوڙَي ٻاٽَي راکيوڙَي ھتَي۔ اُوئي حِصَي نَي ”پويتر جگھا“ ڪيتا۔ ‏3 اُوئي لاري ھيڪ ٻيجو پڙدو ھتو ھانَ اُوئي لاري ھيڪ ٻيجو حِصو ھتو جڪَي رو نون ”ݾجون ݾون پويتر جگھا“ ھتو۔ ‏4 اُوئي ۾ ڌُوپ ڪرڻ رِي جگھا ھتِي جڪَي ماٿَي ݾونَ چاڙھيوڙو ھتو ھانَ وچن رِي ݾنڏُوڪ راکيوڙِي ھتِي جڪَي رَي چوڌاري ݾونَ چاڙھيوڙو ھتو۔ اُوئي ݾنڏُوڪ ۾ من نون رَي آڪاشِي ڌون ݾون ڀريوڙو ݾونَي رو ٺيڪر، ھارُون رِي گيڏِي جڪَي ۾ گئونچ نڪريوڙا ھتا ھانَ پٿر رَي ٻي تڪتَي ڀِي ھتَي جڪون ماٿَي حُڪم لِکيوڙا ھتا۔ ‏5 ݾنڏُوڪ ماٿَي ٻي ڪروبِي يعني آڪاشِي مخلُوق ٺاھيوڙا ھتا جڪو ݾنڏُوڪ رَي ڍڪ ماٿَي ڇان ڪرتا جڪَي نَي ايوَزَي رو ڍڪ ڪيتا۔ ھڻون اَي باتون کولي ݾُڻاوڻ رو موقعيو ڪونھي ھَي۔
‏6 جڏي اَي شيون اِيئي نمُونَي ٺاھيجَي، تو تنٻُو رَي پيلڪَي حِصَي ۾ ايشوَر را پُوجاري، شيوا رو ڪوم ڪرڻ رَي ݾارُو آوتا جاوتا۔ ‏7 پڻ ٻيجَي حِصَي ۾ رُگو ايشوَر رو پُوجاريون رو ݾردار ݾال ۾ ھيڪ گُھمرو جاوتو۔ او ٻَليدون ڪيئوڙَي جِنارون رَي لوئِي بِنا ڪونھي جاوتو۔ او آپرَي ھانَ آپرِي قوم را ڀُل چُڪ ۾ ڪيئوڙَي پاپون رَي ݾارُو ڀيٽا ۾ ڏيتو۔ ‏8 اِيئي ݾون پويتر آتما اَي اِشارو ڏَي ھَي ڪہ جترِي توڻي پيلڪو حِصو آپرَي قانُون ڀيڙو اُڀو ھَي اُترِي توڻي ݾجون ݾون پويتر جگھا رو مارگ مِنکون رَي ݾارُو بند ھَي۔ ‏9 او تنٻُو آج رَي زمونَي رَي ݾارُو ھيڪ مِثال ھَي جڪَي ݾون ظاھر ھَي ڪہ جڪو ڀيٽائون ھانَ ٻَليدون ڏينا جاوَي ھَي، او ڀگتي ڪرڻ آݪون را من پويتر ھانَ صاف ڪري ڪونھي ݾگھتا۔ ‏10 ڪيونڪہ او رُگو کاوڻ پيئڻ ھانَ صاف ھوئڻ رَي ريتون ھَي يعني اھڙا ظاھري قانُون ھَي جڪو اُوئي ٽيم توڻي راکيوڙا ھَي جترِي توڻي نُوئو ݾُڌارو نِي آوَي۔
مَسيح رَي لوئِي ݾون مُگتي
‏11 پڻ ھمَي مَسيح آوڻ آݪَي ݾُٺَي شيون رَي ݾارُو ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ھوئي آيو ھَي۔ او ڌرتي تي مِنکون رَي ٺاھيوڙَي تنٻُو ۾ نا، پڻ اُوئي ݾون وڌيڪ مھانَ ھانَ ڪامل تنٻُو رَي مارگ ݾون ‏12 ݾجون ݾون پويتر جگھا ۾ ھيڪ گُھمرو گيو۔ اوٿ اُوئي ٻڪرون جون ٽوگھڙون رَي لوئِي رَي وسيلَي نا، پڻ آپرَي لوئِي رَي وسيلَي مِنکون نَي ھميشا رِي مُگتي ڏيرائِي۔ ‏13 جوئو، جڏي ٻڪرون ھانَ ڍگون رو لوئِي ھانَ ٽوگھڙِي رِي راک پليت مِنکون تي ڇوٽڻ ݾون اُوئون رو ݾَرير آڇو اُوجݪو ھووَي ھَي، ‏14 تو پَڇي مَسيح رو لوئِي اُوئون ݾون ڀِي وڌيڪ پويتر ڪرشَي جڪَي ھميشا رَي پويتر آتما رَي وسيلَي آپنَي ايشوَر آگھي بي عيب ٻَليدون آݪِي ڪار ڏينو۔ اُوئي رو لوئِي آپڻَي من نَي موت ڏيݾا لي جاوڻ آݪَي ڪومون ݾون پويتر ڪرَي ھَي ڪہ آپي جيتَي ايشوَر رِي ڀگتي ڪرون۔
