ايشوَر نَي ڪيڪر خُوش راکون
13
ھيڪَي ٻيجَي ݾون ڀايون جھڙو پريم ڪرتا رو۔ 2 مُسافرون رِي ميموڻِي ڪرڻ پونترو نِي، ڪيونڪہ اِيئون ڪرڻ ݾون ڪئينڪہ مِنکون بي خبرِي ۾ فريشتون رِي ميموڻِي ڪِي ھَي۔ 3 جڪو قيد ۾ ھَي، اُوئون نَي اِيئون ياد راکو جھڙا ٿي آپ اُوئون ڀيڙا قيد ھو ھانَ جڪون تي ظُلم ھووَي پڙيو اُوئون نَي اِيئون ياد راکو جھڙا ٿي ڀِي اُوئون ڀيڙا ڏُکون ۾ شامل ھو۔4 بيئان ڪرڻ ݾجون ۾ عِزت رِي بات ݾمجِھي جاوَي۔ ڌڻِي ھانَ لُگائِي ھيڪَي ٻيجَي ݾون وفادار رَي ڪيونڪہ ايشوَر زناڪارون ھانَ بُڇڙون نَي سزا ڏيشَي۔
5 ملڪيت رِي لالچ ݾون آزاد رو۔ جِترو ٿون ڪڍي ھَي اُوئي ۾ خُوش رو ڪيونڪہ ايشوَر آپ ڪھيو ڪہ،
”ھُون ٿنَي ڪڏي ڀِي ڪونھي ڇوڙون
ھانَ نَڪو ڪڏي پونترون۔“
6 اِيئي رَي ڪري آپي پُورَي ڀروسَي ݾون ڪئي ݾگھون ھون ڪہ،
”پرميشوَر مھارو مددگار ھَي،
ھُون ٻيئاجڻ آݪو ڪونھي،
مِنک مھارَي ڪِي ڪرشَي؟“
7 آپرا اَگووڻ ياد راکو جڪون ٿونَي ايشوَر رو نياپو ݾُڻايو ھتو۔ ٿي ݾوچو ڪہ او ڪيڪر آپرِي زندگِي ۾ بُوئا ھانَ جھڙو اُوئون رو وِشواس ھتو ٿي ڀِي اِيئوج بو۔
8 يسُوع مَسيح ڪالھي، آج پڻ ھميشا ھيڪ جھڙو ھَي۔ 9 نمُونَي نمُونَي رَي ھانَ عجيب باتون لاري بَئي گُھمراھ نِي ھويا۔ ٿونرَي ݾارُو ݾُٺو اَي ھَي ڪہ ٿونرا من ايشوَر رِي ڪِرپا ݾون مضبُوط ھووَي، نِي ڪہ اُوئي کاڌَي ݾون، جڪَي نَي کاوڻ ݾون ڪو ڀِي فائدو ڪونھي۔
10 آپون ڪڍي ھيڪ اھڙِي ٻَليدون رِي جگھا ھَي جڪَي ۾ پويتر تنٻُو ۾ شيواداري نَي کاوڻ رو ڪو ڀِي حق ڪونھي۔ 11 ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار پاپون رِي معافي رَي ݾارُو ݾجون ݾون پويتر جگھا ۾ جڪون جِنارون رو لوئِي لي جاوتو، اُوئون نَي تنٻُوئون ݾون اݪگا لي جائي ٻاݪي ڇوڙتو۔ 12 اُوئيج نمُونَي يسُوع ڀِي مِنکون نَي آپرَي لوئِي ݾون پويتر ڪرڻ رَي ݾارُو شھر رَي در رَي ٻاھر ڏُک ݾَھيا۔ 13 اِيئي رَي ڪري آئو آپي تنٻُو ݾون ٻاھر نڪري اُوئي ڪڍي ھالون ھانَ اُوئي رِي بي عِزتي ۾ شامل ھوئون۔ 14 ايٿ آپڻو ڪو ڀِي شھر ڪونھي جڪو ھميشا توڻي رَي پڻ آپون نَي اُوئي شھر رِي اُميد ھَي جڪو آوڻ آݪَي ٽيم ملشَي۔ 15 اِيئي رَي ڪري آئو تو آپي يسُوع رَي وسيلَي ھميشا ايشوَر رِي بڏائي رو ٻَليدون ڪرتا رون يعني آپرَي ھوٺون ݾون اُوئي رَي نون رو اِقرار ڪرون۔ 16 ڀلائي ڪرڻ ھانَ ھيڪَي ٻيجَي رِي مدد ڪرڻ پونترو نِي، ڪيونڪہ ايشوَر اھڙَي ٻَليدون ݾون خُوش ھووَي ھَي۔ 17 آپرَي اَگووڻون رِي ݾُڻو ھانَ اُوئون رِي بات منو، ڪيونڪہ او ٿونرِي آتما رَي فائدَي رَي ݾارُو جاگتا رَي ھَي ھانَ اُوئون نَي ايشوَر آگھي اِيئي رو حِساب ڏيوَڻو پڙشَي۔ ٿي اُوئون رَي باتون منتا رو ڪہ او شيوا رو ڪوم خُوشِي ݾون ڪرَي، نِي ڪہ ڏُک ݾون، نِي تو ٿونَي ڪو ڀِي فائدو ڪونھي ھووَي۔
18 مھورَي ݾارُو پراٿنا ڪرتا رو ڪيونڪہ مھونَي ڀروسو ھَي ڪہ مھورو من صاف ھَي ھانَ مھورِي مرضِي ھَي ڪہ مھي ھر ھيڪ بات ۾ نيڪِي ݾون بون۔ 19 ھُون خاص ڪري ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ ٿي پراٿنا ڪرو ڪہ ھُون ڇيڪو ڀڙي ٿون ڪڍي آئُون۔
جَئي پرڀُو رِي ھانَ پراٿنا
20 ھمَي ݾُک ڏيوَڻ آݪو ايشوَر جڪَي آپڻَي پرڀُو يسُوع نَي ھميشا رَي وچن رَي لوئِي ݾون مُوئوڙون ݾون ڀڙي جيتو ڪيئو، جڪو رڍون رَي ڌراڙ آݪِي ڪار موٽو اَگووڻ ھَي، 21 اوج ايشوَر ٿونَي ھر ھيڪ ݾُٺِي شئي ڏَي ڪہ ٿي اُوئي رِي مرضِي پُورِي ڪرو ھانَ جڪو ڪئين اُوئي نَي پسند ھَي، او يسُوع مَسيح رَي وسيلَي آپون ۾ ڪرتو رَي۔ اُوئي رِي بکوڻ ھميشا ھوتِي رَي، آمين۔
22 اي وِشواسيون، ھُون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ ٿي مھارَي اِيئي ھدايت آݪَي نياپَي تي صبر ݾون ڌھيون ڏيا ڪيونڪہ مھَي ٿونَي ٿوڙَي آکرون ۾ لِکيو ھَي۔ 23 مھارَي طرفون اَي ݾُٺِي خبر ھَي ڪہ آپڻو ڀائي تيمٿيس آزاد ھويو رو۔ جي او ڇيڪو مھَي ڪڍي آيو، تو مھي ٻيئي ٿون ڪڍي آشون۔ 24 آپرَي ݾجَي اَگووڻون ھانَ ݾجَي وِشواسيون نَي جَئي پرڀُو رِي ڪھيا۔ اِٽلي مُلڪ را وِشواسي ڀِي ٿونَي جَئي پرڀُو رِي ڪَي ھَي۔
25 ٿون ݾجو ماٿَي ايشوَر رِي ڪِرپا ھوتِي رَي۔