پرڀُو يسُوع مھانَ ݾردار
8
ھمَي جڪو باتون مھي ڪونھ پڙيا اُوئون ۾ ݾجون ݾون موٽِي بات اَي ھَي ڪہ آپڻو ھيڪ اھڙو ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ھَي جڪو آڪاشون ماٿَي جائي مھانَ ايشوَر رَي تخت رَي ݾاجَي پاݾَي ٻيٺو ھَي، 2 جيٿ او اَصل تنٻُو رَي پويتر جگھائون ۾ شيوا رو ڪوم ڪرَي ھَي۔ او پويتر تنٻُو اِنسون نا، پڻ پرميشوَر لگايو ھَي۔3 جھڙَي نمُونَي ھر ھيڪ ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ڀيٽا ھانَ ٻَليدون چاڙھڻ رَي ݾارُو راکيجَي ھَي اِيئي رَي ڪري اَي ضرُوري ھَي ڪہ آپڻَي پُوجاريون رَي ݾردار ڪڍي چڙھاوَي رَي ݾارُو ڪئين ھووَي۔ 4 جي او زمين تي ھويو ھووَنت، تو او ڪڏي ڀِي ايشوَر رو پُوجاري ڪونھي ھووَنت، ڪيونڪہ ايٿ شريعت تي ڀيٽا ڏيوَڻ آݪا موجُود ھَي۔ 5 او ايٿ جڪو شيواداري ھَي او آڪاشِي پويتر تنٻُو آݪِي اَصل شيوا رِي رُگو نَقل ھانَ ڇان ھَي۔ جڏي مُوسيٰ تنٻُو ٺاوڻ آݪو ھتو، تو ايشوَر اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،
”جڪو نمُونو ٿنَي جبل تي بتايوڙو ھَي،
تُو ھر ھيڪ شئي اُوئي جھڙِي ٺائي۔“
6 پڻ ھمَي پرڀُو يسُوع نَي اھڙو ݾُٺو شيوا رو ڪوم مِليو جھڙَي نمُونَي پِروڻَي وچن ݾون نُوئو وچن ݾُٺو ھَي جڪَي رو او بِچاݪُو ھَي۔ اَي وچن ايشوَر رَي اَڃون ڀِي ݾُٺَي واعدَي رَي بُنياد تي ٻاڌوڙو ھَي۔ 7 جي پيلڪَي وچن ۾ گھٽتائِي نِي ھوئِي ھووَنت، تو ڪَي ٻيجَي وچن رِي ضرُورت ڀِي ڪونھي پڙون تو۔ 8 ايشوَر اُوئون را ڏوھ ظاھر ڪري شاستر ۾ ڪھيو ڪہ،
”پرميشوَر ڪَي ھَي ڪہ او ڏِن آشَي
جڏي ھُون اِسرائيليون ھانَ يھُودا رَي گھر ݾون
ھيڪ نُوئو ھانَ اَڃون ڀِي ݾُٺو وچن ڪرين۔
9 او اُوئي وچن جھڙو ڪونھي ھووَي
جڪو مھَي اُوئون رَي ٻاپ ڏاڏون ݾون اُوئي ڏِن ڪيئو
جڏي مِصر مُلڪ ݾون نڪرڻ رَي ٽيم اُوئون رو ھاٿ جھاليو ھتو۔
پڻ او مھارَي ڪيئوڙَي وچن تي پڪا ڪونھي رھيا
اِيئي رَي ڪري مھَي اُوئون تي ڌھيون ڪونھي ڏينو۔
10 پڻ پرميشوَر ڪَي ھَي ڪہ،
ھُون جڪو وچن اِسرائيليون ݾون آوڻ آݪَي ڏِنون ۾ ڪرين او اَي ھَي ڪہ
ھُون آپرِي شريعت اُوئون رَي دِماگ ۾ گھاتين
ھانَ اُوئون رَي من تي لِکين
ھُون اُوئون رو ايشوَر ھوئين
ھانَ او مھارا مِنک ھوشَي۔
11 ھر ھيڪ آپرَي مُلڪ رَي ڪَي ڀِي مِنک
ھانَ آپرَي ڀائي نَي اَي ڪونھي ݾيکاوَي
ڪہ پرميشوَر نَي اوݪک
ڪيونڪہ اُوئون ۾ نِنيا موٽا
ݾجائِي مھنَي اوݪکتا ھوشَي۔
12 اِيئي رَي ڪري ھُون اُوئون رِي بُڇڙائي معاف ڪرين
ھانَ اُوئون را پاپ ڀڙي ڪڏي ڀِي ياد ڪونھي ڪرون۔“
13 جڏي ايشوَر نُوئو وچن ڪيئو، تو اُوئي پيلڪو وچن پِروڻو ڪيئو ھانَ جڪو شئي پِروڻِي ھانَ بيڪار ھووَي ھَي، او ڇيڪِي ختم ھوئي جاوَي ھَي۔