‏15 اِيئي رَي ڪري مَسيح نُوئَي وچن رو بِچاݪُو ھَي ڪہ جڪون نَي ايشوَر اَڻايا ھَي اُوئون نَي اُوئي رَي واعدَي آݪِي وِراثت ملَي۔ پڻ اُوئي ݾون پيل اَي ضرُوري ھتو ڪہ پيلڪَي وچن رَي ٽيم جڪون مِنکون ڏوھ ڪيئا اُوئون رَي ݾارُو ھيڪ موت ھووَي ڪہ اُوئون نَي پاپون ݾون مُگتي ملَي۔ ‏16 جيٿ وصيت ھَي اوٿ ضرُور ھَي ڪہ وصيت ڪرڻ آݪَي رِي موت رِي ثابُوتِي ھووَي۔ ‏17 اِيئي رَي ڪري جترِي توڻي وصيت ڪرڻ آݪو جيتو ھَي، تو وصيت بي اَثر ھَي ھانَ اُوئي رو اَثر وصيت ڪرڻ آݪَي رِي موت ݾون پَڇي شرُوع ھووَي ھَي۔ ‏18 اِيئي رَي ڪري پيلڪو وچن ڀِي لوئِي بِنا ڪونھي ڪيئوڙو۔ ‏19 جڏي مُوسيٰ شريعت رو ھر ھيڪ حُڪم ݾجِي قوم نَي ݾُڻايو، تو اُوئي ٽوگھڙون ھانَ ٻڪرون رو لوئِي لي اُوئي ۾ پوڻي مِلايو ھانَ اُوئي نَي راتِي اُون ھانَ زُوفا بَڻ رَي ٽاݪيون ݾون توريت شاستر تي ھانَ ݾجِي قوم تي ڇوٽيو ‏20 ھانَ ڪھيو ڪہ،
”اِيئي لوئِي ݾون ايشوَر ٿون ݾون وچن ڪرَي ھَي
اِيئي تي ٿونَي بيوَڻو ھَي۔“
‏21 پَڇي مُوسيٰ اُوئيج نمُونَي پويتر تنٻُو ھانَ ڀگتي رَي ݾجَي شيون تي لوئِي ڇوٽيو۔ ‏22 اَصل ۾ اندازن ݾجَي شيون شريعت تي لوئِي ݾون پويتر ڪيئَي جاوَي ھَي ھانَ بِنا لوئِي بائي معافي ڪونھي۔
مَسيح رو ڪامل ٻَليدون
‏23 اِيئي رَي ڪري اَي ضرُوري ھتو ڪہ آڪاشِي شيون رو نَقل يعني پويتر تنٻُو ھانَ ڀگتي آݪَي شيون جِنارون رَي لوئِي ݾون پويتر ڪيئَي جاوَي پڻ آڪاشِي شيون آپ اُوئي ݾون ݾُٺَي ٻَليدون رَي وسيلَي پويتر ڪيئَي جاوَي۔ ‏24 اِيئي رَي ڪري مَسيح ھاٿ رَي ٺاھيوڙَي پويتر جگھا ۾ ڪونھي گيو جڪو اَصل پويتر جگھا رو نَقل ھَي۔ پڻ او آڪاش تي گيو ڪہ آپڻَي ݾارُو ايشوَر ڪڍي حاضر ھووَي۔ ‏25 ڌرتي آݪَي تنٻُو رو ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ھر ݾال ݾجون ݾون پويتر جگھا ۾ آپرو نا، پڻ جِنارون رو لوئِي لي جاوَي ھَي پڻ مَسيح آپنَي گھڙِي گھڙِي ٻَليدون ڪرڻ رَي ݾارُو ݾُرگ تي ڪونھي جاوتو۔ ‏26 نيتوڻي اُوئي نَي جگت رَي شرُوع ݾون گھڙِي گھڙِي ڏُک ڏيکڻا پڙون تو، پڻ ھمَي زمونَي رِي پڇاڙِي ۾ او ھيڪ گُھمرو ظاھر ھويو ڪہ آپرو ٻَليدون ڏيوَڻ ݾون پاپ مِٽاوَي۔ ‏27 جھڙَي نمُونَي ھر ھيڪ اِنسون رَي ݾارُو ھيڪ گُھمرو مرڻ ھانَ ايشوَر رِي عدالت ۾ حاضر ھوئڻ پڪِي بات ھَي، ‏28 اُوئيج نمُونَي مَسيح ڀِي تموم گھڻَي مِنکون رَي پاپون رَي ݾارُو ھيڪ گُھمرو ٻَليدون ھويو۔ پڻ جڏي او ڀڙي آشَي، تو او پاپون رَي ٻَليدون رَي ݾارُو نا، پڻ اُوئون نَي مُگتي ڏيوَڻ آشَي جڪو اُوئي رَي اِنتظار ۾ ھَي۔